وڪيپيڊيا تي ٿورو تعارف ته ڪرايو

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    وڪيپيڊيا تي ٿورو تعارف ته ڪرايو

    سڄي دنيا ۾ هاڻي زندگيءَ جي ڪاروهنوار جون تشبيهون مٽجي رهيون آهن. اهي ڏينهن ويا جڏهن بادشاه اشرفين ۾ ترندا هئا، پر هاڻي مادي دولت جي جڳهه تي دماغي دولت ڳڻجي رهي آهي. انٽرنيٽ جي دنيا هاڻي سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي پاڻ ۾ سلهاڙي ڇڏيو آهي. اڄ اسان پائلو کي به پڙهون ٿا ته ايلون ٽافلر جا ڪتاب به پنهنجي مطالعي ۾ رکئون ٿا. ٺيڪ ان وقت ٿورو پنهنجي ڌرتيءَ تي به اک رکجي ۽ سمجھجي ته ڇا پنهنجي سنڌ صفا ”سنڍ“ ٿي وئي آهي ڇا؟ جو اسان پوري دنيا کي ڏيکاري سگھئون ته اسان به آهيون، اسان وٽ به ڪمال جا ڏاها هئا ۽ آهن جن ڌرتيءَ تي پيار، امن جا ڪبوتر اڏايا ته سانئنسي کوجون به ڪيون...!
    ان ڪري هاڻي ضروري ٿي پيو آهي ته انگريزي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سرموڙ ڪردارن کي سڄي دنيا جي برڙ باڪاس انسائڪلو پيڊيا يعني وڪيپيڊيا تي پنهنجي وڏهن ماهرن، اديبن، سر موڙ سماجي ڪردارن جا تعارف رکئون.. ته جيئن پوري دنيا کي خبر پوي ته هي خطو صدين کان امن جو پيغمبر رهيو آهي ۽ اهو سلسلو بند ناهي ٿيو پر جاري ۽ ساري آهي.
    ظاهر آهي جڏهن اوهان دنيا جي ڊائيس تي بيهي پنهنجي ڳاله رکندا ته پهريون پنهنجو تعارف ته ڪرائيندا نه! ته اسان ڇا آهيون ۽ ڇاهيون ڇا ٿا؟ سو ان کان بهترين ذريعو آهي ئي نه جو اوهان اسان ۽ سڀ پنهنجي قوم جي عظيم سپوتن جا پروفائل زبردست انگريزيءَ ۾ حوالن سان گڏ اهڙو رکئون جو گوگل يا ڪنهن به سرچ انجڻ ۾ ڪو ماڻهو سنڌ خطي بابت معلومات وٺڻ چاهي ته هن کي جھجھو مواد ملي وڃي..
    مڃان ٿو ته وڪيپيڊيا تي اسان جي سنڌ ۽ سنڌين بابت معلومات اٽي ۾ لوڻ برابر آهي پر يارو ڪوته شروعات ڪندو نه!
    اوهان ائين ڪريو جو منفرد تعارف جيڪو ڪنهن به ويبسائيٽ تان ڪاپي ڪري نه رکجي پر ڪتابن مان ڪڍي ٽيڪنيڪل طور تي فارمن ۾ وڪيپيڊيا تي پوسٽ ڪجي.. ياد رکجو، جيڪو اوهان تعارف ڪرائي رهيا آهيو ان ۾ هيٺيون ڳالهيون ضرور ذهن ۾ رکجو:

    1. اهو مواد ڪاپي پيسٽ نه ٿيل هجي.
    2. ان مواد جي باري ۾ انٽرنيٽ تي يا ڪتابن ۾ حوالا ضرور ملن ته جيئن وڪيپيڊيا جا ايڊمن ان کي رد نه ڪن.
    3. تمام گھڻي محتاط نموني سان ڪم ڪيو وڃي.

    سو بسم الله ڪريو دوستو.... دنيا کي ٻڌايو ته اسان ڇا آهيون، ڇا ڪيون ٿا ۽ اسان چاهيون ڇا ٿا!
    مان جلد هڪ ٽيوٽرال ٺاهي رهيو آهيان.. اميد ته اوهان سڀني کي ڪافي مدد ملي ويندي.

    ٿورائتو
    امر فياض
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو