نياز الاهي
سينيئر رڪن
ارباب رحيم سان هڪ هزار هڪ اختلاف پر چون ٿا ته هن پنهنجي وڏ وزارت دوران ملير جي 22 هزار ايڪڙ زمين بلڊر مافيه کي ڏيڻ واري سمري تي کوڙ سارو پريشر هجڻ جي باوجود به صحيح نه ڪئي ۽ پ پ جي پهرئين دور ايندي ئي قائم علي شاهه ان تي صحيح ڪري ڇڏي. قانوني طور ست هزار ايڪڙ رکندڙ ملڪ رياض ٻٽيهه هزار ايڪڙن تي بحريه ٽائون جو ڪم ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته سندس ٽارگيٽ ڏيڍ لک ايڪڙ آهي. بحريه وارن جو پنهنجو چوڻ آ ته هت ساڍا ٽي لک ماڻهون آباد ٿيندا، پرٻئي پاسي گل حسن ڪلمتي، ڪامريڊ عثمان بلوڄ ۽ رخمان گل پالاري جي سالن جي تحقيق اهو چئي ٿي ته اتي ٽيهه کان پنجٽيهه لک ماڻهو آباد ٿيندا جنهن ۾ هتان جي لوڪل ماڻهن کي لوڙهو ٽپڻ جي به اجازت نه هوندي. هي اها زمين آ جيڪا سنڌ جي تاريخي ماگن سان ڀري پئي آ، لطيف جا پير سسئي جي پنڌ کي ڳوليندا ايڏاهن ويا هئا. خوبصورت منظرن، تاريخي ماڳن ۽ جھنگلي جيوت جو اهو مسڪن هاڻ هيوي مشينن جي گڙگڙاهٽ ۾ مدفون ٿيندو پيو وڃي.
هاڻ اچو ته بحريه ٽائون جي سنڌين کي جوتي جي نوڪ تي رکي للڪارڻ جو احوال ڪريون. چون ٿا ته بحريه جتي سنڌ جا کوڙ سارا تاريخي ماگ ميساري رهي آهي اتي ڀٽ جي گھوٽ لطيف جو تڪيو به مشينن جي زد ۾ آ. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد جو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ٺهندڙ بيت الخلا يعني ڪاڪوس اتي ئي ٿو ٺهي جتي لطيف وينهدو هو. مهرباني پيپلز پارٽي........