ٻول : ڇا ٿو پڇين ته مونکان ڇا ڇا نه ٿو ٿئي...

'ٻول' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2016۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڇا ٿو پڇين ته مونکان ڇا ڇا نه ٿو ٿئي،
    منهنجو گذارو دلبر، تنها نه ٿو ٿئي.

    گهارين ٿو تون جدا جو گهاري به ٿو سگهين،
    منهنجو ته ذهن مونسان يڪجا نه ٿو ٿئي.

    بلبل، چمن، بهاري، سڀ ڪجهه ملي وڃي،
    افسوس جو ختم هي صحرا نه ٿو ٿئي.

    غيرن جي روبرو مان هن سان وڃي ملان،
    روڪي سگهان مان پنهنجا سڏڪا، نه ٿوٿئي.

    ”اصغر“ مان زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه ڪري سگهان،
    هڪڙو ئي بس صنم جو پرچاء نه ٿو ٿئي.
    *****
    آواز: عثمان فقير سولنگي
    شاعري: اصغر (مڪمل نالو خبر ناهي)

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو