روزا پارڪ جي گرفتاري ۽ تاريخي مونٽگوميٽري بسن جو بائيڪاٽ

'مختلف موضوع' فورم ۾ PIR TAJ MUHAMMAD طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2016۔

  1. PIR TAJ MUHAMMAD

    PIR TAJ MUHAMMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جنوري 2014
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    پير تاج محمد قريشي
    ڪامارو شريف
    تاريخ جو ھڪ ورق
    مونٽگوميٽري بس جوبائيڪاٽ
    پھرين ڊسمبر 1955 جي سرد ڏينھن صبح جي وقت چارعورتون جيڪي ڪاري نسل جون ھويون، امريڪا جي رياست الباما جي شھر مونٽگوميٽري ۾ ڪم تي وڃڻ لاءِ بس ۾ سوار ٿيون. ھو چارئي عورتون بس جي پنجين قطار جي سيٽن تي اچي ويٺيون. بس جون پھريون چار قطارون اڇن لاءِ مقرر ھنيون، جن تي ڪارن جو ويھڻ غير قانوني ھو. بس ٿورو ھلي جڏنھن ايندڙ اسٽاپ تي بيٺي ته ھڪ اڇي رنگ جو مسافر بس ۾ چڙھيو. ھن اڇي نسل جي مرد انھن چئني عورتن جي قطار۾ ويھڻ جي مرضي ظاھر ڪئي ته بس جي ڊرائيور اڳيان ويٺل چئني ڪارين عورتن کي حڪم ڏنو ته ھو پويان وڃي ويھن ۽ پنھنجي سيٽ اڇي نسل جي مسافر کي پيش ڪن. چئن عورتن مان ٽي عورتون بس ڊرائيور جو حڪم مڃيندي وڃي پوين سيٽن تي ويٺيون پر انھن مان ھڪ دلير عورت پنھنجي سيٽ تان اٿڻ کان انڪار ڪيو.
    انھي دلير باغي خاتون جو نالو روزا پارڪ ھو. سندس انڪار تي بس جي ڊرائيور پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس روزا پارڪ کي گرفتاربه ڪيو ۽ کيس 14 ڊالر ڏنڊ ھنيو. سندس انڪار جي ڪري ھڪ اھڙي ته سماجي تحريڪ شروع ٿي جنھن امريڪا ۾ اڇن جي قانوني بالادستي کي ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
    روزا لوئيس پارڪ جيڪا آفريڪن امريڪن نسل جي ھئي، ھميشه شھرين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. سندس خدمتن جي ڪري امريڪن ڪانگريس کيس ” فرسٽ ليڊي آف سول رائيٽس“۽ ”آزادي جي تحريڪ جي ماءُ“ جو لقب ڏنو. سندس ولادت جي ڏينھن فيبروري 4 ۽ گرفتاري واري ڏينھن ڊسمبر 1 کي ”روزا پارڪ جو ڏينھن“ جو نالو ڏنو ويو.
    امريڪا ۾ ڪارن جي فلاح و بھبود لاءِ قائم ھڪ آرگنائيزيشن ”نيشنل ايسوسيشن فار دي ايڊوانسمينٽ آف ڪولرڊ پيوپل“ جيڪا 1909 ۾ قائم ڪئي وئي ھئي. انھي تنظيم جي الباما رياست جي مقامي صدر روزا پارڪ جي گرفتاري کان به اڳئين انھي وقت بسن جي بائيڪاٽ جو سڏ ڏنو ھو جڏنھن ھڪ ٻي 15 سالن جي مسافر ڇوڪري ڪلاڊيٽ ڪولوين کي انھي ڪري گرفتار ڪيو ويو جو جو ھن پنھجي سيٽ تان اٿڻ کان انڪار ڪيو ھو. پر سندس گرفتاري کانپوءِ شروع ڪيل بسن جو بائيڪاٽ ڪو خاص اثر نه ڇڏي سگھيو.
    مونٽگوميٽري بھبود جي تنظيم جي نالي سان ھڪ تنظيم ٺاھي وئي جنھن جو اڳواڻي مارٽن لدر ڪنگ جونئيرکي ڏني وئي. جونئير جي اڳواڻي ھيٺ انتظاميه سان ھڪ معاھدو ڪيو ويو جھن تحت بس ۾ اڇن ۽ ڪارن جي لاءِ جدا جدا سيڪشنن تي راضپو ڪيو ويو. پر انھي سان گڏوگڏ اھو مطالبو ڪيو ويو ته جيڪڏنھن ڪنھن بس ۾ سفر دوران اڇن جو سيڪشن فل ٿي وڃي ته پوءِ اڇن کي بس ۾ بيھي سفر ڪرڻو پوندو ۽ ڪارن کي پنھنجي سيٽون ڇڏڻ لاءِ نه چيو ويندو. انھي کان علاوه اھو به مطالبو ڪيوويو ته بس ڊرائيور ڪارن مسافرن سان عزت سان پيش اچن ۽ ڪارن کي به بسن ۾ ڊرائيور جي طور تي نوڪريون ڏنيون وڄن.
    روزاپارڪ جي گرفتاري کانپوءِ بسن جي خلاف بائيڪاٽ شروع ٿيو ته ڪارن بسن ۾ سفر ڪرڻ بدران پيدل، سائيڪل تي، يا ڪارن ۾ گڏجي سفر شروع ڪري ڏنو. سڄي ملڪ ۾ ڪارن سان تعلق رکندڙ عبادت گاھن چندا گڏ ڪري پيدل سفر ڪندڙ ڪارن لاءِ بوٽ ورتا ته جئين کين تڪليف نه ٿئي. ڪارن جو بسن جي خلاف شروع ڪيل اھو بائيڪاٽ 381 ڏينھن ھليو.
    ھوڏانھن ڪارن جي انھي بائيڪاٽ جي ردعمل ۾ ڪارن جا چار چرچ باھ ڏيئي ساڙڻ کان علاوه ڪارن جي ڪجھ گھرن کي به باھي ڏيئي ساڙيو ويو.عوامي اڳواڻ مارٽن لدر ڪنگ جونئير جي گھر کي به باھي ڏني وئي. 1921 جي قانون تحت ٽوٽل 156 ڪارن کي بس سروس ۾ مداخلت ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو. انھي تحريڪ کي مدِنظررکندي چوٿين جون 1956 تي فيڊرل ڪورٽ فيصلو ڏنو ته الباما جو نسلي تفريق جو قانون غير قانوني آھي. فيڊرل ڪورٽ جي انھي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي وئي جنھن ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو ويو. پر تيرھين نومبر 1956 تي امريڪا جي بااختيار سپريم ڪورٽ ننڍي ڪورٽ جي فيصلي کي بحال ڪري ڇڏيو. الباما رياست جي مونٽگمري شھر جي شھري حڪومت آرڊيننس پاس ڪري بسن ۾ نسلي تفاوت کي ختم ڪندي ڪارن کي اجازت ڏني ته ھو بس ۾ جتي چاھين وھي سگھن ٿا. بلاآخر 21 نومبر 1965 تي بسن جي خلاف بائيڪاٽ پڃاڻي تي پھتو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو