خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / آچر 15 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ضابطن هيٺ ڪميشن نه ٿي جوڙي سگھجي، جاچ ۾ ورهيه لڳي ويندا: چيف جسٽس (خبر)
* * ڊيگھه ڪرڻ خاطر ئي، سپريم ڪورٽ کي جاچ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي (تبصرو)

* سنڌ سرڪار ٿر ۾ ڊيم ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي (خبر)
* * سکڻن ڪاغذ ۾ ٺهندو يا سچ پچ؟ (تبصرو)

* سنڌي ادبي سنگت کي سياست تباهه ڪري ڇڏيو آهي: زيب نظاماڻي (خبر)
* *... ..پوءِ ان کي جيئارڻ لاءِ ته گائيڊ لائين ڏيو؟ (تبصرو)

* ڪراچيءَ ۾ هڪ خاتون 5 ٻارڙن کي جنم ڏنو (خبر)
* *هڪئي وقت 5 ٻارڙا؟ ويچاريءَ کي ڏاڍي محنت ڪرڻي پيئي هوندي! (تبصرو)

*سيل فونز سان ڪينسر نه ٿي ٿئي (خبر)
* * هلو....ڪا نه ڪا چڱي خبر ته ملي....!! (تبصرو)
 
Back
Top