مرشد اياز جا ٻول

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ارسلان علي ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2016۔

  1. ارسلان علي ملڪاڻي

    ارسلان علي ملڪاڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 مارچ 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    منهنجا پرين!
    او بانورا! او سانورا!
    گھر ۾ گھرين،
    چوري ڪرين، کلندو ورين،
    مان لک چوان، پيرين پوان،
    پر جو مڙين، او شل جڙين!
    __________منهنجا پرين!
    ______________او بانورا! او سانورا!

    سورج ويو جئن ڍرڪندو،
    _________________۽ شام لهرايون چڳون،
    آئين نظر تون مرڪندو.....
    ______________ڪيڏيون نہ گھرايون هيون،
    منهن ۾ سندءِ اي آشنا!
    سو سو سنيها جن ڏنا!

    جئن ڪنگ اڏريا واءُ ۾،
    _____________ڦرنديون ڪريون، کنڀڙيون کٿيون،
    ٿي ويا ڇلا ڦهلاءُ ۾،
    ___________________جئن ڍنڍ ۾ لهريون اٿيون،
    تھ ۾ نظر آئين پئي
    وھ تي بہ لهرائين پئي...
    پر رات ڦهلايا جڏهن،
    _____________تارا ٿيا تارا سندءِ،
    وڻ سانت ۾ آيا جڏهن،
    ____________آيا نظر چارا سندءِ،
    گذري ائين ئي رات وئي،
    تن مان نہ تنهنجي تات وئي...

    کن ۾ کسي دلڙي وئين،
    ______________زورآوري پنهنجي بہ ڏس!
    مهنا ٿيا جو منهن پئين،
    _____________ڏيساوري پنهنجي بہ ڏس!
    لنءُ لائجي، پرڀائجي،
    پوءِ ڇو ائين گھٻرائجي!

    منهنجا پرين!
    ______________او بانورا! او سانورا!
    کن ۾ ڦرين،
    ويندو رهين، لک ٿو لهين،
    مان پئي چوان، پيرين پوان،
    پر جو مڙين، او شل جڙين!
    _________منهنجاپرين!
    ______________او بانورا! او سانورا!

    … مرشد اياز …
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو