رات سچل ڳوٺ ۾ هڪ ئي دڪان تي بيٺا هُئاسين. هي نينگر مون کان اڳ آيو هو پر دُڪاندار مون کي اڳ ۾ سامان ڏنو ٿي. چيم ”هي مون کان اڳ آيو آهي هن کي پهرين سامان ڏي“ نينگر اردوءَ ۾ چيو ”میرے سامان میں ابہی دیر ہے آپ پہلے لے لیں“ پڪ ٿي ته هي اردو ڳالهائيندڙ ماءُ جو پُٽ آهي جيڪا ڪنهن سنڌيءَ جي وني هوندي ڇو ته سچل ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ سؤ فيصد سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو اردو ڳالهائيندڙ ٻار ملي ته پڪ سمجهو ته ڪنهن اهڙي سنڌي جو ٻار آهي جيڪو اردو ڳالهائيندڙ عورت پرڻجي آيو آهي. پُڇيم ”بیٹا سندھی بلکل نہیں آتی؟“ چوڻ لڳو نه ايئن ناهي. سنڌي سمجهان سڀ ٿو پر پوري ڳالهائي نه ٿو سگهان پوءِ مون سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪئي هُن واقعي سمجهي ٿي. پُڇيم ”ڀلا گهر ۾ امان ابو پاڻ ۾ ڪهڙي ٻولي ڳالهائين“ ”Russian“ هاڻي سمجهي ويس. ڇو ته ڳالهه اڳتي وڌي ته ٻُڌايائين ته سندس والد ڊاڪٽر آهي جيڪو هڪ رشين عورت سان شادي ڪري آيو آهي جنهن ٻار کي مُلڪ جي قومي ٻولي سيکاري (۽ يقينن پاڻ به سِکي هوندي). وري به شابس اٿن جو سنڌي به ڳالهائن پيا. جڏهن ته اسان سرائڪي ڳالهائيندڙ يا ٻروچڪي وغيره جڏهن شهر اچن ٿا ته ٻارن کي اردو ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا ۽ گهر ۾ سنڌي بجاءِ پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا. سندن ٻارن کي اڪثر سنڌي ئي نه ٿي اچي. اهڙو مشهادو تڏهن ٿيو جڏهن 1976ع ۾ ڪراچي لڏي آيل ۽ هاڻي سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ جي نياڻي کي سنڌي نه ٿي آئي. مون کي کيس انسٽريومينٽل ڪيمسٽري جي ٽيوشن ڏيڻي هُئي جيڪا اردو ۾ ڏيڻي پئي ڇو ته هنن گهر ۾ ٻروچڪي ٿي ڳالهائي ۽ تعليمي ادارن ۾ اردو تنهنڪري سنڌي بلڪل به نه پئي آيس. (هي سڀ لکڻ جو مقصد اهو مشاهدو شيئر ڪرڻ آهي ٻيو ڪُجهه نه). 3325 اٽيچمينٽ ڏسو
سائين حقيقت آ اڄڪلهه جيڪي اسان جا سنڌي ماڻهون ٻارڙن جي تعليم جي لاء جڏهين ٻاهر ڪنهن وڏي شهر ۾ ويندا آهن ته اڪثر هو پنهنجن ٻارن کي اردو يا انگلش ميڊيم اسڪول ۾ ڇڏيندا آهن ۽ گھر ۾ به ٻارن جي مادري زبان تي ڌيان گهٽ ڏنو ويندو آ.نيٺ انهن ٻارن جي اباڻي ٻولي يعني سنڌي ٻولي ايتري پڪي ناهي رهندي.