جڏهن ڪنهن به بادل ،جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون ،الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون .جڏهن چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون ،جڏهن ڪنهن به ڪوئل اسر ويل ڳايو ،تڏهن وِلهه ويتر وڇوڙو وڌايو ،جڏهن ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جو ڀڄايون .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون ،جڏهن کيت ۾ ٻاجهرين سنگ واريا ،جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلاريا ،جڏهن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون ،جڏهن تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو هو ،تڏهن ڏُرو "آڪاش" ڪيڏو رُنو هو ،جڏهن جيءَ جهورڻ هي آيون جدايون .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون. شاعر:،آڪاش انصاري آواز:،سرمد سنڌي