خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 28 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* وفاقي ڪابينا 100 ارب روپين جا ٽيڪس مڙهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو (خبر)
* * لڳي ٿو ته نواز شريف عوام جو رت چوسي، پوءِ ئي دم پٽيندو (تبصرو)

* تعليم تي مجموعي پيداوار جو رڳو پوڻا ٽي سيڪڙو خرچ (خبر)
* * تعليم کي ايڏي گھٽ اهميت، جهالت جي وڏي نشاني..!! (تبصرو)

*سنڌ سرڪار طرفان نئين مالي سال کان ڀرتين تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو (خبر)
* * ٻين لفظن ۾ سنڌ جي وزيرن جا ڀاڳ کُلڻ وارا آهن (تبصرو)

* حافظ آباد، پنجاب ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي چوڌرين، ڊاڪٽر جون ٽنگون ٽوڙي ڇڏيون (خبر)
* * ....جيئن پنجاب، رهيل ٽن صوبن جون ٽنگون ٽوڙيندو رهندو آهي (تبصرو)

* وڏي وزير جي صدارت هيٺ گڏجاڻيءَ ۾ ٿر بابت سفارشن تي ويچار(خبر)
* * قائم علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ 8 ورهين کان رڳو ويچار ئي ويچار ٿيندو رهيو آهي(تبصرو)
 
Back
Top