مرکان شيخڻ : سنڌ جي پهرين عورت شاعره

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مون مرکان بڻجي تنهنجا لاڏا ڳايا

    سنڌ جي پهرين عورت شاعره؛ مرکان شيخڻ

    عثمان راهوڪڙو

    سنڌي ادب جي تاريخ ۾ مرکان شيخڻ جو نالو پير صدرالدين کان به اڳ اچي ٿو. هن شاعره جو جنم ڪرهيو ڀانڊاري ۾ ٿيو. ڪرهيو ڀانڊاري بدين کان 42 ڪلوميٽر پنڌ تي ساحلي زيرو تي. روپا ماڙي کان اولهه طرف تپي چورهڏي جو ڳوٺ آهي. جيڪو هن وقت به ڳوٺ شيخ ڪرهيو جي نالي سان آهي. هن ڳوٺ ۾ مشهور محقق شيخ محمد سومار، آدم شيخ، الهبچايو شيخ، ساجن شيخ ۽ ٻيا پيدا ٿيا. جن جي پنهنجي پنهنجي حساب سان بلي بلي رهي آهي. پر مرکان شيخڻ جو پنهنجو مقام هو. هن پنهنجي مرشد ڪرهيو ڀانڊاري جي عقيدت ۾ شاعري ذريعي جيڪي گل نڇاور ڪيا آهن، سي سادي ٻولي ۽ سادي خيال جا ڀلين عڪاس هجن، پر جڏهن به سنڌي ادب ۾ شاعري جي ڳالهه اچي ٿي، تڏهن مرکان جو نالو عورت شاعره جي حساب سان سرفهرست اچي ٿو. درگاهه قرهيو ڀانڊاري جي قبرستان ۾ هن جي قبر به هاڻي ضرب خاني جيان مٽي جي مٽي ٿي وئي آهي. پر سندس ڳاتل لاڏا اڄ به هن جي ياد جا ڏيئا روشن ڪن ٿا. هن وقت جو محقق شيخ محمد سومار جو ڀاڻيجو ابوبڪر شيخ بدين ۾ رهي ٿو. اهو چوي ٿو ته مرکان جو اصل ڳوٺ قرهيو ڀانڊاري هو يا نه هو ؟ ان تي ڪابه آخري راءِ ان ڪري رکي نٿي سگھجي، ڇاڪاڻ ته ساحلي پٽي سميت لاڙ پٽ جا شيخ قرهيو ڀانڊاري جا عقيدت مند هئا. ڇابه هجي پر مرکان جو نالو سنڌي ادب جي شاعري واري ڪينواس تي ستارن جي جھرمر جيان چمڪندو رهندو. هن جي عقيدت جا لفظ اڄ به ڪرهيو ڀانڊاري جون عقيدت مند ناريون ۽ مرد درگاهه تي هن طرح سان ڳائيندا آهن ته؛

    دهل گھرايم سهڻا مور چيندور،
    مرشد جي ملي تي رهاڻ
    ڪرهيل جي جملي تي رهاڻ
    جيئن پير، لوڏون ڪندين سنڌ ۾.

    2

    شرنايون گھرايم سهڻيون، مورچنيدور
    مرشد جي ملي تي رهاڻ
    ڪرهيل جي جملي تي رهاڻ
    جيئن پير، لوڏون ڪندين سنڌ ۾.
    يا سندس ٻي هيٺين عقيدت هن طرح آهي ته؛
    هي ڪانڊيرو ڙي لس
    هي واسڙي وس
    آءُ کلندي ڪڏندي اچان
    ڪرهل ڏٺم سک يار ۾
    آئون کلندي ڪڏندي اچان
    ڀانڊاري ڏٺم سک يار ۾
    آئون کلندي ڪڏندي اچان
    هي واسڙي جي وس
    هي ڪانڊيرڙي لس.

    مرکان جي لاڏن بابت شيخ محمد سومار جو ننڍڙو ڪتابڙو مرکان جا لاڏا جي عنوان سان ڇپيل آهي. جيڪو هن وقت ناياب ٿي ويو آهي. جڏهن مرکان شيخڻ حيات هئي. ان سمي دوران اسان کي سنڌي شاعري واري ڀاڱي ۾ پير نورالدين وفات 1095 جي شاعري جو هي نمونو ملي ٿو. “

    بن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سچي سار
    جيون نت اُٺ راهه چلڻا، آخر اجڙ واس.

    وانگر ئي پير صدرالدين حسيني ( 1920_ 1409 ) جي شعر جو هي نمونو هو ته؛

    ٻانها تنهنجو تڪيو ڪنڊن ۾ ڪوڙ
    پسي رتا گلڙا، م وڃائج مور

    اتي وري سمنگ چارڻ ( 1200_ 1300 جي وچ ۾) جي ڪهڙي ادا هئي، سا هيٺ ڏجي ٿي.

    در آئي مڱڻي دان سڀڪو ڏي
    سپڙ سو ساري، جو جھوپڙين ۾ جھپڪي.

    جيان پير پٺو/ شاهه حسن اپلاڻي ( وفات 1248ع ) جي شاعري ۾ هن انداز جي هئي.

    ديبل پاس ڌڪلجي آيو آب اڀار
    مڪلي ماڳ مٿائين، ٿياسون ڌاروڌار

    ۽ ڀاڳو ڀان ( 1300ع _ 1360 جي وچ ۾ ) جون دودو سومري جي شهادت تي هي سٽون؛

    اڀ سڀ ڪنهن اچو، اڀ نه اوچوڪوءِ،
    سئي به مٿي ٿيو، سورهيه سر سندوءِ.

    جي ڀيٽا ۽ هن سموري دور جي شاعري جي اڀياس مان مرکان شيخڻ جي عقيدت وارن لاڏن جي پرک ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت جو سگھاري ۾ سگھارو شعر ان قسم جو هو. باقي ساراهه جو انداز هر ڪنهن جو پنهنجو هو. ڪنهن وٽ پالڻهار جي ساراهه هئي، ڪنهن وٽ مرشد جي ته ڪنهن وٽ سورهيه جي. ان دور جي ٻولي جا عڪس به سڀني جي شاعري مان چٽا نظر اچن ٿا. ۽ لهجن جي به پروڙ پوي ٿي.

    urahookro@gamil.com
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو