اسان کي لکڻ گهرجي (ڪتاب: خوابن جي ڊائري. ليکڪ: فهيم نوناري

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2016۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    محمد يوسف جويو

    اسان کي لکڻ گهرجي.....

    هر پڙهئي لِکئي ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ گهڻائي ڪم ڪرڻا ٿا پون هو ذميوار آهي ته پوءِ هن جي زندگيءَ جو هر پل ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ گذري ٿو ۽ وقت وڃي ٿو تيزيءَ سان گذرندو خبر ئي ڪانه ٿي پئي ته هيءَ هيڏي اري ترقي ٿي آهي سا ڪيئن ٿي آهي؟ ۽ جيڪو وقت گذري ويو آهي سو ڪيئن ماڻهن گذاريو آهي. هاڻ گذريل وقت کي ڪيئن ڳوليون ۽ ان جي اسان کي ڪيئن خبر پوي ته گذاريل وقت ماڻهن ڪهڙي مصروفيت سان ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪم ڪندي وقت گذاريو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان کي پڙهڻون پوندو ۽ لکڻون پوندو، ان کان به وڌيڪ اسان لکيل پڙهيل ماڻهن کي دنيا جهان جي هر ڪم سان گڏ هڪ هي به ڪم ڪرڻ گهرجي ته اسان ٿورو وقت ڪڍي ڪجهه نه ڪجهه لکون ضرور! ڀلا ٻيو نه ته هڪ روز مره جي ڏهاڙيءَ واري ڪرت جو احوال ته لکونيا ايئن کڻي چوان ته ڏهاڙي جو ڪاروهنوار ڪندي گذاريون ٿا، تنهن جو ئي احوال هڪ روزنامچي (ڊائري) جي صورت ۾ لکون. ها! دنيا جي وڏن ماڻهن جا ته وڏا وڏا ڪتاب لکيل آهن جن ۾ تاريخ تي ڪتاب، ناول، ڪهاڻيون، ڊرامه، شعري، مضمون ۽ سفر نامه وغيره پر انهن ڊائريون به لکيون آهن مثال طور اسان رڳو سنڌ جي حوالي سان ڳالهايون ته طارق اشرف، عبدالواحد آريسر، سائين ظفر حسن، سائين جي ايم سيد جون ڊائريون وغيره ته وري ڪن سفرناما پڻ لکيا آهن، جيئن سنڌ جو مشهور ليکڪ الطاف شيخ سڄي دنيا جي ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. هاڻ جڏهن اسان انهن جا اهي لکيل ليک يا ڪتاب پڙهنداسين ته اسان کي دنيا جي متعلق ڄاڻ ملندي ته بدلجندڙ دنيا جي ترقي ڪيئن ٿي آهي. منهنجي ڄاڻ مطابق سفرناما ۽ ڊائريون پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهن، ڊائرين مان حقيقي تاريخ ملي ٿي سو اسان کي لکڻ گهرجي ۽ ڊائري ته ضرور لکڻ گهرجي.

    فهيم نوناريءَ جو هي ڪتاب ”خوابن جي ڊائري“ به هڪ سچي تاريخ، ادب ۽ سفرنامي جو حقيقي ڏيک آهي. فهيم نوناري صاحب بنيادي طور انگريزي ادب جو استاد آهي هن وقت هي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ انگريزي مضمون جو ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، فهيم پاڻ سفر جو شوقين ، ادب پڙهندڙ ، لکندڙ ، محقق ۽ سماج سڌارڪ اهڙو جو پنهنجي قوم جي نوجوانن کي پڙهائڻ، سڌارڻ ۽ زندگيءَ جي جدوجهد ۾ اڳڀرو آڻڻ لاءِ وڏا جتن ڪندو رهندو آهي، بلڪل شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت وانگي

    هلڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيائي مرڪ

    وجهن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راهه ۾

    هي پاڻ به هلي ٿو ۽ پنهنجا سڄڻ به ساڻ کڻي هلي ٿو اها هن جي فطرت آهي. سندس هي ڪتاب، ڊائري جي ورقن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب بابت سائين محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”هي سفر نامو ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيل هڪ اهڙو تاريخي دستاويز آهي جيڪو، نه فقط ليکڪ جي ذاتي مشاهدن ۽ تجربن تي آڌاريل آهي پر مختلف رنگن ۽ نسلن جي ماڻهن جون ڪهاڻيون ۽ قصا پڻ بيان ڪري ٿو. فهيم جي ڊائريءَ ۾ سوين رنگ روپ آهن، جيڪي ان وقت ظاهر ٿين ٿا جڏهن ماڻهو انهن کي پڙهي ٿو.“ ها هيءَ ڊائري نالي سان خوابن جي ڊائري آهي پر اصل ۾ هيءَ کليل اکين سان ڏٺل حقيقت پسندن جي ڊائري آهي، هن ۾ فهيم صاحب جيڪي به ملڪ گهميا آهن تن جو احوال، جن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون تن جو احوال ڏاڍي سٺي نموني سان لکيو آهي، هن ۾ همت، حوصلي ۽ ڏاهپ جا ڏس ڏنل آهن. هي ڪتاب چئين حصن ۾ ورهايل آهي هڪ ڪتاب ۽ ليکڪ بابت تاثر، ٻيو ڊائريءَ جا ورق ، ٽيون فوٽون ۽ چوٿين حصي ۾ هن جا مختلف ادارن سان اسڪالرشپ بابت لکپڙه (ليٽرس) وغيره ڏنل آهن. ڊائري جيڪا هن پرڏيهه جي مختلف ملڪن ۾ ويهي لکي آهي، تنهن جي هر مني تي هن پنهنجي مارن، پنهنجي وطن، پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي دوستن ساٿين کي ياد ڪيو آهي، انهن کي خوابن ۾ پاڻ سان گڏ ڀانيون آهي ۽ گڏو گڏ سنڌ جي محب وطن شاعرن، اديبن کي پڻ پاڻ سان ياد ڪيو آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته هر نئين ڏينهن جي لکيل ڊائري ورق ۾ ڪنهن نه ڪنهن شاعر جو شعر، قول يا ان سان ڪا نه ڪا وابسطه ڳالهه، واقعو ضرور لکيو آهي. اها هن جي پنهنجي ماڻهن سان سچائي ۽ انتهائي جي محبت آهي.فهيم صاحب مختلف ملڪ گهميو آهي ۽ انهن ملڪن مان هن ڪا نه ڪا تعليم جي ڊگري حاصل ڪئي آهي جن ملڪن ۾ هي ويو انهن ۾ آمريڪا، يورپ، ايشياءِ جا مختلف ملڪ ۽ عرب دنيا هن ڏسي ورتي آهي. سو هي ڪتاب وڏي معلومات وارو آهي، هن ۾ مختلف ملڪن جي سير بابت پر اختصار سان لکيل آهي ان سان گڏو گڏ هن ۾ تعليم، تاريخ، ادب، ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي پڻ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ فهيم صاحب جي مختلف ادارن سان لکپڙهه جي ڪاغذن جا عڪس پڻ ڏنا آهن جن ۾ خاص طور فل برائيٽ اسڪالرشپ جي حوالي سان آهن هن مان اسان جا اهي نوجوان جيڪي پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن يا وري اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا سو انهن لاءِ هي ڪتاب وڏي رهنمائي وارو آهي فهيم پنهنجي فطرت جي مطابق اتساهه ۽ همٿائيندڙ ڪتاب لکيو آهي ۽ اسان جي نوجوانن کي هي ضرور پڙهڻ گهرجي.

    نوٽ : ڪتاب ”خوابن جي ڊائري“ ليکڪ: فهيم نوناري جي ڪتاب تي تبصرو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو