ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ (ڪهاڻي لکڻ جي فن بابت مختصر ۽ جامع سِکيا)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اُهي ليکڪ جيڪي ڪهاڻي لکڻ چاهين ٿا ۽ ڪهاڻي لکڻ جا لوازمات ڄاڻڻ چاهين ٿا اُهي نوجوان دوست عباس ڪوريجو Abbas Korejo جي ڪتاب ”ڪهاڻي جو فن“ جو هي اقتباس ضرور پڙهن. هن اقتباس پڙهڻ لاءِ وقف ٿيندڙ سندن 10-15 منٽ سڄي عُمر لاءِ ڪارائتا رهندا!

    3323 اٽيچمينٽ ڏسو

    عباس ڪوريجو
    روايتي ڪهاڻيءَ جا حامي عام طور مختصر ڪهاڻيءَ جي ستن عنصرن يعني ”پڪڊوطما“ وسيلي تشريح ڪن ٿا. جنهن مطابق:

    پ مان مراد پلاٽ، ڪ مان مراد ڪردارنگاري، ڊ مان مراد ڊائلاگ(مڪالما) و مان واقعو، ط مان طرزِ تحرير(اسلوب) م مان مرڪزي خيال(مقصد) ۽ آخري الف مان مراد اختتام ورتي ويندي آهي.

    پلاٽ Plot :

    واقعي يا واقعن جي ترتيب جو نالو پلاٽ آهي. پلاٽ واقعن جي خاڪي کي چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪردارن کي پيش اچن ٿا. ڪهاڻي يا ناول جون سموريون دلچسپيون ان پلاٽ جي ترتيب سان جڙيل هونديون آهن. پلاٽ ڪهاڻي يا ناول جو روح هوندو آهي. پلاٽ جو دارومدار ڪهاڻي جي بيان تي آهي، ته ڪهڙو واقعو ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو پيش آيو؟ ڪهاڻي جي ماهرن پلاٽ جا به ٽي حصا ڪيا آهن، جن ۾ پهريون ابتدا ، ٻيو عروج ۽ ٽيون انتها. جنهن مان اها مراد ورتي ويندي آهي ته واقعي جي ابتدا ڪيئن ٿي، واقعي ۾ عروج ڪيئن آيو، جنهن ڪري پڙهندڙ جي دلچسپي پڻ شامل ٿي ويندي جو هو ان جي انتها (ڪلائيميڪس) پڻ پڙهڻ پسند ڪندو، پر ضروري ناهي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انتها (ڪلائيميڪس) کان به شروع ٿينديون آهن ته عروج کان ڀي.
    ناليوارو ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب “ انيس انصاري: فن ۽ شخصيت” ۾ پلاٽ جي باري ۾ لکي ٿو:
    “ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ پلاٽ وڏي اهميت رکي ٿو، ڪهاڻي جو تاڃي پيٽو پلاٽ تي ٻڌل هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ پلاٽ ڪهاڻيءَ جي ترتيب ۽ سٽاءَ جو نالو آهي. پلاٽ زندگيءَ جي ڪنهن به واقعي يا حادثي تي مشتمل هوندو آهي، جنهن کي ڪهاڻيڪار هڪ خوبصورت ترتيب ڏئي، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو آهي.” (1)
    مطلب ڪو به واقعو يا حادثو، جنهن تي ڪهاڻي لکي وڃي. ان کي پلاٽ چئبو آهي. هتي اسان حليم بروهيءَ جي ڪهاڻي روپوش جو شروعاتي ٽڪرو مثال طور کڻون ٿا:
    “مون روپوشن جي لسٽ تي نظر ڊوڙائي. ٻه سؤ کان وڌيڪ نالا هئا لسٽ ۾. منهنجو ٽيمپر لوز ٿيڻ لڳو. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ روپوش هجن، تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي هئا، يا نا اهل هئا. مان اٿيس ۽ لسٽ کڻي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿيس.منهنجي وک تکي هئي، تنهنڪري اردلي ڊڪندو منهنجي اڳيان هليو. ڪانفرنس روم جو اردليءَ تڙتڪڙ ۾ در کوليو، ۽ در مان اندر داخل ٿيندي مون ڪَرڙي نظر صوبيدارن تي ڦيرائي جيڪي ٽپ ڏئي ڪرسين تان اٿي کڙا ٿيا هئا. لسٽ ٽيبل تي رکي مون ان تي پنهنجو هٿ رکيو، ۽ صوبيدارن تي نظر ڊوڙائيندي مون چيو ته، “ٻين ڳالهين تي مان ڪنهن ٻي ميٽنگ ۾ ڳالهائيندس. هن لسٽ ۾ مون وٽ انهن روپوشن جا نالا آهن جيڪي حيدرآباد ضلعي جي مختلف ٿاڻن کي ڪيسن ۾ گهربل آهن. هن لسٽ ۾ ٻه سؤ نالا آهن. ٻه سؤ نالا گهٽ ڪينهن. تمام گهڻا آهن. جنهن ضلعي ۾ ٻه سؤ ائبسڪانڊر هجن تنهن ضلعي جا پوليس آفيسر يا ته رشوتي آهن يا نا اهل آهن. جيڪڏهن اوهان رشوتي به نه آهيو ۽ نا اهل به نه آهيو، ته پوءِ هي ٻه سؤ روپوش ڇو اڃان هن لسٽ تي آهن؟ اها ائبسڪانڊرس جي لسٽ هر هڪ ٿاڻي تي هوندي آهي. هر هڪ ٿاڻي تي هنن ائبسڪانڊرس جا فوٽا هوندا آهن. مان ڊائريڪٽ ايس. پي ڀرتي نه ٿيو آهيان. مان صوبيداريءَ مان چڙهي ايس. پي ٿيو آهيان. مون کي خبر آهي، ته صوبيدارن کي خبر هوندي آهي، ته سندن تَر ۾ ڪهڙا روپوش رهندا آهن ۽ ڇا ڪندا آهن.” (2)
    هن ڪهاڻي ۾ هڪ پوليس آفيسر پنهنجي علائقي جي ننڍن عملدارن کي ان علائقي جي روپوشن جي لسٽ بابت ٻڌائيندي حڪم جاري ڪري ٿو ته کيس اهي روپوش حراست ۾ گهرجن، ڇو ته سندس تجربو آهي ته هر ٿاڻي جي حد ۾ رهيل چورن، لوفرن ۽ ڏوهارين جي صوبيدار کي خبر هوندي آهي. هن ڪهاڻي جو پلاٽ پوليس ڊپارٽمينٽ جي ان ايس پي، صوبيدارن ۽ روپوشن جي چوڌاري ڦري ٿو، جن جي لسٽ ٿاڻي تي موجود آهي. ان ڪهاڻي ۾ موجود ان بيان يا گفتگو جي سلسلي کي پلاٽ سڏجي ٿو.

    ڪردار Character:

    ڪردار اهي وجود هوندا آهن، جن جي چوڌاري اهو پلاٽ ڦرندو رهندو آهي. يعنى اهو واقعو جن ماڻهن/جانورن/شين سان پيش آيو، اهي ڪهاڻي جا ڪردار آهن. ڪردار جيئرا جاڳندا ڀي ٿي سگهن ٿا ته بي جان ڀي.
    هونئن ته اڪثر ڪري ماڻهن، جانورن ۽ نظر نه ايندڙ مخلوقن کي ڪهاڻي جو ڪردار تسليم ڪيو ويندو هو پر هاڻي بي جان شيون، ديوار، ڇت، کٽ، پين، چنڊ، ڪتاب وغيره ڪهاڻين ۾ ڪردارن طور ڪتب آندا وڃن ٿا.
    جيئن اسان مٿي حليم بروهيءَ جي ڪهاڻي روپوش جي شروعاتي ٽڪرو رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ نئون ايس پي، حيدرآباد پوليس جي مختلف ٿاڻن جي صوبيدارن سان گفتگو ڪندي روپوشن جي لسٽ پيش ڪري ٿو. مٿين ٽڪري ۾ اهو ايس پي، سڀ صوبيدار ۽ اهي روپوش ان ڪهاڻيءَ جا ڪردار آهن، باقي بيجان شين کي ڪردار طور استعمال ڪرڻ جو مثال پائلو ڪوهلو جي “پينسل” ڪهاڻيءَ مان پيش ڪريان ٿو:
    “هڪ ڇوڪرو پنهنجي ڏاڏيءَ کي خط لکندي ڏسي رهيو هو ۽ نيٺ کانئس پڇائين: “ڇا توهان ان بابت ڪهاڻي لکي رهيا آهيو، جيڪو سڀ اسان ڪيو آهي؟ ڇا هي ڪهاڻي منهنجي باري ۾ آهي؟ سندس ڏاڏي خط لکڻ بند ڪيو ۽ پنهنجي پوٽي کي چوڻ لڳي، “مان واقعي تنهنجي باري ۾ لکي رهي آهيان، پر حقيقي لفظن کان وڌيڪ هيءَ پينسل جيڪا مان استعمال ڪري رهي آهيان، اها اهم آهي. مان اميد ٿي ڪيان ته جڏهن تون وڏو ٿئين ته هن پينسل جيئن هجين”
    پريشان ٿيندي، ڇوڪري پينسل ڏينهن ڏٺو، جنهن ۾ هن کي ڪا شيءِ نظر نه آئي.
    “پر اها ته ٻين عام پينسل جيئن آهي.”
    “اهو ته توتي آهي ته تون شين کي ڪيئن ٿو ڏسين، انهيءَ ۾ 5 خاصيتون آهن جيڪي اگر تون هنڊائين ته توکي هڪ پرامن ۽ پرسڪون ماڻهو بڻائينديون.” ڏاڏي چيو ۽ ڳالهه کي جاري رکيو.” (3)
    مٿي ذڪر ڪيل ڪهاڻيءَ ۾ پينسل کي هڪ ڪردار طور پيش ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح مختلف بيجان شين کي ڪهاڻين ۾ ڪردارن طور ڪتب آندو ويندو آهي.

    ڊائلاگ (مڪالما) Dialogue :

    ڪردارن پاران ڪيل گفتگو يا ڳالهه ٻولهه کي مڪالما Dialogues سڏبو آهي. مڪالما ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي جان ٿين ٿا، ڪهاڻين جو هيئت جي لحاظ کان هڪڙو قسم ڊائلاگ ڪهاڻي پڻ آهي. مڪالمن ذريعي ڪهاڻي جي ڪردارن توڙي پلاٽ کي واضح ڪيو ويندو آهي. مڪالما ٻن ڪردارن جي وچ ۾ يا هڪڙي ئي ڪردار جي ذهني ڪيفيت ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن.
    هتي اسان نسيم کرل جي مشهور ڪهاڻي ڪافر مان ڪجهه ڊائلاگ/مڪالما مثال طور پيش ڪريون ٿا:
    “جڏھن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏھن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو:“بابا، تون ۽ مائي ٽلي، دين محمدي قبول ڪرڻ گھرو ٿا؟”
    “ھا مولبي صاحب.”
    “پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟”
    “پنهنجي رجا سان، سائين.”
    “تون به مائي ٽلي؟”
    “ھا سائين.” ھڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اھو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: “ٻڌو ٿا برادران؟”
    “ھا ٻڌون ٿا.” گھڻن جماعتين جواب ڏنو.
    مولوي صاحب اشھد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: “اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ، اي الله! تون شاھد ھججانءِ.” ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: “روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙھندين؟”
    “ھا سائين، روجا به رکندس ۽ نماج به پڙھندس.”
    “سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.”
    “رکائيندس.” سيتل، صدق دل سان چيو.”(3)
    مٿي ذڪر ڪيل ٽڪري ۾ مسجد جي مولوي ۽ اوڏن جي نئين مسلمان ٿيندڙ جوڙي سيتل ۽ جوڻس ٽليءَ جي گفتگو ڏيکاري وئي آهي، جنهن کي ڪهاڻي يا افساني ۾ ڊائلاگ يا مڪالما سڏبو آهي.

    واقعو Incident:

    هتي واقعي مان مراد پلاٽ جو اهو مرڪزي مونجهاروCrisis آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ جو روح آهي، جنهن تي اها ڪهاڻي آڌاريل آهي. دراصل واقعو يا حادثو ئي ان ڪهاڻيءَ جو روح هوندو آهي ۽ پلاٽ ان کي پيش ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي.
    واقعي جو ذڪر اسان جنرلزم جي شاگردن کي ڳالهه ۽ خبر جي فرق معلوم ڪرڻ واري انداز طور پيش ڪري آيا آهيون ته جڏهن ڪتو ڪنهن ماڻهوءَ کي چڪ پائي ٿو ته اهو واقعو آهي، جيڪڏهن ماڻهو ان ڪتي کي چڪ پائي ته اها خبر آهي. واقعو ڪنهن به ماڻهو، جانور، شيءَ يا فطرت اندر پيش آيل ڪنهن اوچتي تبديليءَ جو نالو آهي. ماڻهوءَ جو مري وڃڻ، دل ٽٽڻ، حادثو ٿيڻ وغيره کي واقعو تصور ڪيو ويندو آهي. ڪهاڻيءَ يا افساني ۾ واقعو ان مرڪزي ڳالهه کي سڏيو ويندو آهي، جنهن تي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ٻڌل هوندو آهي.
    واقعي کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هتي نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي ڪهاڻي “مالِ غنيمت” مان ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
    “استاد مٺل چڱو ڀلو هو. معمول مطابق رات جو ٻارنهن وڳي پنڪچر جو دڪان بند ڪري گھر پهتو. هٿ منهن ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو. جوڻهس چانور ۽ پٽاٽا اڳيان آڻي رکيا. کائي کير جو وٽو پي، اوڳرائي ڏئي، اڃا ليٽيو مس ته اوچتو سيني ۾ سور جي سٽ اُڀريس. دانهن ڪري چيائين: ‘نصيبان الائي ڇا ٿو ٿئي!؟’ جيستائين نصيبان پاڙي جي ڊاڪٽر (ڪمپائونڊر) ڏي ڀڳي، وٺي آئي، تيستائين ساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
    سڄو پاڙو صبح سان اٿلي پيو. استاد مٺل جي سڀ سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي. ڪنهن سان ڏند اگھاڙي نه ڳالهائين، نه ڊيگھه رکيائين. ڪم سان ڪم رکڻ وارو شخص هيو. جنهن ٻڌو سو لڙي آيو.”(5)
    مٿي بيان ڪيل ٽڪري ۾ استاد مٺل جي اوچتي مرڻ جو واقعو پيش اچي ٿو، ۽ اڳتي هلي اهو ان جي زال ۽ ڌيئرن لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو، ڇو ته ان جي مُئي پڄاڻان اهي نڌڻڪيون بڻجي مٽن مائٽن لاءِ مالِ غنيمت بڻجي وڃن ٿيون.

    طرزِ تحرير (اسلوب) Diction :

    خيالات بيان ڪرڻ ۽ جذبات ظاهر ڪرڻ جي ڍنگ جو نالو اسلوب آهي. اسلوب ليکڪ جي لکت جو ڏانءُ ظاهر ڪندو آهي، جنهن مان اهو پتو لڳائي سگهجي ٿو ته ليکڪ ڪهڙن لفظن وسيلي خيالن جي ادائگي ڪري ٿو. اسلوب کي مصنف جي شخصيت جو مظهر سڏيو ويندو آهي. اسلوب نثر ۽ نظم ۾ الڳ الڳ مفهوم رکي ٿو. جنهن به ليکڪ جي لکڻيءَ ۾ انفراديت هوندي آهي ته ان کي الڳ يا منفرد لهجي يا اسلوب وارو ليکڪ تسليم ڪيو ويندو آهي، مثال امر جليل جي ڪهاڻين يا ناولن ۾ انتهائي سنجيدهه موضوع هجڻ باوجود کلڻ يا مسڪرائڻ تي مجبور ڪندڙ چهنڊڙيون موجود هونديون آهن، جمال ابڙي جي تحرير ۾ انتهائي اختصار ۽ ڪهاڻي جي پلاٽ مطابق ئي گفتگو هوندي آهي، لفظن جي چونڊ انتهائي موزون ۽ ماحول مطابق هوندي آهي. نسيم کرل جي لکڻين ۾ اڳتي وڌڻ واري رواني پيش ڪيل هوندي آهي، ان جي ڪهاڻيءَ ۾ ماضيءَ جي فليش بئڪ جو استعمال بلڪل ناهي، تنهن ڪري ان کي کَلَ جو ڪهاڻيڪار سڏيو ويندو آهي، جنهن جو تعلق ٻاهر جي دنيا سان آهي، اندر جي دنيا سان نه. ان قسم جي انفراديت کي اسلوب سڏجي ٿو.
    نوٽ: اسلوب جو سڌوسنئون واسطو ڪهاڻيءَ سان ناهي، دراصل اسلوب ليکڪ جي لکڻ جو انداز هوندو آهي.

    مرڪزي خيال Theme:

    مرڪزي خيال ان نڪتي کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن خيال کان اها ڪهاڻي لکي وئي آهي، يعنى ان ڪهاڻي بيان ڪرڻ پويان درحقيقت ڪهڙو مقصد آهي. آيا ڪهاڻيڪار فقط تفريح واسطي اهو قصو بيان ڪيو آهي يا هو ان وسيلي ڪو نه ڪو پيغام پڻ ڏيڻ چاهي ٿو. مثال طور جمال ابڙي جي ڪهاڻي پشو پاشا پويان ڪهڙو مقصد رکيل آهي، نجم عباسيءَ جي ڪهاڻي ڇوڏو ڪهڙو پيغام ڏئي رهي آهي يا امر جليل جي افساني اروڙ جو مست ۾ ڪهڙي مقصديت لڪل آهي. مرڪزي خيال دراصل اها مقصديت آهي، جيڪا ان واقعي يا حادثي بيان ڪرڻ پٺيان لڪل آهي. پشو پاشا جو مرڪزي خيال اهو آهي ته عدل ۽ انصاف لاءِ اٿي کڙو ٿيل هڪ جهنگلي ڪردار جڏهن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪورٽ پهچي ٿو ته ان سان گڏ هڪ تمام وڏو سٿ پڻ اتي فيصلو ٻڌڻ پهچي وڃي ٿو. هن ڪهاڻي جو مرڪزي خيال طبقاتي نظام خلاف هيٺين طبقي جي جدوجهد آهي، اهڙي طرح ڇوڏو ۽ اروڙ جو مست ڪهاڻين جو مرڪزي خيال عقيدي پرستيءَ کي نندڻ آهي.

    اختتام Climax :

    پڄاڻي وسيلي ليکڪ ان مرڪزي خيال بابت ڪونه ڪو پيغام ڏيندو آهي. جنهن مان ان واقعي جو حل پڻ معلوم ٿيندو آهي. اختتام هميشه غير متوقع هجڻ گهرجي، فلمن يا لوڪ ڪهاڻين جيان هيرو جي فتح ۽ ولين جي ناڪامي يا بربادي واري رواجي اختتام کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اختتام انتهائي انوکو ۽ ڇرڪائيندڙ هجڻ کپي، جيڪو پڙهندڙ جي توقعات جي ابتڙ هجي يا کيس سوچڻ تي مجبور ڪري.

    حوالا:
    (1) انصاري، اشتياق، “انيس انصاري: فن ۽ شخصيت”، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2008ع
    (2) انٽرنيٽ تان کنيل
    (3) لاشاري، ثقلين، ترجمو:“پائلوڪوهلو جون ڪهاڻيون”، ماهوار وائيس آف سنڌ قمبر، 2008ع
    (4) نسيم کرل، “نسيم کرل جون ڪهاڻيون”، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع
    (5) ڪوهيار، منظور، “سچا ڪوڙا رشتا”، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2007ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو