• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

برابري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ حرا
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

حرا

سينيئر رڪن
هڪ اداري ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو،ڄاڻ سڄاڻ به هئي ۽ ان اداري جِي سربراه کي منهنجي هتي اچڻ جي ڄاڻ ۽ چيو ته پنج منٽ انتظار ڪريو مان اچان ٿي ته ان وچ ۾ ان جي برابر گريڊ جي افيسر آئي ته ٻئي ليڊيز آفيسر ڪچهري ۾ پئجي ويون آفيس جي ڪم جي ڳالهه ٻولهه جو وقت مشڪل سان 10 منٽ هوندو،مان خاموشي سان ٻنهي جو ڳالهيون ٻڌندي رهيس نيٺ صبر جواب ڏنو ۽ اداري جي سربراه کي ڪم ڪري 0يڻ جو چيو بعد ۾ اڌ ڪلاڪ جي وقفي کانپو منهنجو ڪم ٿيو.
جيتوڻيڪ سربراهه مونکي ذاتي طور سڃاڻندي هئي ان باوجود ڪم ڪرڻ ۾ تاخير جو سبب ان جي آفيسري هئي سوچان پئي ته ٻين عام ماڻهن جو ڇا حال هوندو ٻيو ته اهو ڪهڙو انقاف آهي ته جيڪڏهن هڪ آفيسر ڪنهن اداري ۾ آيل آهي ته باقي عام ماڻهن سان لاڳاپيل ۽ اداري سان لاڳاپيل ڪم رڪجي وڃن آفيسر جي عزت برابر پر خلق خدا ۾ برابري قانون جو حڪم آهي ۽ سڀ انسان برابر آهن اسان جا پڙهيل ماڻهو قبول نه ٿا ڪن.
 
Back
Top