”پنهنجو ايمان سلامت رک“ ”هيرٽ دو آٽرن“ انگريز شاعر افق کان پري ڏسندڙ نظر نه هوندئي ته تباه ٿي ويندين، آدرش نه هوندئي ته وڃائجي ويندين، دل هر حالت ۾ ڪنهن ايمان جي، روشني ۾ جڳمڳائيندڙ هجي، ڪا اميد هجي، ڪو خواب هجي، جنهن کي سوگھو جهلجي، آسمان ۾ انڊلٺ هجي، چپن تي ڪنهن نغمي جو آلاپ هجي، ڪرڻ لاءِ انساني خذمت جو ڪو ڪارنامون هجي، هر حالت ۾ هر قيمت تي، پنهنجو ايمان سلامت رک.