فيس بوڪ بابت ڪجهه دلچسپ حقيقتون

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2016۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فيس بوڪ هڪ وڏي سوشل نيٽورڪ ويب سائيٽ آهي.. جيڪا اصل ۾ دوستن، رشتيدارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندي رهندي آهي.. ان کان علاوه توهان هن ذريعي بي انتها معلومات، نيون نوڪريون ايسيتائين جو پنهنجي مشن لاءِ ڊونرس پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا..
    پر ڇا توهان کي خبر آهي ته فيس بوڪ جون ڪيتريون اهڙيون حقيقتون پڻ آهن جيڪي معلوم ڪري توهان حيران ٿي ويندو.. مون کي يقين آهي هتي ڏنل انهن مان ڪجهه توهان لاءِ پڻ نيون ۽ حيران ڪندڙ هونديون.. :eek:

    • فيس بوڪ کاتو هيڪ ڪرڻ لاءِ روزانو 6 لک دفعا حملا ڪيا وڃن ٿا..
    • توهان فيس بوڪ جي خالق مارڪ زڪربرگ کي فيس بوڪ تي بلاڪ نه ٿا ڪري سگهو ..
    • فيس بوڪ توهان کي ٽريڪ ڪندو رهندو آهي ته توهان ڪهڙي ويب سائيٽ کوليندا رهندا آهيو.. ايسيتائين جو توهان فيس بوڪ تان ڀلي لاگ آئوٽ ٿيل پڻ ڇونه هجو...
    • توهان فيس بوڪ تان اهڙي ٻولي به تبديل ڪري سگهو ٿا جيڪا توهان نه ڄاڻندا هجو..
    • فيس بوڪ جو باني مارڪ زڪربرگ بطورِ چيف ايگزيڪيوٽوِ آفيسر (CEO) رڳو هڪ ڊالر پگهار کڻندو آهي..
    • فيس بوڪ تي پهرين تصوير Al Pacino اداڪار جي لڳائي وئي هئي...
    • فيس بوڪ جي لائيڪ بٽڻ کي عام فهم ۾ زبردست پڻ سمجهيو ويندو آهي..
    • سمارٽ فون استعمال ڪندڙ فيس بوڪ کي ڏينهن ۾ 14 دفعا چيڪ ڪندو آهي..
    • ڪيترائي ماڻهون ان ڪري قتل ٿي چڪا آهن ته انهن فيس بوڪ تي ٻين کي ان فرينڊ ڪيو هو...
    • سراسري طور هر آمريڪي فيس بوڪ استعمال ڪندڙ روزانو 40 منٽ فيس بوڪ تي گذاري ٿو..
    • هڪ رپورٽ مطابق فيس بوڪ استعمال ڪندڙ 3 مان 1 ماڻهون پنهنجي زندگي مان مطمئن ناهي..
    • فيس بوڪ جو بنيادي رنگ نيرو آهي .. ڇو ته هن جو باني مارڪ زڪربرگ جي ڪمزور نظرڳاڙهي سائي رنگ کي سڃاڻي نه ٿي سگهي...
    • مارڪ زڪربرگ facebook.com ڊومين Sean Parker نالي همراه کان 200000 ڊالر ۾ خريد ڪيو هو جيڪو هاڻي Napster جو شريڪ باني آهي..
    • هڪ اندازي مطابق فيس بوڪ تي لڳ ڀڳ 30 لک مرحوم ماڻهن جا پروفائيل پڻ موجود آهن..
    • چائينا ۾ فيس بوڪ، ٽويٽر ۽ دي نيويارڪ ٽائيمز 2009 کان وٺي بلاڪ آهن..
    • آمريڪا ۾ 2011 ۾ هر ٽين طلاق جي پٺيان لفظ فيس بوڪ هو..
    • برطانيا ۾ هڪ عورت کي 20 مهينن جي جيل جي سزا ڀوڳڻي پئي جو سندس جرم هو هڪ فيڪ فيس بوڪ پروفائيل ٺاهي پاڻ کي ئي گارين وارا ميسيج موڪلڻ..
    • فيس بوڪ تي موجود تصويرن ۽ وڊيوز جو تعداد ٽوٽل اپ اسٽريمنگ ويب ٽريفڪ جو 27 سيڪڙو آهي..
    • فيس بوڪ جي باني مارڪ زڪربرگ 2013 ۾ آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ فلاحي ڪمن ۾ پئسا ڏنا .. هن جي ڊونيٽ ٿيل رقم هڪ ڪروڙ آمريڪي ڊالر هئي..
    • هڪ اندازي مطابق فيس بوڪ تي 8.7 سيڪڙو فيس بوڪ پروفائيل فيڪ آهن..
    • ڪرسمس کان رڳو ڪجهه هفتا اڳ ئي اهڙو وقت آهي جنهن ۾ جوڙن جو بريڪ اپ ٿئي ٿو جنهن جو سبب فيس بوڪ تي سندن ڊيٽا اينالائيزنگ آهي..
    • فيس بوڪ تي هڪ منٽ ۾ 18 لک نوان لائيڪس ڏنا وڃن ٿا..
    • فيس بوڪ جي هوسٽنگ جو ماهوار خرچو 30 لک آمريڪي ڊالر آهي..
    • فيس بوڪ جو سرور جڏهن رڳو هڪ منٽ ڊائون ٿيندو آهي ته اهو فيس بوڪ کي 25 هزار آمريڪي ڊالرس جو نقصان ڏيندو آهي..
    • 2005 ۾ MySpace فيس بوڪ خريد ڪرڻ کان ان ڪري جواب ڏنو هو جو انهن جي خيال ۾ مارڪ زڪربرگ طرفان رکيل فيس بوڪ جي قيمت 75 لک ڊالر مهانگي هئي..
    • فيس بوڪ ۾ هڪ اهڙو فيچر پڻ موجود آهي جنهن مطابق توهان ڪنهن کي به اختيار ڏئي سگهو ٿا ته هو توهان جي وفات کان پوءِ توهان جو فيس بوڪ پروفائيل مينيج ڪري..
    • هر اکر جيڪو توهان اسٽيٽس اپڊيٽ ڪرڻ وقت لکو ٿا .. فيس بوڪ سرور تائين پهچي ٿو توڙي جو توهان پوسٽ بٽڻ کي ڪلڪ ئي نه ڪريو..
    • 2009 ۾ فيس بوڪ جي ملازم Brian Acton کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو هو پر رڳو پنجن سالن کان پوءِ فيس بوڪ سندس ايجاد ڪيل Whatsapp کي 19 ڪروڙ ڊالرس ۾ خريد ڪيو...
    • فيس بوڪ چيٽ ۾ ڪنهن دوست سان رڳو fbchase@ موڪلي چيز گيم کيڏڻ شروع ڪري سگهو ٿا...
    • فيس بوڪ پنهنجي ملازمن مان هر ان ملازم کي جيڪو پهريون دفعو پيءُ ٿيندو هجي 4 مهينا مڪمل پگهار سميت موڪل ڏيندو آهي..
    • توهان جي DNA جو رڳو هڪ گرام فيس بوڪ ۽ گوگل تي موجود سموري ڊيٽا کي محفوظ ڪري سگهي ٿو...
     
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حيرت انگيز
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    حيران ڪندڙ معلومات،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    حيران ڪندڙ معلومات
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Mukhtiar Bohe Mia

    Mukhtiar Bohe Mia
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    هــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل بــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا ظـــــــــــــــــــــــــــلــــــــــــــــــــــــــــــــــم
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تارخ جا اوراق
    چوڻ ۾ ٿو اچي ته جڏهن محمد بن قاسم سنڌ جا 3 شھر فتح ڪرڻ کان پوءِ اتر طرف اڳتي وڌيو ته هڪ جاء تي آرام ڪرڻ سوچيائين پر ڪا ڇانو نظر نه آيس جيڪو سونهون گڏ هئس ان کان پڇيائين ته ڪا ويجهي ڇانوَ ملندي ته ان ٻڌايس ته ٿورو اڳيان هڪ وڏو وڻ آهي اتي هڪ درويش به رهي ٿو اتي هلي آرام ڪجي،
    ڪتاب لکن ٿا ته جڏهن محمد بن قاسم ان وڻ وٽ پهتا ته ڏٺائون ته هڪ ضعيف بزرگ هستي اتي موجود هئي هن سلام ڪيو ان هستي ڪوبه جواب نه ڏنو هن ععقيدت مان ان هستي جو هٿ چميو ته ان هستي هن ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ٻچا گهڻن ڏيهن کان ستو نه آهين،
    ان تي محمد بن قاسم وراڻيو ته 1 هفتي کان ته ان بزرگ هستي ڪجه پن گهوٽي هن کي پيئڻ لاء ڏنا ڪتابن ۾ اچي ٿو ته اهو مشروب پيئڻ سان محمد بن قاسم کي ايترو ته سڪون آيو جو اتي هي سمهي پيو ۽ 5 ڏينهن لڳاتار ستو رهيو (ڪجه ڪتابن ۾ اچي ٿو ته اهو مشروب سڄي لشڪر پيتو) ۽ جڏهن اٿيو ته ان بزرگ هستي کان سندس نالو ۽ مشروب جو نالو پڇيائين ته ان بزرگ هستي ان مشروب جو نالو ” ڀنگ” ۽ پنهنجو نالو ”قائم علي شاه“ ٻڌايو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فيس بڪ بابت ڪا به توقع ڪري سگهجي ٿي.
     
  9. آزاد خاصخيلي

    آزاد خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2014
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گولاڙچي
    حيرت انگيز !!
     
  10. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
  11. شاهنواز جتوئي

    شاهنواز جتوئي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2016
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    ڪراچي
    زبردست معلومات آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو