فيس بوڪ هڪ وڏي سوشل نيٽورڪ ويب سائيٽ آهي.. جيڪا اصل ۾ دوستن، رشتيدارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندي رهندي آهي.. ان کان علاوه توهان هن ذريعي بي انتها معلومات، نيون نوڪريون ايسيتائين جو پنهنجي مشن لاءِ ڊونرس پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا.. پر ڇا توهان کي خبر آهي ته فيس بوڪ جون ڪيتريون اهڙيون حقيقتون پڻ آهن جيڪي معلوم ڪري توهان حيران ٿي ويندو.. مون کي يقين آهي هتي ڏنل انهن مان ڪجهه توهان لاءِ پڻ نيون ۽ حيران ڪندڙ هونديون.. فيس بوڪ کاتو هيڪ ڪرڻ لاءِ روزانو 6 لک دفعا حملا ڪيا وڃن ٿا.. توهان فيس بوڪ جي خالق مارڪ زڪربرگ کي فيس بوڪ تي بلاڪ نه ٿا ڪري سگهو .. فيس بوڪ توهان کي ٽريڪ ڪندو رهندو آهي ته توهان ڪهڙي ويب سائيٽ کوليندا رهندا آهيو.. ايسيتائين جو توهان فيس بوڪ تان ڀلي لاگ آئوٽ ٿيل پڻ ڇونه هجو... توهان فيس بوڪ تان اهڙي ٻولي به تبديل ڪري سگهو ٿا جيڪا توهان نه ڄاڻندا هجو.. فيس بوڪ جو باني مارڪ زڪربرگ بطورِ چيف ايگزيڪيوٽوِ آفيسر (CEO) رڳو هڪ ڊالر پگهار کڻندو آهي.. فيس بوڪ تي پهرين تصوير Al Pacino اداڪار جي لڳائي وئي هئي... فيس بوڪ جي لائيڪ بٽڻ کي عام فهم ۾ زبردست پڻ سمجهيو ويندو آهي.. سمارٽ فون استعمال ڪندڙ فيس بوڪ کي ڏينهن ۾ 14 دفعا چيڪ ڪندو آهي.. ڪيترائي ماڻهون ان ڪري قتل ٿي چڪا آهن ته انهن فيس بوڪ تي ٻين کي ان فرينڊ ڪيو هو... سراسري طور هر آمريڪي فيس بوڪ استعمال ڪندڙ روزانو 40 منٽ فيس بوڪ تي گذاري ٿو.. هڪ رپورٽ مطابق فيس بوڪ استعمال ڪندڙ 3 مان 1 ماڻهون پنهنجي زندگي مان مطمئن ناهي.. فيس بوڪ جو بنيادي رنگ نيرو آهي .. ڇو ته هن جو باني مارڪ زڪربرگ جي ڪمزور نظرڳاڙهي سائي رنگ کي سڃاڻي نه ٿي سگهي... مارڪ زڪربرگ facebook.com ڊومين Sean Parker نالي همراه کان 200000 ڊالر ۾ خريد ڪيو هو جيڪو هاڻي Napster جو شريڪ باني آهي.. هڪ اندازي مطابق فيس بوڪ تي لڳ ڀڳ 30 لک مرحوم ماڻهن جا پروفائيل پڻ موجود آهن.. چائينا ۾ فيس بوڪ، ٽويٽر ۽ دي نيويارڪ ٽائيمز 2009 کان وٺي بلاڪ آهن.. آمريڪا ۾ 2011 ۾ هر ٽين طلاق جي پٺيان لفظ فيس بوڪ هو.. برطانيا ۾ هڪ عورت کي 20 مهينن جي جيل جي سزا ڀوڳڻي پئي جو سندس جرم هو هڪ فيڪ فيس بوڪ پروفائيل ٺاهي پاڻ کي ئي گارين وارا ميسيج موڪلڻ.. فيس بوڪ تي موجود تصويرن ۽ وڊيوز جو تعداد ٽوٽل اپ اسٽريمنگ ويب ٽريفڪ جو 27 سيڪڙو آهي.. فيس بوڪ جي باني مارڪ زڪربرگ 2013 ۾ آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ فلاحي ڪمن ۾ پئسا ڏنا .. هن جي ڊونيٽ ٿيل رقم هڪ ڪروڙ آمريڪي ڊالر هئي.. هڪ اندازي مطابق فيس بوڪ تي 8.7 سيڪڙو فيس بوڪ پروفائيل فيڪ آهن.. ڪرسمس کان رڳو ڪجهه هفتا اڳ ئي اهڙو وقت آهي جنهن ۾ جوڙن جو بريڪ اپ ٿئي ٿو جنهن جو سبب فيس بوڪ تي سندن ڊيٽا اينالائيزنگ آهي.. فيس بوڪ تي هڪ منٽ ۾ 18 لک نوان لائيڪس ڏنا وڃن ٿا.. فيس بوڪ جي هوسٽنگ جو ماهوار خرچو 30 لک آمريڪي ڊالر آهي.. فيس بوڪ جو سرور جڏهن رڳو هڪ منٽ ڊائون ٿيندو آهي ته اهو فيس بوڪ کي 25 هزار آمريڪي ڊالرس جو نقصان ڏيندو آهي.. 2005 ۾ MySpace فيس بوڪ خريد ڪرڻ کان ان ڪري جواب ڏنو هو جو انهن جي خيال ۾ مارڪ زڪربرگ طرفان رکيل فيس بوڪ جي قيمت 75 لک ڊالر مهانگي هئي.. فيس بوڪ ۾ هڪ اهڙو فيچر پڻ موجود آهي جنهن مطابق توهان ڪنهن کي به اختيار ڏئي سگهو ٿا ته هو توهان جي وفات کان پوءِ توهان جو فيس بوڪ پروفائيل مينيج ڪري.. هر اکر جيڪو توهان اسٽيٽس اپڊيٽ ڪرڻ وقت لکو ٿا .. فيس بوڪ سرور تائين پهچي ٿو توڙي جو توهان پوسٽ بٽڻ کي ڪلڪ ئي نه ڪريو.. 2009 ۾ فيس بوڪ جي ملازم Brian Acton کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو هو پر رڳو پنجن سالن کان پوءِ فيس بوڪ سندس ايجاد ڪيل Whatsapp کي 19 ڪروڙ ڊالرس ۾ خريد ڪيو... فيس بوڪ چيٽ ۾ ڪنهن دوست سان رڳو fbchase@ موڪلي چيز گيم کيڏڻ شروع ڪري سگهو ٿا... فيس بوڪ پنهنجي ملازمن مان هر ان ملازم کي جيڪو پهريون دفعو پيءُ ٿيندو هجي 4 مهينا مڪمل پگهار سميت موڪل ڏيندو آهي.. توهان جي DNA جو رڳو هڪ گرام فيس بوڪ ۽ گوگل تي موجود سموري ڊيٽا کي محفوظ ڪري سگهي ٿو...
هــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل بــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا ظـــــــــــــــــــــــــــلــــــــــــــــــــــــــــــــــم
تارخ جا اوراق چوڻ ۾ ٿو اچي ته جڏهن محمد بن قاسم سنڌ جا 3 شھر فتح ڪرڻ کان پوءِ اتر طرف اڳتي وڌيو ته هڪ جاء تي آرام ڪرڻ سوچيائين پر ڪا ڇانو نظر نه آيس جيڪو سونهون گڏ هئس ان کان پڇيائين ته ڪا ويجهي ڇانوَ ملندي ته ان ٻڌايس ته ٿورو اڳيان هڪ وڏو وڻ آهي اتي هڪ درويش به رهي ٿو اتي هلي آرام ڪجي، ڪتاب لکن ٿا ته جڏهن محمد بن قاسم ان وڻ وٽ پهتا ته ڏٺائون ته هڪ ضعيف بزرگ هستي اتي موجود هئي هن سلام ڪيو ان هستي ڪوبه جواب نه ڏنو هن ععقيدت مان ان هستي جو هٿ چميو ته ان هستي هن ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ٻچا گهڻن ڏيهن کان ستو نه آهين، ان تي محمد بن قاسم وراڻيو ته 1 هفتي کان ته ان بزرگ هستي ڪجه پن گهوٽي هن کي پيئڻ لاء ڏنا ڪتابن ۾ اچي ٿو ته اهو مشروب پيئڻ سان محمد بن قاسم کي ايترو ته سڪون آيو جو اتي هي سمهي پيو ۽ 5 ڏينهن لڳاتار ستو رهيو (ڪجه ڪتابن ۾ اچي ٿو ته اهو مشروب سڄي لشڪر پيتو) ۽ جڏهن اٿيو ته ان بزرگ هستي کان سندس نالو ۽ مشروب جو نالو پڇيائين ته ان بزرگ هستي ان مشروب جو نالو ” ڀنگ” ۽ پنهنجو نالو ”قائم علي شاه“ ٻڌايو