راج رشي ديوان ديا رام گدو مل شاهواڻي(1857_1927)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2016۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    راج رشي ديوان ديا رام گدو مل شاهواڻي(1857_1927)
    بحيثيت جج.
    پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن “ ۾ لکي ٿو ته مجسٽريٽ جي حيثيت سان ديوان صاحب جي شڪارپور ۾ مقرري 1889 ۾ ٿي ته هڪ هندو سيٺ ميوا رام جو ڪيس سندس سامهون آيو جنهن ۾ هن هڪ غريب عورت جي لڄ لٽي. سيٺ وڏي اثر رسوخ وارو هئو. شڪارپور جي هندن کي جڏهن خبر پئي ته ڪيس اسان جي هڪ هندو ڀاء وٽ آهي ته وڏا پرجوش ۽ پر اميد هئا ته هي ڪيس هندو سيٺ جي حق ۾ ويندو پر مذهبي تعصب کان پري ٿي ڪري هن عورت کي انصاف ڏياريو . ڏنڊ سان گڏ مجرم کي ست سال قيد بامشقت سزاجو فيصلو ڪيائين .
    ساڳي طرح هندن توڙي مسلمانن مان مذهبي ناٽڪي ماڻهن کي مناسب رويي سان سندن جنونيت کي ٻنجو ڏنائين .هڪ انتها پسند مسلمان ڪنهن بي گناه جو قتل ان ڪري ڪيو جو بقول سندس جي ته رات مون کي خواب ۾ اشارو ٿيو يا الهام ٿيو ته هن کي مار.… ڪيس سندس عدالت ۾ آيو. هن هڪ لمحي جي دير نه ڪئي نتائج جي پرواه ڪرڻ بغير ته هن فيصلي ۾ ڪيتري رسڪ آهي مذهبي فساد ٿي سگهن ٿا .هن ملزم جو ميرٽ تي فيصلو ڪندي عمر قيد جي سزا ڏني ۽ جج منٽ ۾ لکيائين ته سنڌ ۾ هزارين ماڻهو رهن ٿا، اڄ هڪ ماڻهو کي نام نهاد الهامي حڪم تحت ماريو ويو آهي …صبحاڻي هر هڪ دعوي ڪندو ته مون هي ڪڌو ڪم فلاڻي مذهبي پير فقير مرشد يا وليء جي اشاري تي ڪيو ته سنڌ ۾ مذهبي خونريزي مروج ٿي ويندي.
    ديا رام جج طور ريٽائر ٿي بمبئي لڏي ويو اتي هوميو پيٿي طبيب جي حيثيت سان غريبن جو علاج شروع ڪيو. هڪ آشرم کوليائين جتي امير خاندان جا ٻار تربيت وٺندا هئا ته ڪينئن عام ماڻهن ۽ غريبن جي خذمت ڪجي. هن آشرم جا ٻار ديارام کي “پتا جي“ ڪري چونداهئا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراڇي ۽ سنڌ سڀا جو ببنياد رکندڙ
    جنم حيدرآباد سنڌ.
    ديوان ديارام گدو مل سنڌ جي اولين گريجوئيتس مان هئو جنهن بامبئي يونيورسٽي مان بي اي سان گڏ لا جي ڊگري 1887 ۾ حاصل ڪئي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ سنڌ جو جوڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. ڪافي سالن جي نوڪري بعد کيس سنڌ هائي ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو مگر هن اهو عهدو وٺڻ کان انڪار ڪيو 1911 ۾ نوڪري تان مستعفي ٿيو.هن نوڪري دوران ئي سماجي بهبود ۽ تعليمي ادارن جو بنياد وڌو.ان وقت سنڌ جي سرڪاري زبان فارسي هئي .ديوان صاحب 10 سالن جي عمر کان ئي انگريزي پڙهيو ،مهارت حاصل ڪئي سندس دلي خواهش هئي ته سنڌي به جديد علوم حاصل ڪن. هي سنڌي هندن جي گاڊ فادر وانگر هئو. هن پنهنجي ڀاء مٺا رام سان گڏجي ڪراچي ۾ ڊي جي (ديارام جيٺمل ) سائنس ڪاليج جو ۽ حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج جو بنياد وڌو .مشهور مٺا رام بلڊنگ هاسٽل سندن يادگار آهي. سٺي انصاف پسند ۽ غير جانبدار جج جي حيثيٽ ۾ سندس ڏنل فيصلا ساراهڻ جوڳا هئا. پاڻ سنڌي انگريزي ،عربي ۽ گرمکي جا ماهر هئا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    راج رشي ديوان ديا رام گدو مل شاهواڻي(1857_1927)
    ديوان صاحب جي زندگي جو لڪل راز.
    بمبئي ۾ آشرم هلندي دوران هڪ حيرت ناڪ خبر سندس شاگردن دوستن گهڻ گهرن ۽ سنڏين کي پئي ته ديوان صاحب آشرم جي هڪ سترنهن سالن جي شاگردياڻي سان شادي ڪئي آهي .ديوان آشرم بند ڪري باندره ۾ گهر واري سان گڏ منتقل ٿي ويو.
    جينئن ته ديوان صاحب جي شخصيت سنڌ ۽ هند ۾ مشهور هئي .سماجي حلقن ۾ اخبارن ۾ هن ڳاله جو ذڪر وڏي شور و غل سان ٿيڻ لڳو. ڪافي ماڻهو هن ڳاله کي نندڻ لڳا. سنڌ جي اخبارن ۾ به خبرون ڇپيون تبصرا ٿيا. “ڌيء شادي ڪئي پيءسان“…………“خود غرضي جي انتها“ جهڙا عنوان القاب مليس. ايتري قدر جو پنهنجي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ کيس عوامي نفرت کي ڏسڻو پيو .سندس هڪ دوست هڪ اخبار جو ايڊيٽر هئو ان به هن جي خلاف لکيو .ديوان صاحب کيس پوسٽڪارڊ موڪليو ته توهان ڀلي پنهنجو فرض پورو ڪيو مون به پنهنجي فرض جي ادائگي ڪئي آهي.
    جلد ئي ديوان صاحب هڪ نياڻي جو پيء ٿيو .بدنامي جي خوف کان گمنامي ۾ هليو ويو .10 سال گذري ويا. سندس گهر واري شديد بيمار ٿي پئي سندس والدين کيس ڏسڻ ويا. نياڻي کين ٻڌايو ته مان هاڻي زنده نه بچنديس .حيرت ناڪ انڪشاف ڪيائين ته آشرم ۾ تربيت حاصل ڪندي هڪ نوجوان سان عشق ٿيو . جنهن مونکي ڌوڪو ڏنو مان ڳورهاڙي ٿي ويس .بدنامي جي ڊپ کان مايوس هئس … منهنجي مٿي تي ديوان صاحب هٿ رکيو منهنجي زندگي بچايائين .منهنجي لاء قرباني ڏنئين. هي ٻار به انهيء ڌ وڪي باز مان آهي .منهنجو اڄ ڏينهن تائين ديوان صاحب سان پيء ۽ ڌي ء جو رشتو آهي .ديوان پيرسن آهي سندس خذمت مون تي قرض آھي منهنجو ابو آهي.
    اها خبر ماء شيئر ڪئي مڙس سان ۽ پيء شيئر ڪئي دوستن سان، دوستن پريس سان خبر جي باقائدي تصديق ديوان صاحب ۽ ڌيء (گهر واري ) کان ٿي … سندس دوست ويرومل کي خبر پئي . هنڌ سنڌ ۾ هي خبر خوشي ۽ حيرت عقيدت سان ٻڌي، پڙهي وئي .جيڪڏهن مرندڙ ڇوڪري اهو راز نه کولي هان ته اسان کي ديوان جي عظمت جي خبر نه پوي هان … ايڏو وڏو ڪم پنهنجي سماجي زندگي جي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو