محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سال 1973 جي آئين ۾ چٽيءَ ريت لکيل آهي ته صوبائي اسيمبلي، صوبائي ٻولي سيکارڻ، انهيءَ جي ترقي ۽ صوبي جي ٻوليءَ جي استعمال لاءِ قانون اختيار ڪري سگھي ٿي ........بيريسٽر ضمير گھمري هڪ ڀيرو بيچ لگزري هوٽل ۾ ٿيل ڪتابن جي نمائش جي موقعي تي سنڌ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته: سال 1973 جي آئين موجب صوبائي ٻولي (سنڌي) جي حيثيت ڏنل آهي سا 1956 ۽ 1962 جي آئينن ۾ به ناهي ..........منهنجي خيال ۾ هونئن به هڪ سنڌي قومپرست ليڊر چاهي ها ته بنگالين سان ملي، سال 1956 جي آئين ۾، بنگالي ٻوليءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به قومي ٻولي مڃرائي سگھي ها پر افسوس ته هن اهڙي دور انديشي ڪونه ڏيکاري ۽ اها سادي سودي ڳالهه ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ـ
اهڙي ريت سال 1972 واري ايڪٽ ۾ به سنڌي ٻولي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي ـ ان کانپوءِ جيڪو آرڊيننس جاري ڪيو ويو تنهن جو نالو ئي ”وضاحتي آرڊيننس“ آهي، تنهن ۾ رڳو وضاحت ڪئي وئي، جيئن انهيءَ جي هيڊنگ مان ظاهر آهي، ڪو نئون قانون ڪونه ٺاهيو ويو هو ـ انهيءَ موجب به سنڌي ٻولي، سنڌ جي اڪيلي ٻولي برقرار آهي ـ اهو منهنجو چيلينج آهي ـ