خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / ڇنڇر 21 مئي 2016 / محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي، وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو حق ڪونهي: عمران خان (خبر)
* * نوازشريف جو واسطو پنجاب سان آهي سو هر قانون کان بالاتر آهي (تبصرو)

* رستا ٺاهڻ جرم ناهي: وزيراعظم نواز شريف (خبر)
* * ..پر ٽن صوبن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ، جرم آهي (تبصرو)

* 2 پورهيتن کي منهن ۾ جوتا کڻائيندڙ وڏيرو محمد بخش مبيجو گرفتار (خبر)
* * گھڻن وڏيرن کي خبر ئي ناهي ته پورهيتن جي به عزت هوندي آهي (تبصرو)

* پارليامينٽ جي ميمبرن جون پگھارون ۽ رعايتون ڏهوڻ تي وڌائڻ جي سفارش (خبر)
* *شايد پارلياماني ميمبرَ، آسمان کان لهي آيا آهن (تبصرو)

* وفاق جي دل ”سي سي آءِ“ کي وينٽيليٽر تي وڃڻ نه ڏنو ويندو: رضا رباني (خبر)
* * ”پنجاب جي وزيراعظم“ نواز شريف جو وس پڄي ته ان کي ڳِهي وڃي(تبصرو)

* پاڪستان کي 2 کرب نوان وڻ لڳائڻ جي ضرورت آهي: واشنگٽن پوسٽ (خبر)
** نوان وڻ لڳائڻ ته ٿيو پري، چئو ته 2 کرب وڻ منٽن ۾ وڍي ڏيکارن (تبصرو)
 
* پاڪستان کي 2 کرب نوان وڻ لڳائڻ جي ضرورت آهي: واشنگٽن پوسٽ (خبر)
** نوان وڻ لڳائڻ ته ٿيو پري، چئو ته 2 کرب وڻ منٽن ۾ وڍي ڏيکارن (تبصرو)

ٻه کرب پري جي ڳالھ رڳو ست وڻ پوکيندا ته اخبارن ۾ 10 با 10 جا رڳو سندن ڦوٽو هوندا ته ”فلاڻو خان وڻ پوکي رهيو آهي“، ڪجهه ڏينهن کان پو اُهي وڻ ٻڪريون چَرِي وينديون ۽ هي همراھ (جيڪي سدائين اي.سي رومز ۾ ئي رهيا آهن) پنهنجن ئي ڪمرن تائين مشتمل هوندا..
”اپنا ڪام بنتا، ڀاڙ ۾ جائي جنتا“
 
سائين....سچا آهيو ـ ڪجھه وقت اڳ تمر جا لکين ٻوٽا لڳايا هئائون، هندوستان جو عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ پر ٿوري وقت کانپوءِ سار سنڀال نه لهڻ سبب انهن مان گھڻا ختم ٿي ويا ـ
 
Back
Top