• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبدالخالق جوڻيجي کي جواب / محمد خان سيال / 08 مئي 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
عبدالخالق جوڻيجي جو ڪالم: “حقيقت پسندي ۽ ڪردار ڪشي ۾ فرق” روزاني سنڌ ايڪسپريس (07 مئي 2016) ۾ شايع ٿيو آهي ـ جيتوڻيڪ سندس بيان دستگير ڀٽيءَ جي ڪالم جي موٽ ۾ شايع ٿيوآهي پر هن سدائين وانگيان حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي نهايت ئي غلط بياني ڪئي آهي جنهن جو اهم سبب مون کي نظر اچي ٿو جنهن جو مان اڳتي هلي ذڪر ڪندس.
پهرين اهم ڳالهه ته سائين جي ايم سيد جي محبت ۾ ڳري ڪنڊا ٿيندڙ عبدالخالق جوڻيجو شايد پهريون شخص هو جنهن سائين جي ايم سيد سان “غداري” ڪري سندس حياتيءَ ۾ پنهنجون واٽون الڳ ڪري پنهنجي الڳ سياسي ديڳڙي چاڙهي هئي ۽ هاڻي شايد پنهنجن “گناهن جو ڪفارو” ادا ڪرڻ لاءِ تاريخ کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي ـ منهنجي خيال ۾ کيس سڀ کان اڳ اهي ڪارڻ ٻڌائڻ گھرجن ته هن سائين جي ايم سيد سان سندس حياتيءَ ۾ غداري ڪرڻ (ڇڏڻ )وارو جيڪو فيصلو ڪيو سو درست هو يا نه جيڪڏهن درست هو ته انهيءَ جا مکيه ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ سي سچائيءَ ۽ ضمير جي روشنيءَ ۾ لکي، تنهن جو انتظار رهندو ـ
جوڻيجي صاحب اهو فرمايو آهي ته سائين جي ايم سيد چوندو هو: جي ايم سيد انسان آهي، هن به غلطيون ڪيون آهن ـ جوڻيجي صاهب جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندس ڪردار جو ايمانداريءَ سان سياسي تجزيو ڪجي ته کيس اعتراض ڪونهي، ڇا اهو بهتر ناهي ته جوڻيجي صاحب پاڻ ئي ايمانداريءَ سان اهڙو تجزيو ڪري، پر مون کي پڪ آهي ته هو ائين ڪرڻ جي همت ڪونه ڪندوـ هونئن به ٻين جي ڀيٽ ۾ سندس پتڪڙي پارٽيءَ ۾، قومپرست اڳواڻ تي مثبت تنقيد جي موٽ ۾ گارگند ۽ بدتميزي ڪرڻ وارا ماڻهو، ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن سو بهتر آهي ته پهريان انهن کي تميز سيکاري ـ
خالق جوڻيجو صاحب لکي ٿو: سڄي دنيا مڃي ٿي ته جي ايم سيد جيڪو صحيح چوندو هو سو وڏي واڪي چوندو هو، مان سندس انهيءَ موقف سان ڪنهن حد تائين هڪراءِ آهيان: مثال: هن جنرل ضياءَالحق کي “شريف النفس انسان” ڪوٺيو هو.
جوڻيجي صاحب نهايت کي ڪوڙ هڻندي شهيد ذاولفقار علي ڀٽي صاحب جي باري ۾ ڄاڻايو آهي ته هن چيو هو: “ون يونٽ جي مخالفت ڪندي مان پنجاب کي ناراض ڪرڻ نه ٿو چاهيان.”...ان وقت سرگرم صحافيءَ هئڻ جي حيثيت ۾ مان دعوى سان چوان ٿو ته ڀٽي صاحب اهڙو بيان ڪونه ڏنو هو ۽ پر جيڪڏهن سندس اشارو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شهيد ڀٽي جي بيان ڏانهن آهي جيڪو پنجاب جي باري ۾ هو( ون يونٽ جي باري ۾ نه هو) ته سندس انگريزي تقرير جي ڪيترن صحافين کي معني سمجهه ۾ ڪونه آئي (هينري ڪسنجر جو انٽرويو مون فار ايسٽرن اڪانامڪ رويو ۾ پڙهيو هو جنهن ۾ چيو هئائين ته شهيد ڀٽي جي انگريزي مون کان بهتر آهي) پر گھڻو پوءِ، عوامي آواز ۾ ادا فضل جي ڪالم ۾ اهڙو انگريزي متن (پيرا) پڙهيو هوم ۽ هن به مڃيو هو ته شهيد ڀٽي جي انگريزيءَ جو غلط مطلب ڪڍيو ويو هوـ
جوڻيجو فرمائي ٿو ته ڀٽو صاحب:“ 8 سال ڀٽو ڊاڪٽيٽر ايوب جو پيارو وزير رهيو.” شايد جوڻيجي صاحب کي خبر ناهي ته سندس قومپرست اڳواڻ به جناح صاحب جو پيارو رهيو آهي ۽ پوءِ جنرل ضياءَالحق جو، انهيءَ جي باري ۾ سندس ڪهڙو خيال آهي؟
سنڌي ٻوليءَ جي ايڪٽ ۾ لکيو اٿس: آرڊيننس جاري ڪري سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو ويو ـ مون کي جوڻيجي صاحب ۽ اهڙن ٻين سنڌي قومپرستن جي حرڪتن تي کل اچي ٿي ـ ويچارن کي اها به خبر ناهي ته ٻولي ايڪٽ ۾ سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي سنڌي لکيل آهي ۽ آرڊيننس جو نالو ئي “وضاحتي آرڊيننس” آهي، ڪو نئون ناهي جنهن ۾ سنڌي جي حيثيت بحال رهي ۽ اردوءَ جيڪا سال 1948 کان قومي زبان هئي تنهن جي وضاحت ٿيل آهي (جنهن کي ختم ڪرڻ جي ڪنهن ۾ به همت ناهي) پر انهيءَ کي سنڌ جي ٻولي (ٻه لساني صوبو) ڪونه قرار ڏنو ويو هو ۽ اهو منهنجو کيس کليو کلايو چئلينج آهي ـ
درحقيقت جوڻيجي صاحب جهڙا ماڻهو پنهنجا گناهه بخشرائڻ لاءِ اهڙي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندا رهندا آهن ـ منهنجو کيس چيلينج آهي اڄ ڏينهن تائين ٻولي ايڪٽ جي بنياد تي ڪڏهن به سنڌ جي ورڇ جو ڪنهن به مطالبو ڪونه ڪيو آهي پر جوڻيجي صاحب پهريون ڀيرو اها ڳالهه لکي، حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي ـ ڏسجي ته جنهن سياسي قومپرست، ايم ڪيو ايم کي ٺهرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سنڌي قومپرستن ڪلاشنڪوفون کڻي، حيدرآباد ۾ الطاف جي عام جلسي ۾ سيڪيورٽي مين جو ڪردار ادا ڪيو تنهن الطاف اڳتي هلي سنڌ کي 4 ٽُڪر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ـ
اسٽيل مل جي باري ۾ سفيد ڪوڙ هڻندي فرمايو اٿس ته انهيءَ منصوبي جي شروعات سويت يونين جي مدد سان سان پپريءَ ۾ ٿي چڪي هئي ـ ويچاري جوڻيجي صاحب کي اها به خبر ڪونهي ته ايوب خان جي وقت ۾ سارو زور اسٽيل ملز پنجاب جي ڪالاباغ ۾ لڳائڻ تي ڏنو ويو هو ۽ ايوب خان جي حوالي سان پپريءَ جو نالو لکي هن انتهائي غلط بياني ڪئي آهي، سچائي اها آهي ته اهي سکڻا اعلان هئا جن ۾ پپري يا سنڌ جو ڪوبه ذڪر ڪونه هو، جوڻيجي صاحب کي اهڙي غلط بياني نه ڪرڻ گھرجي ها ـ
آخر ۾ مان کيس صلاح ڏيندس ته هو سائين جي ايم سيد سان غداريءَ جو ڪفاروادا ڪرڻ لاءِ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪري پر کيس همت ڪري، سائين جي ايم سيد سان غداريءَ جا ڪارڻ ٻڌائڻ گهرجن ـ
نوٽ: هن پوسٽنگ سان مثبت اختلاف راءِ رکڻ جو حق سڀني کي آهي پر بدتميزي ۽ گارگند ڪرڻ جو نه، اهڙن ماڻهن کي بلاڪ ڪيو ويندو ـ
 
باقي ڳالهين جو جواب مان نه ڏيندس .... اهو خالق جوڻيجي کي وضاحت ڪرڻ گهرجي.

پر هڪ ڳالهه ته جوڻيجو صاحب پاڻ يا سندس پارٽي جا ٻيا ورڪر ڀلي ٿورائيءَ ۾ ئي آهن، پر ڪردار جا صاف آهن، ڪنهن سان بد تميزي يا گار گند ڪونه ڪن.
مان جوڻيجي صاحب ۽ سندس پارٽي ورڪرن سان اڪثر ملندو رهندو آهيان. هو نه ته ڏوهاري آهن ۽ نه ئي انهن جو پاسو کڻندا آهن.
 
ممڪن آهي ته اوهان جو مختلف تجربو هجي پر مون کي پنهنجو تلخ تجربو آهي ـ اوهان سندن قومپرست ليڊر تي مثبت تنقيد ڪريو، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي موٽ ملي؟ مون سان، رڳو اختلاف راءِ جي بنياد تي هنن بدتميزي ڪئي هئي ۽ مون ان باڪس ۾ ڪافي وقت اڳ اهڙي شڪايت خالق جوڻيجي صاحب سان ڪئي هئي ۽ وسطيدار ماڻهن کي بلاڪ ڪيو هو ـ
 
Back
Top