نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو جيئي سنڌ ڪجهه عرصو پهرين ٽنڊو محمد خان ۾ ٺهندڙ نئين سنڌي مزاحيه فلم چيڪ پوسٽ جون تصويرون توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪيون هُئم، دوستو اڄ انهي فلم جي ٽريلر جي مهورت سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پليٽ فارم تان ڪري رهيو آهيان، دوستو، ان سلسلي ۾ آئون ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت سان محبت رکندڙ سائين عبدالمجيد سولنگي صاحب ۽ سنڌ سلامت جي ميمبر محترم محمد جمن شيخ صاحب جن جو جن سڀ کان پهرين هن فلم جو هي پرومو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پليٽ فارم تان هلائڻ جو فيصلو ڪيو۔ دوست هن فلم جي پرومو ۾ ڪٿي ڪٿي توهان کي توهان جو جهونو نثار ناز ۽ سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا نظر ايندا
توهانجي پرخلوص راين جو منتظر رهندس