منهنجا پرين! او بانورا! او سانورا! گھر ۾ گھرين، چوري ڪرين، کلندو ورين، مان لک چوان، پيرين پوان، پر جو مڙين، او شل جڙين! __________منهنجا پرين! ______________او بانورا! او سانورا! سورج ويو جئن ڍرڪندو، _________________۽ شام لهرايون چڳون، آئين نظر تون مرڪندو..... ______________ڪيڏيون نہ گھرايون هيون، منهن ۾ سندءِ اي آشنا! سو سو سنيها جن ڏنا! جئن ڪنگ اڏريا واءُ ۾، _____________ڦرنديون ڪريون، کنڀڙيون کٿيون، ٿي ويا ڇلا ڦهلاءُ ۾، ___________________جئن ڍنڍ ۾ لهريون اٿيون، تھ ۾ نظر آئين پئي وھ تي بہ لهرائين پئي... پر رات ڦهلايا جڏهن، _____________تارا ٿيا تارا سندءِ، وڻ سانت ۾ آيا جڏهن، ____________آيا نظر چارا سندءِ، گذري ائين ئي رات وئي، تن مان نہ تنهنجي تات وئي... کن ۾ کسي دلڙي وئين، ______________زورآوري پنهنجي بہ ڏس! مهنا ٿيا جو منهن پئين، _____________ڏيساوري پنهنجي بہ ڏس! لنءُ لائجي، پرڀائجي، پوءِ ڇو ائين گھٻرائجي! منهنجا پرين! ______________او بانورا! او سانورا! کن ۾ ڦرين، ويندو رهين، لک ٿو لهين، مان پئي چوان، پيرين پوان، پر جو مڙين، او شل جڙين! _________منهنجاپرين! ______________او بانورا! او سانورا! … مرشد اياز …