پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ ڪجهه عرصو پهرين ٽنڊو محمد خان ۾ ٺهندڙ نئين سنڌي مزاحيه فلم چيڪ پوسٽ جون تصويرون توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪيون هُئم، دوستو اڄ انهي فلم جي ٽريلر جي مهورت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پليٽ فارم تان ڪري رهيو آهيان، دوستو، ان سلسلي ۾ آئون ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت سان محبت رکندڙ سائين عبدالمجيد سولنگي صاحب ۽ سنڌ سلامت جي ميمبر محترم محمد جمن شيخ صاحب جن جو جن سڀ کان پهرين هن فلم جو هي پرومو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پليٽ فارم تان هلائڻ جو فيصلو ڪيو۔ دوست هن فلم جي پرومو ۾ ڪٿي ڪٿي توهان کي توهان جو جهونو نثار ناز ۽ سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا نظر ايندا توهانجي پرخلوص راين جو منتظر رهندس
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر اسلام عليڪم سنڌ سلامت سنگت بيحد خوشي ٿي ۽ اوهان جي ڪاوشن کي ساراهبو پر جيڪي سنڌي دوست وطن کان ٻاهر آهن اهي دوست ڪئين ڏسي سگهندا!
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر محترم ۽ پيارا دوست، شال سدائين خوشين سان کيڏندا رهو۔! لک لائق جو توهان اسان جي ايندڙ فلم چيڪ پوسٽ جو هي ٽريلر ڏٺو، ادا اها فلم ايڊيٽنگ واري مرحلي کان به اُڪري پار پئجي وئي آهي، بس ائين سمجهو ته ريليز لا بلڪل تيار آهي، اسان ڪوشش ڪريون پيا ته ڪنهن مناسب فورم تان انهي فلم کي ريليز ڪرائجي ۽ عيدالفطر واري خوشين ڀرئي موقعي تي ريليز ڪريون۔ جيڪڏهن ڪنهن سنڌي ميڊيا چينل تان هي فلم نمائش ڪئي وئي ته ڏيهن ۾ رهندڙ سنڌين سان گڏ تقريبن ٻاهر رهندڙ هرڪو سنڌي هي فلم ڏسي سگهندو، ان کان علاوه منهنجي اها به ڪوشش هوندي ته اڍائي ڪلاڪن جي هي مزاحيه فلم چيڪ پوسٽ هڪ ئي وقت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان اها پوري مزاحيه فلم ونڊ ڪري سگهان ۔۔۔ مهرباني
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر وعليڪم اسلام سائين سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر ادا زبردست صفا لش پش۔
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر مهرباني مٺا عاشق سولنگي جو توهان منهنجي موڪليل هن سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ جي ٽريلر کي ڏٺو ۽ زبردست ۽ لش پش چيو۔
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر تمام بهترين ڪوششون آهن توهان جون سائين توهان جو ڪم ته اصل صفا لاجواب آهي ويڊيو ۾ سدائين گڏ
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر ڪوشش سٺي آهي۔۔۔ هاڻي فلم رليز ٿيڻ کان پوءِ خبر پوندي ته پوليس جي مثبت ڪردار سان فلم سبق آموز ثابت ٿيندي يا روايتي طريقي مطابق ڌاڙيلن کي هيرو بڻائي پيش ڪيو ويو آهي۔۔۔ جنهن سان معاشري ۾ بگاڙ ته ايندو ئي پر سابقه روايت به برقرار رهندي۔۔۔۔ سائين نثار صاحب توهان کي پوليس آفيسر جي روپ ۾ڏٺم پر هيرو جي خبر نه پئجي سگهي۔۔۔ ان ڪري فلم ٺاهيندڙ جي به خبر نه پئجي سگهي ۔۔۔ مهرباني فرمائي هيٺيون سوال فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر تائين ضرور پهچائجو۔۔۔ ڇا اسان روايتي ڪهاڻين کان هٽي ڪري معاشرتي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ فلمن جي ذريعي ڪو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا۔۔۔۔ ؟ جي ها ته پوءِ اڄ تائين اهڙي ڪوشش ڇونه ڪئي وئي آهي۔۔۔۔؟
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر ڀائو رشيد سمان ! تنهنجي هنن سوالن تي مونکي محترما ڪوشي لالواڻي سان ٽيلي فون ٿيل هڪ ڳالهه ٻول ياد پئي اچي مون کيس کان سندس فلم اويڪننگ تي تمام گهڻو خرچ ڪرڻ جي باري ۾ پڇيو پاڻ تمام وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين ته ڀائو ناز اها ڳالهه سهي آهي ته انسان لا دولت يا پيسو اهم آهي پر هُن جيڪا فلم اويڪننگ بڻائي آهي اها صرف پنهنجي سنڌي قوم ۽ پنهنجي آنند لا بڻائي آهي، بلڪل اهڙي طرح هي فلم چيڪ پوسٽ به اسان چند چرين جنهن ۾ ادا عبدالمجيد سولنگي، ادا محمد جمن شيخ، ادا خير محمد ملاح، ادا عبدالغفور سمون ۽ هن فلم جو ڪهاڻي ڪار ۽ هدايتڪار آڪاش صوفي عبدالسلام ۽ مان ڏينهن رات هڪ ڪري رڳو پنهنجي سڪون ۽ آنند خاطر بنائي آهي۔ ان فلم جي بنجڻ واريون تصويرون ۽ تفصيل مان ڪافي اڳ ۾ هن لنڪ ذر يعي سنڌ سلامت جي سمورن دوستن سان ونڊ ڪري چُڪو آهيان۔ شايد اها پوسٽ توهان جي نظرن مان ڪونه گُذري آهي http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=3069 باقي ڌاڙيل ، پوليس، نيڪ ڪردار، بد ڪردار، جيڪو به آهي اسان جي هن معاشري جا ڪردار آهن ڪو ڪيترو به چاهي انهن ڪردارن کان پاڻ پنهنجو پلئه آجو نٿو ڪرائي سگهي، ان هوندي به اسان هن فل مزاحيه فلم ۾ ڪوشش ڪئي اٿئون ته ڪجهه مختلف هُجي۔ خير جيئن ته اها فلم هاڻي مڪمل ٿي چُڪي آهي ڪوشش ۾آهيون ته عيدالفطر جي مُبارڪ موقعي تي ڪنهن اهڙي فورم تان هن فلم جي ريليزنگ ڪرايون جو تقريبن سموري سنڌ ان مزاحيه فلم کي ڏسي سگهي۔
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر سائين تمام بهترين
جواب: ٽنڊو محمد خان جي محنتي دوستن جي تعاون سان ٺهيل مزاحيه سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جوٽريلر واه ادا واه زبردست.