پاڪستان ۽ دنيا جي سياست ۾ هلچل مچائيندڙ پاناما ليڪس جي پهرين قسط کان پوء هڪ ٻيو وڏو ڌماڪو سڀاڻي سومر تي ٿيندو.رپورٽن موجب ايندڙ ٻي قسط ۾ بين الاقوامي شخصيتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي به اٽڪل 400 بااثر شخصيتن جا نالا شامل آهن جن مان وڏو تعداد ڪاروباري شخصيتن جو آهي ۽ جن مان گھڻن جو تعلق لاهور ۽ ڪراچيء سان آهي. آئي سي آئي جي جي ذريعن مطابق جلد ئي دنيا جي اهڙين گھٽ ۾ گھٽ ٻه لک آف شور ڪمپنين جا تفصيل انٽرنيٽ تي موجود هوندا. ياد رهي ته پاناما ليڪس جي آيل پهرين رپورٽ جي نتيجي ۾ آئيس لينڊ جي وزيراعظم کي استعيفا ڏيڻي پيئي، برطانوي وزيراعظم کي به پريشاني ڏسڻي پيئي ۽ پاڪستان ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت سخت سياسي ۽ اخلاقي دٻاء کي منهن ڏيئي رهي آهي . http://sindhsujag.blogspot.com