بحريا ٽائون

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ نياز الاهي طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2016۔

  1. نياز الاهي

    نياز الاهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2016
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    دادو
    ارباب رحيم سان هڪ هزار هڪ اختلاف پر چون ٿا ته هن پنهنجي وڏ وزارت دوران ملير جي 22 هزار ايڪڙ زمين بلڊر مافيه کي ڏيڻ واري سمري تي کوڙ سارو پريشر هجڻ جي باوجود به صحيح نه ڪئي ۽ پ پ جي پهرئين دور ايندي ئي قائم علي شاهه ان تي صحيح ڪري ڇڏي. قانوني طور ست هزار ايڪڙ رکندڙ ملڪ رياض ٻٽيهه هزار ايڪڙن تي بحريه ٽائون جو ڪم ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته سندس ٽارگيٽ ڏيڍ لک ايڪڙ آهي. بحريه وارن جو پنهنجو چوڻ آ ته هت ساڍا ٽي لک ماڻهون آباد ٿيندا، پرٻئي پاسي گل حسن ڪلمتي، ڪامريڊ عثمان بلوڄ ۽ رخمان گل پالاري جي سالن جي تحقيق اهو چئي ٿي ته اتي ٽيهه کان پنجٽيهه لک ماڻهو آباد ٿيندا جنهن ۾ هتان جي لوڪل ماڻهن کي لوڙهو ٽپڻ جي به اجازت نه هوندي. هي اها زمين آ جيڪا سنڌ جي تاريخي ماگن سان ڀري پئي آ، لطيف جا پير سسئي جي پنڌ کي ڳوليندا ايڏاهن ويا هئا. خوبصورت منظرن، تاريخي ماڳن ۽ جھنگلي جيوت جو اهو مسڪن هاڻ هيوي مشينن جي گڙگڙاهٽ ۾ مدفون ٿيندو پيو وڃي.
    هاڻ اچو ته بحريه ٽائون جي سنڌين کي جوتي جي نوڪ تي رکي للڪارڻ جو احوال ڪريون. چون ٿا ته بحريه جتي سنڌ جا کوڙ سارا تاريخي ماگ ميساري رهي آهي اتي ڀٽ جي گھوٽ لطيف جو تڪيو به مشينن جي زد ۾ آ. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد جو ايشيا جو وڏي ۾ وڏو ٺهندڙ بيت الخلا يعني ڪاڪوس اتي ئي ٿو ٺهي جتي لطيف وينهدو هو. مهرباني پيپلز پارٽي........
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان سلسلي ۾ هڪ اهم رپورٽ اڳ ئي ڊان ٽي وي نيوز جي ويب سائيٽ تي پڙهي هيم... انتهائي حيران ڪندڙ لڳي... پر هي پاڪستان آ... هتي هميشه کان ائين ئي ٿيندو آيو آ... اهو سوچي مون به ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو هو... ڊان نيوز جي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو...

    http://www.dawnnews.tv/news/1036177
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ارباب رحيم ته چوڪنديءَ جي هزارين ايڪڙ زمين غيرقانوني طور پنهنجي ڪنهن دوست کي خاص اختيار استعمال ڪندي الاٽ ڪئي هئي جنهن جا تفصيل تن ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ ڇپيا هئا جڏهن ته واسطيدار کاتن جي، هيٺئين کان مٿي تائين سڀني آفيسرن (ايم ڪيو ايم سميت) اهڙي الاٽمنٽ جي مخالفت ڪئي هئي ـ ارباب رحيم ايڏو پاڪ پوتر ڪونهي ـ اهڙي ريت بحريا ٽائون کي آصف علي زرداريءَ جي حڪم تي جيڪا زمين الاٽمنٽ ڪئي وئي آهي سابه غيرقانوني آهي ۽ سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي، معافي نه ڏيڻ جوڳي سازش...!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو