دوستي جو انتخاب

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ farhan amin laghari طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2016۔

  1. farhan amin laghari

    farhan amin laghari
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2015
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪنهن وقت جي ڳالهہ آهي تہ هڪڙي ڏيڏر ۽ ڪوئي جي وچ ۾ دوست ٿي وئي، جيئن توهان ڄاڻو ٿا تہ ڪوئو خُشڪي جو جانور آهي ۽ ڏيڏر اڪثر وقت پاڻي ۾ رهي ٿو.
    ڪوئي کيِ ڏيڏر جي پاڻي ۾ رهڻ واري عادت ڏاڍو پريشان ڪندي هُئي، ڇو تہ ڏيڏر جڏهن پاڻي۾ هليو ويندو هو تہ ڪوئو ويچارو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تلاء جي ڪيناري تي ويهي ڏيڏر جو انتظار ڪندو هو.
    آخر ٻنهي انهي مسلي جو حل ڳولهي لڌو، ۽ ٻنهي رابطي جو ذريعو ايجاد ڪيو، هڪڙو ڌاڳو کيو جنهن جو هڪ ڇيڙو ڪوئي جي پُڇ ۾ ۽ ٻيو ڏيڏر جي پير ۾ ٻَڌي ڇڏيو، هاڻ جڏهن بہ هنن دوستن کي ملڻو هوندو هيو تہ ڪوئو تلاء تي اچي ڌاڳو ڇڪندو هيو ۽ ڏيڏر ڪناري تي نڪري اِندو هيو.

    هڪڙي ڏينهن ڪرڻ خدا جو ايئين ٿيو جو مٿي آسمان تي هڪڙو باز ڪوئي کي نظر ۾ رڳيو پئي هليو، تنهن موقعو ڏسي ڪوئي کي پڪڙي ۽ اُڏري ويو، هاڻ جيستائي ڌاڳو ڍلو هو ڏيڏر کي ڪا بہ خبر نہ هُئي پر جڏهن ڌاڳو ڇڪجڻ شروع ٿيو تہ ڏيڏر بہ هوا ۾ اُڏرڻ شروع ٿي ويو، هوا ۾ ٻيا بہ ڪجهہ پکي هئا انهن ڏيڏر کان پڇيو ” ڪوئي جي آزمائش تہ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر توکي ڇا ٿيو آهي جو هوا ۾اُڏري پيو؟
    ڏيڏر ندامت مان وراڻيون
    ”هي سڀ غلظ سنگت ۽ انڌي يقين جو نتيجو آهي“

    اسان کي بہ کپي تہ ڏسون اسان جا رابطہ يا سنگت بہ ڪنهن اهڙي شخص سان تہ نہ آهي جيڪو پنهنجن افعالن ذريعي مصيبت ۾ وڃي ۽ گڏ اسان کي بہ مصيبت ۾ وجهي ڇڏي.


    (پروفيسر عبدالجبار شاڪر جي ليڪچر ”ڪڀي ائي مسلم نوجوان تدبر ڀي ڪِيا توني“ مان انتخاب)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏20 اپريل 2016

هن صفحي کي مشهور ڪريو