محمد خان سيال
سينيئر رڪن
محترما مهتاب اڪبر راشديءَ (ايم پي اي ـ پاڪستان مسلم ليگ، فنڪشنل، سربراهه پير پڳارو) جنهن لاءِ مون کي ذاتي طور گھڻي عزت آهي، تنهن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي صلاح ڏني آهي ته هو نوشهري فيروز واري دکدائڪ واقعي بابت فوج جي سربراهه کي خط لکي ـ
منهنجي خيال ۾ پ پ پ جي سنڌ سرڪار ۾ اهڙو چاڙهو ڪونهي جيڪا اڳ ئي بيڊ گورننس جو شڪار آهي ـ هت رشوت ۽ لاقانويت اڳ ئي عام آهي، تنهن کان اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آهي سو انهيءَ صورتحال ۾ بهتر آهي ته محترما مهتاب اڪبر راشدي ايم پي اي جي حيثيت ۾ پاڻ فوج جي سربراهه کي سڌي ريت خط لکي نه ته اڃا به بهتر آهي ته پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه پير پڳاري صاحب کان رٿيل خط لکرائي جڏهن ته پير پڳاري صاحب جي خط لکڻ جو ڏاڍو سٺو اثر پوندو ـ
منهنجي تجزئي موجب محترما مهتاب اڪبر راشدي نه پاڻ خط لکندي ۽ نه ئي وري پير پڳاري صاحب کان اهڙو خط لکرائڻ جي همت ڪندي ڇاڪاڻ ته لڳي ٿو ته سندس مطلب سستي شهرت حاصل ڪرڻ آهي پر جيڪڏهن پير پڳاري صاحب کان اهڙو خط لکرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ته مان کيس سلام ڪندس ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي ـ اميد ته دوست منهنجي ڳالهه سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا ته سندن مهرباني ـ