خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 21 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪرپشن خلاف سارو پاڪستان جنرل راحيل سان گڏ آهي: عمران خان (خبر)
* * .....سواءِ آصف علي زرداري۽ پنجاب جي وزيراعظم نواز شريف جي (تبصرو)

* وفاق 18 ترميم جي باوجود عوام جا حق کائي رهيو آهي: سيد قائم علي شاهه (خبر)
* * جھڙي ريت اوهان جي سنڌ سرڪار، سنڌين جا حق کائي رهي آهي (تبصرو)

* ڪوٽڙي بيراج جي چيف انجنيئر جنيد ميمڻ سميت 2 عملدار نيب هٿان گرفتار (خبر)
* * سنڌي ڪامورو، سڻڀي عهدي تي هجي ۽ رشوت نه وٺي، کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي (تبصرو)

* ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي ته ٽاپ ليول تي ڪرڻي پوندي: پ پ پ سينيٽرمانڊي والا (خبر)
* * آصف زرداري هوندي اهڙا بيان ڏئي، پنهنجي سينيٽري وڃائيندئو ڇا؟ (تبصرو)

* ڪجهه نابالغ سياستدان گند ڦٽو ڪري رهيا آهن: نواز شريف (خبر)
* * ...ساڳي ڳالهه ته اوهان لاءِ به مشهور آهي (تبصرو)
 
Back
Top