طرحي غزل صاحب طرح؛؛ سائين احمد سولنگي پاران ___ ادبي دنيا طرح __ اوهان جون اکيون ٿي، اوهان کي ڏسون ٿا اسان جي اکين ۾ ڪٿي سگهه سائين اوهان جون اکيون ٿي، اوهان کي ڏسون ٿا جڏهن کان تون دلبر ويو آهين وڇڙي حياتي جي رڻ ۾، ئي رلندا رهون ٿا نه ٿا ڏيون ڏوراپو نه ئي ڏوھ ڪوئي اوهان جي نه قابل، هئاسين مڃون ٿا اوهان بعد مرڪڻ ويو آهي وسري مگر ڪو ملي ٿو، ته مرڪي ملون ٿا جڏهن هيڪلائي ٿي ساڙي اسان کي تڏهن زلف خادم، ڪي ساري روئون ٿا