ٽوٽل ڪاپي ۔۔۔۔۔۔

'سافٽويئر' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فائلز ڪاپي پيسٽ ڪرڻ جو عمل جڏهن هلي رهندو آهي ته ان کي ٿوڙي دير جي لاءِ به روڪي نه ٿو سگهجي۔۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪينسل جو آپشن استعمال ڪنداسين ته سڀ ڊيٽا ٻيهر پيسٽ ڪرڻو پئجي ويندو۔ پر ”ٽوٽل ڪاپي“ سافٽويئر انهي ڪم جو حل پيش ڪيو آهي۔۔۔۔۔ هن جي مدد سان سان توهان ڪاپي ٿيندڙ فائيلز کي جيتري دير تائين چاهيو روڪي سگهو ٿا يعني Pause ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ ۽ پوءِ ٻيهر کان وري ان ساڳي جاءِ تان ڪم کي جاري رکي سگهو ٿا جتان توهان ان کي روڪيو هو۔ يعني Resume ڪري۔۔۔۔۔۔
    جيڪڏهن نيٽ ورڪ تان ڪنهن شي جي ڪاپي ڪري رهيا آهيو ۽ نيٽ ورڪنگ تان ڪنهن سبب جي ڪري ڊسڪنيڪٽ ٿي وڃو يا ڪو ايرر اچي وڃي ته هي سافٽويئر خود بخود ڪاپي ڪرڻ واري عمل کي پاس ڪري ڇڏيندو آهي۔۔۔۔ ان طرح ٻيهر سلسلو جڙڻ تي اتان کان ئي ڪم ٻيهر جاري ڪري ڇڏيندو آهي۔۔۔۔
    هن سافٽويئر تي سپيڊ بار پڻ موجود ٿيندو آهي جنهن جي مدد سان ڪاپي پيسٽ جي عمل جي رفتار کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔۔۔۔ چاهيو ته رفتار وڌائي به سگهو ٿا ۽ چاهيو ته گهٽائي به سگهو ٿا۔۔۔۔
    هن سافٽويئر اها دعويٰ ڪئي آهي ته هي ونڊوز جي مقابلي ۾ ڊيٽا جي جلدي ڪاپي ڪندو آهي۔۔۔۔ ته پوءِ توهان به آزمائي ڏسو ته سندن اها ڳالهه ڪيتري سچ آهي۔۔۔۔

     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه ادا رشيد واه توهان تمام ڪم جو سافٽ ويئر شيئر ڪيو آهي ادا اوهان اسان جا گهڻا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن واقعا ادا ان جي دعوي درست آهي ادا مهرباني سهڻا
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب شيئرنگ آهي ادا رشيد
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    واقعي به وڏو ڪارائتو سافٽويئر آهي۔
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، تمام جبڙدست (زبردست) سافٽويئر آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو