ٻول : ،الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون

'ٻول' فورم ۾ غلام مرتضى ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2016۔

  1. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    • جڏهن ڪنهن به بادل
    ،جڏهن ڪنهن به بادل، ولهاريون وسايون
    ،الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون
    .جڏهن چنڊ چوڏس ڪيون چلولايون
    .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون


    ،جڏهن ڪنهن به ڪوئل اسر ويل ڳايو
    ،تڏهن وِلهه ويتر وڇوڙو وڌايو
    ،جڏهن ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جو ڀڄايون
    .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون


    ،جڏهن کيت ۾ ٻاجهرين سنگ واريا
    ،جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلاريا
    ،جڏهن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون
    .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون


    ،جڏهن تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو هو
    ،تڏهن ڏُرو "آڪاش" ڪيڏو رُنو هو
    ،جڏهن جيءَ جهورڻ هي آيون جدايون
    .الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.


    شاعر:،آڪاش انصاري
    آواز:،سرمد سنڌي
     
    تنویر احمد، عبيد ٿھيم ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مائٽ وڊيو جيڪڏهن هُجيوَ ته امبيڊ ڪريو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    حاضر مائٽ ڇو نه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    392
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو