• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڇا ٿو پڇين ته مونکان ڇا ڇا نه ٿو ٿئي...

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
ڇا ٿو پڇين ته مونکان ڇا ڇا نه ٿو ٿئي،
منهنجو گذارو دلبر، تنها نه ٿو ٿئي.

گهارين ٿو تون جدا جو گهاري به ٿو سگهين،
منهنجو ته ذهن مونسان يڪجا نه ٿو ٿئي.

بلبل، چمن، بهاري، سڀ ڪجهه ملي وڃي،
افسوس جو ختم هي صحرا نه ٿو ٿئي.

غيرن جي روبرو مان هن سان وڃي ملان،
روڪي سگهان مان پنهنجا سڏڪا، نه ٿوٿئي.

”اصغر“ مان زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه ڪري سگهان،
هڪڙو ئي بس صنم جو پرچاء نه ٿو ٿئي.
*****
آواز: عثمان فقير سولنگي
شاعري: اصغر (مڪمل نالو خبر ناهي)

 
Back
Top