Shabir Ahmed Qureshi
سينيئر رڪن
راج رشي ديوان ديا رام گدو مل شاهواڻي(1857_1927)
بحيثيت جج.
پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن “ ۾ لکي ٿو ته مجسٽريٽ جي حيثيت سان ديوان صاحب جي شڪارپور ۾ مقرري 1889 ۾ ٿي ته هڪ هندو سيٺ ميوا رام جو ڪيس سندس سامهون آيو جنهن ۾ هن هڪ غريب عورت جي لڄ لٽي. سيٺ وڏي اثر رسوخ وارو هئو. شڪارپور جي هندن کي جڏهن خبر پئي ته ڪيس اسان جي هڪ هندو ڀاء وٽ آهي ته وڏا پرجوش ۽ پر اميد هئا ته هي ڪيس هندو سيٺ جي حق ۾ ويندو پر مذهبي تعصب کان پري ٿي ڪري هن عورت کي انصاف ڏياريو . ڏنڊ سان گڏ مجرم کي ست سال قيد بامشقت سزاجو فيصلو ڪيائين .
ساڳي طرح هندن توڙي مسلمانن مان مذهبي ناٽڪي ماڻهن کي مناسب رويي سان سندن جنونيت کي ٻنجو ڏنائين .هڪ انتها پسند مسلمان ڪنهن بي گناه جو قتل ان ڪري ڪيو جو بقول سندس جي ته رات مون کي خواب ۾ اشارو ٿيو يا الهام ٿيو ته هن کي مار.… ڪيس سندس عدالت ۾ آيو. هن هڪ لمحي جي دير نه ڪئي نتائج جي پرواه ڪرڻ بغير ته هن فيصلي ۾ ڪيتري رسڪ آهي مذهبي فساد ٿي سگهن ٿا .هن ملزم جو ميرٽ تي فيصلو ڪندي عمر قيد جي سزا ڏني ۽ جج منٽ ۾ لکيائين ته سنڌ ۾ هزارين ماڻهو رهن ٿا، اڄ هڪ ماڻهو کي نام نهاد الهامي حڪم تحت ماريو ويو آهي …صبحاڻي هر هڪ دعوي ڪندو ته مون هي ڪڌو ڪم فلاڻي مذهبي پير فقير مرشد يا وليء جي اشاري تي ڪيو ته سنڌ ۾ مذهبي خونريزي مروج ٿي ويندي.
ديا رام جج طور ريٽائر ٿي بمبئي لڏي ويو اتي هوميو پيٿي طبيب جي حيثيت سان غريبن جو علاج شروع ڪيو. هڪ آشرم کوليائين جتي امير خاندان جا ٻار تربيت وٺندا هئا ته ڪينئن عام ماڻهن ۽ غريبن جي خذمت ڪجي. هن آشرم جا ٻار ديارام کي “پتا جي“ ڪري چونداهئا.