سلطان آباد (ضلعو ٽنڊوالهيار)

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سلطان آباد (ضلعو ٽنڊوالهيار)

    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا

    ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ٽوٽل 19 يونين ڪائونسلون 30 تپا ۽ 88 ديهون آهن. سلطان آباد ٽنڊي الهيار ضلعي جي تعلقي جهنڊو مريءَ ۾ واقع آهي ۽ سلطان آباد يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو جنهن جو پهريون چيئرمين بـ اسان جو دوست عاصي عبدالواحد هڪڙو آهي جهنڊو مري تعلقي ۾ هيٺيون ديهون اچي وڃن ٿيون.
    سنهري، نوڙي، مشائخ هوٿي، ڪاٺڙي، راڄپري، ماکوڙو، مرياڻي، روپاهـ پالي، بلغاءِ واڳوري، مسڻ، نيلوفري، ڏگهڪي، ڪورائڪي، ڪيهي، ميل، وارياسو، هاليپوٽاڻي، ساجناهـ، لانگهاڻو، هوتڪي، نمرو، سيهنڙپار، هڌيڪي، ٿيٻڪي، ڊاسوڙي، ساهڙڪي، هنڱوراڻي، ايلچي، گاهڳي، ويسرڪي، ڇڇڙڪي، گاڏو، کڏو، دڙوستهـ، ناراهڏي. سلطان آباد جو اصل نالو بُلغاءِ آهي.
    بُلغاءِ يا بلغار جي معنيٰ آهي سر سبز علائقو جتي وڻ ٽڻ، گل ڦل، هر قسم جو گاهـ عام جام هجي هي پراڻو نالو ان وقت جو آهي جڏهن ساگر درياءُ پنهنجي مختلف وهڪرن جي ڪري هي علائقو پورو چراگاه مثل هو هن حد مان هڪ ساڱريءَ جي ڇاڙهـ وهندي هئي بلغاءِ سلطان آباد کان ڏکڻ طرف پنجن ميلن تي هڪ ڳوٺ آهي. هي ولهار جو تپو سڏيو ويندو هو. سلطان آباد جي ڏکڻ طرف پنجن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي مسڻ جو شهر آهي جڏهن تـ سلطان آباد ريلوي اسٽيشن جو بـ نالو آهي. سلطان آباد جي اوڀر طرف جمڙائو ڪئنال ۽ اولهـ طرف سلطان آباد (خواجـ ڳوٺ) واقع آهن. ديهـ ڏگهڪي، ديهـ واڳوري، ديهـ دَلڪي، ديهـ ڪامارو، سلطان آباد جي چوطرف آهن. پسمنظر ۾ جيڪا مسجد نظر اچي رهي آهي اها هڪ بهترين ۽ ڪثير سرمائي سان تمام ڪشادي جوڙائي وئي آهي هن مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت مسجدن ۾ ٿئي ٿو. مسجد جو جوڙايل نقشو بـ قابلِ رشڪ آهي.هيءَ مسجد ميرپورخاص-حيدرآباد شاهراهـ جي بلڪل ڪناري تي هجڻ ڪري ڏاڍي خوبصورت نظر اچي ٿي عاليشان ۽ سونهري منارو سندس سونهن ويتر وڌائي ڇڏي آهي هيءَ مسجد خدا هڪ نيڪ ٻانهي الحاج محمد پٽ عبدالله عرف صوفي بروهي جوڙائي آهي الله تعالي کيس ان جو اجر عطا فرمائي.
    سلطان آباد جي ڀرپاسي جا ڳوٺ حاجي محمد جعفر هڪڙو،ڳوٺ نور محمد بروهي، ڳوٺ حاجي محمد پلهـ ۽ ڳوٺ مير ڪبير ٽالپر ۽ ڳوٺ محمد صادق ميمڻ ڳوٺ اچي وڃن ٿا. هن ئي خطي ۾ منهنجي زندگيءَ جون 12 بهارون گذريون هتان جو نيڪ مرد محمد حسن هڪڙو، اوطاق جو بادشاه ۽ سخاوت، بردباري، اوڙي پاڙي تي شفقت جو هٿ رکندڙ، سماج سڌارڪ،صوفي منش، يارن جو يار هتان جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي. مشهور زميندار حاجي لکانو ڪوري، حاجي محمد پلهـ، چاچا حاجي محمد ڏگهو علي حسن هڪڙو، وڏيرو کٻڙ هڪڙو ۽ سردار لياقت پلهـ جهڙيون مشهور شخصيتون ٿي گذريون آهن.اهڙن ئي نيڪ مرد ۽ سخي انسانن لاءِ سنڌ جي يگاني شاعر سائين نماڻي جون هي سٽون ياد اچي وڃن ٿيون.
    انهيءَ واٽ سان شاهـ سامي ويا،
    هتان ڪيئي نامي گرامي ويا،
    دنيا جا تونگر هجن بادشاهـ ڪي،
    سڀ سونهن کي ڏيئي سلامي ويا.
    موجوده دور ۾ عاصي عبدالواحد هڪڙو جيڪو محقق ۽ شاعر بـ آهي سندس اوطاق سدائين مهمانن سان سٿي پئي هوندي آهي،زميندار محمد خان بابو ڪوري ۽ سندس ڀاءُ اسلم ڪوري (جيڪو تعلقي جھنڊي مريءَ جو نائب ناظم رهي چڪو آهي) عبدالمجيد هڪڙو، عبدالجليل هڪڙو، غلام نبي هڪڙو پنهنجي والدين جي ٻاريل لاٽ کي اڃا تائين روشن رکندا اچن ۽ هتان جو مشهور سماج سڌارڪ مولوي اسماعيل لغاري، مولانا عبدالڪريم لغاري ماضيءَ ۾ جن جون خدمتون ڪڏهن بـ وساري نـ ٿيون سگهجن، خاص ڪري تعليم جي واڌاري لاءِ هنن ٻنهي ڀائرن جو ڪردار درٻيلي جي سيد الهندي شاه ، ٽنڊو باگي جي مير غلام محمد ٽالپر ۽ هالا جي قبلـ مخدوم مولوي غلام حيدر صديقي و قريشي جهڙو رهيو آهي پر هن وقت سنڌ جي مشهور بيروڪريٽ مقبول ميمڻ جنهن جي پيءِ جي نالي سان ڳوٺ صادق ميمڻ هن ئي علائقي ۾ واقع آهي مقبول ميمڻ صاحب تعليم جي واڌاري لاءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري ، سيڪينڊري،هائير سيڪنڊري تعليمي ادارا ۽ هٿ جي هنر جا اسڪول کولي هتان جي ماڻهن تي وڏا وڙ ڪيا آهن ۽ هتان جي ماڻهن ۾ تعليم جو رجحان پيدا ڪيو ۽ ڪافي ماڻهو تعليم مان فيضياب ٿي رهيا آهن.انهيءَ لاءِ ئي ڪنهن شاعر چيو آهي تـ :
    سڙي جي ٻين کي سُهائي ڏين ٿا،
    لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
     
  2. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    بهترين سائين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. PIR TAJ MUHAMMAD

    PIR TAJ MUHAMMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جنوري 2014
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    بھترين ونڍ ڪاڪا صاحب. ڪاماروشريف جي باري ۾ به ڪا معلومات هجي ته شئر ڪندا.
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو