• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هيء خبر به ڏسو؛ پاناما ليڪس جي حوالي سان ٻيو وڏو ڌماڪو

shafique shakir

سينيئر رڪن
HKBD%2BPANAMA2.jpg


پاڪستان ۽ دنيا جي سياست ۾ هلچل مچائيندڙ پاناما ليڪس جي پهرين قسط کان پوء هڪ ٻيو وڏو ڌماڪو سڀاڻي سومر تي ٿيندو.رپورٽن موجب ايندڙ ٻي قسط ۾ بين الاقوامي شخصيتن سان گڏوگڏ پاڪستان جي به اٽڪل 400 بااثر شخصيتن جا نالا شامل آهن جن مان وڏو تعداد ڪاروباري شخصيتن جو آهي ۽ جن مان گھڻن جو تعلق لاهور ۽ ڪراچيء سان آهي.
آئي سي آئي جي جي ذريعن مطابق جلد ئي دنيا جي اهڙين گھٽ ۾ گھٽ ٻه لک آف شور ڪمپنين جا تفصيل انٽرنيٽ تي موجود هوندا.
ياد رهي ته پاناما ليڪس جي آيل پهرين رپورٽ جي نتيجي ۾ آئيس لينڊ جي وزيراعظم کي استعيفا ڏيڻي پيئي، برطانوي وزيراعظم کي به پريشاني ڏسڻي پيئي ۽ پاڪستان ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت سخت سياسي ۽ اخلاقي دٻاء کي منهن ڏيئي رهي آهي .
http://sindhsujag.blogspot.com
 
Back
Top