مختصر ڪهاڻي .. ”ننڍڙا فلاسافر” .... رسول بخش جوڻيجو

'مختلف موضوع' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2016۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    مختصر ڪهاڻي

    ننڍڙا فلاسافر

    رسول بخش جوڻيجو

    پهرين درجي جو استاد هريش ڏياري جي موڪلن تي ڳوٺ هليو ويو هو، جنهن ڪري پرنسيپال منهنجو فڪسچر پئرڊ پهرين ڪلاس ۾ لڳائي ڇڏيو هو.

    ڪلاس ۾ ويندئي ننڍڙن ٻارن کي “گُڊ مارننگ ٻارو” مون چيو ته جواب ۾ سڀني ٻارن هڪ آواز ۾ چيو “گُڊ مارننگ سر” .

    ان کانپوءِ مون ٻارن کي منهنجو ۽ ٻارن کان سندن تعارف پڇڻ بعد ٻارن کي مخاطب ٿي چيو “ ٻارو ! اوهان جو ٽيچر هريش ڏياري جي موڪل تي ڳوٺ هليو ويو آهي، ان ڪري اڄ مان توهان کي پڙهائندس”.

    اهو ٻڌي اڳيان ويٺل هڪ ننڍڙي سوچيندي سوال ڪيو.

    “سر! ڏياري ڇا آهي.؟”

    “پٽ! ڏياري هندو ڌرم جو هڪ مذهبي تهوار آهي، جنهن ۾ ڏيئا ٻاربا آهن ۽ ڦٽاڪن جا ٺڪا به ڪرائبا آهن.”

    وري اڳيان ويٺل هڪ ننڍڙي ڏاڍي معصوميت واري انداز سان پڇڻ لڳي؛

    “سر! اها ڏياري اسان مسلمان ڇو ڪا نه ملهائيندا آهيون؟”

    چيومانس “پٽ! هر مذهب جا الڳ الڳ تهوار ۽ رسمون هونديون آهن. اسان قرباني واري عيد تي جانورن کي ذبح ڪري قرباني ڏيندا آهيون اهيا اسان مسلمانن جي رسم به آهي ۽ سنت به.”

    اڃان مون مس اهيو جواب پورو ڪيو ته هڪ ننڍڙي حيران ٿيندي مون کان پڇيو؛ “سر! پوءِ اسان مسلمان ، هُو هندو اهيو ڪيئين ٿياسين؟“

    اڃان اهيو ننڍڙي مس سوال پورو ڪيو ته وري ٻي ڪنڊ ۾ ويٺل ننڍڙي اٿي بيهي پڇيو؛ “سر! پوءِ اِهي سڀ مذهب الله سائين ٺاهيا آهن؟“

    مون وٽ انهن ٻنهي سوالن جو هڪ جواب هيو، چيومان ته

    “نه پٽ ! الله سائين مذهبن کي ڪا نه ٺاهيو آهي، الله سائين ته صرف انسانن کي ٺاهيو آهي ۽ انسانن وري مذهبن کي ٺاهيو آهي.”

    اهو ٻڌائڻ کانپوءِ پوري ڪلاس جي ٻارن ڏانهن هڪ سرسري نظر ڦيرائي، پويان آخري ڊيسڪ تي ويٺل هڪ ننڍڙي مون ڏانهن سواليه انداز ۾ نهاري رهي هئي، مون کي محسوس ٿيو ته هُو ڪجهه پڇڻ ٿي چاهي پر شايد اظهار ڪرڻ لاءِ لفظن جو ساٿ هُن کان ڇڏائجي ويو هُو يا وري هُو اظهارڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪري رهي هئي. ويجهو وڃي کائنس پڇيومانس؛

    “پٽ! توهان به شايد ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا.”

    هٻڪندي هٻڪندي پڇڻ لڳي “الله سائين هندو آهي يا مسلمان؟“

    مون مٿي تي هٿ رکي پيار ڏيندي چيومانس؛ “پٽ الله سائين جو ته ڪو به مذهب ناهي، هُو نه هندو آهي ۽ نه وري مسلمان.”

    ان ننڍڙي جي ڀرسان ويٺل هڪ ٻي ننڍڙي جي اکين ۾ ڪجهه چوڻ جي حسرت ليا پائي رهي هئي.

    چيومانس “پٽ توهان به ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا؟”

    هُو بي ڌڙڪ چوڻ لڳي؛ “ها سر! اسان کي قرآن پڙهائيندڙ مولوي چيو ته جنهن جو ڪو مذهب ناهي، اهو ڪافر آهي، ته پوءِ خدا جو به ڪو مذهب ناهي، ڇا خدا به ڪافر آهي؟”

    ڇا چوان؟ مان پاڻ منجهي بيهي رهيو هئس، مُلن جي ملڪ ۾ اهڙا سوال پڇڻ به گناهه سمجهيو ويندو آهي. مان پاڻ ان جواب جي ڳولا ۾ سوچن جي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي گوتا کائيندو رهيس تان جو ڪلاس ختم ٿيڻ جو گهنڊ وڄي چُڪو هو ۽ مان هُن ننڍڙي فلاسافر جي سوال جي جواب ڏيڻ بنا ٻاهر هليو ويس ۽ هُو ننڍڙي منهنجي منهن ۾ جواب ٻڌڻ لاءِ بيتابي سان نهاري رهي هئي.

    ٻاهر وڃي رهيو هئس ته هڪ استاد دوست حُسين مون کي سوچن جي سمنڊ ۾ گوتا کائيندي ڏسي، مون ڏانهن اڳتي وڌي آيو ۽ آهستي چوڻ لڳو ته

    “اسد صاحب توهان پريشان نظر اچي رهيا آهيو، خير ته آهي؟“

    مون کيس پريشانيه انداز ۾ چيومانس “ بس حُسين يار سوچيان پيو ته مون کي سنڌ جو هر ٻار فلاسافر ڇو لڳندو آهي؟ پر اڳتي جڏهن هو ڪلاسن جا درجا طئي ڪري ٻئين ، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڪلاس ۾ ايندو آهي ته سنڌ جي انهن ٻارن جا ذهن انڌن عقيدن سان مُڏا ڪيا ويندا آهن.”

    حُسين کي ڪلاس واري سڄي حقيقت ٻڌائڻ کانپوءِ چيومانس “ اسان جي ٻارن جي ذهنن ۾ ننڍي هوندي کان خدا سان محبت جي بدران خدا کان خوفزده ٿيڻ جون نصيحتون ڀريون وينديون آهن، خدا بابت سوال پڇڻ کي گناهه سمجهيو ويندو آهي. اهڙي معاشري ۾ اسان وٽ فلاسافر گهٽ پر پڙهيل لکيل جاهل وڌيڪ ملندا جيڪي معصوم ٻارن جي دلين ۾ قيامت جو خوف برپا ڪندا آهن.

    وري ساهي کائي چوڻ لڳس ته “بس يار مُلن جي هوندي اسان وٽ فلاسافر ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهندا. پر مون کي يقين آهي ته سنڌ ۾ جڏهن لطيف جي واين کي ورجائبو ۽ سنڌ ۾ صوفيزم جا ساز ڇڙندا ۽ جڏهن سنڌ مذهبي رواداري جي طرف ٻيهر سفر ڪرڻ لڳندي ۽ پوءِ سنڌ جي ننڍڙن سوچيندڙ فلاسافرن تان مُلن جو سايو هٽڻ لڳندو ۽ هُو پنهنجي ذهنن کي آزادي سان استعمال ڪرڻ لڳندا ۽ پوءِ سنڌ ڏاهن جي هڪ ٻي ديس يونان جو ڏيک ڏيڻ لڳندي .”

    اها ڳالهه ٻڌي حسين هڪ پُراميد مُرڪ مُرڪي، ڄڻ منهنجي سپنن جي ساڀيان ٿي ويئي هجي. اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ حسين کي ياد آيو ته هُن کي ڪلاس وٺڻ لاءِ وڃڻو هو. پوء هُوِ ته روانو ٿي ويو ۽ آئون سنڌ جي روشن مستقبل جا خواب ڏسندو رهيس.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 اپريل 2016
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڇا لکان مان اوهانجي ڪهاڻي تي ؟ ڪڇان ته ڪافر !
     
  3. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    سائين ڪا ته راء ڏيو ... اسان لاء توهان جي راء قيمتي هوندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sooraj Bharat HaNs

    Sooraj Bharat HaNs
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 اپريل 2016
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٿرپارڪر
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,273
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زبردست ڪھاڻي
    ٻار معصوم ھوندا آھن.
    انھن جا سوال بہ معصوم ۽ معنا ڀريا ھوندا آھن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو