”نيل “ جي ڪهاڻي.

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    [​IMG]
    ”نيل “ جي ڪهاڻي.

    شفيق شاڪر

    نيل ندي دنيا جي ڊگھي ۾ ڊگھي ندي شمار ٿئي ٿي.ان جي ڊيگھه اٽڪل 6853 ڪلوميٽر آهي.اها نديآفريڪا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ “ وڪٽوريا” مان نڪري ٿي.ان علائقي ۾ برساتون تمام گھڻيون پون ٿيون جنهن ڪري اتي تمام گھاٽا جھنگل آهن.انهن جھنگلن ۾ هاٿي،شينهن، گينڊا،جھنگلي مينهيون، هرڻ ،واڳون ، نيل ڳئون ۽ ٻيا انيڪ جانور موجود آهن.انهيء علائقي کي نيشنل پارڪ جو درجو مليل آهي.جڏهن اهو درياء سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جي رفتار ڪافي سست ٿي وڃي ٿي ڇو ته اتي درياء هڪ ڌٻڻ مان گذري ٿو جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڌٻڻ يا دلدل آهي جنهن جي ڊيگھه لڳ ڀڳ 700 ڪلوميٽر آهي.پر قدرت جا رنگ ڏسو جو اها ڌٻڻ دنيا جي عام ڌٻڻن کان بلڪل مختلف آهي.عام ڌٻڻ ۾ ڪنهن جيو جو پير ڌٻڻ جي مٿان مس آيو ته ويندو هيٺ گچندو ۽ جيئن جيئن ٻاهر نڪرڻ جي لاء هٿ پير هڻندو اوترو ويندو موت جي ويجھو ٿيندو پر نيل درياء جي رستي ۾ جيڪا ڌٻڻ اچي ٿي انهيء جي مٿان سائي گاھ جي اهڙي ته ٿلهي ۽ مضبوط چادر چڙهيل آهي جو مٿانئس ڀلي هاٿي پيا ٽپا ڏين،مجال جو اندر وڃن!دريا جو پاڻي انهيء ساوڪ ۽ گاھ کي ٿونا هڻڻ بجاء پنهن جي رفتار جھڪي ڪري ان جي ساوڪ جي هيٺان گذرندو رهندو آهي.ڏيئو کڻي پيا پاڻيء کي ڳولهيو ته اتي اچي اوچتو ويو ڪيڏانهن؟جيستائين ست سو ڪلوميٽرن جو سفر پورو نٿو ڪري زمين تي بيٺلن کي پنهن جو ديدار نٿو ڪرائي.هتي هڪ ٻي دلچسپ ڳالھه اها به ڪندا هلون ته انگريزي ۾ هڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو papyrusپاپئيرس جيڪو ڪنهن گٿي جهڙي ٿلهي ڪاغذ جي لاء استعمال ٿئي ٿو، پر اصل ۾ اهو لفظ گاھ جي ان ٿلهي چادر جو نالو آهي جيڪا چادر نيل دريا جي رستي ۾ان ڌٻڻ جي مٿاڇري تي پکڙيل آهي.انهيء مان ئي لفظ Paperٺهيو آهي جيڪو انگريزيء ۾ عام طور تي ڪاغذ يا پني لاء ڪم اچي ٿو.ان پائيپرس واري سائي چادر هيٺان به جانورن جي هڪ عجيب غريب دنيا آباد آهي.قسمين قسمين مڇيون ۽ ڏيڏر ته ٿيا پنهن جي جڳھه تي پر هتي ته سنسار ئي ڪجھه ٻيو آهي.سارس، ٻگھه، پاڻيء جون رنگ برنگي جھرڪيون ۽ ٻيوبه خبر ناهي ڇا جو ڇا جيڪو خشڪيء جي مڪينن جي اکين کان اوجھل آهي. نيل درياء جا ٻيا ساٿي ۽ سنگتي دريا حبشه جي جبلن کي چيري ڦاڙي اچي نيل ۾ سمائجن ٿا.انهن مان سڀني کان اهم دريا نيرو نيل سڏائي ٿو.اهو درياء حبشه جي تانا ڍنڍ مان تيار ٿي سفر جو سانباهو ڪري ڪجھه اڳيان هڪ خوبصورت جھرڻي جو روپ وٺي غضب جي تيزيء سان هڪ اونهي کڏ ۾ جمپ هڻي ٿو ۽ نچندو ڪڏندو خرطوم واري جاء تي نيل نديء سان ڀاڪر پائي هڪ ٿي وڃي ٿو. نيل درياء اڳتي جڏهن اتبارا جي هنڌ پهچي ٿو ته هڪ ٻيو درياء اتبارا جي ئي نالي سان منجھس گم ٿي وڃي ٿو.انهي دريا کي به نيل جي سڪ حبشا جي جبلن مان ڇڪي اچي ٿي.خرطوم ڪراس ڪرڻ بعد نيل جي رستي ۾ ڪيتريون ئي اونهيون لاهيون يعني ڪن به سندس ڀليڪار ڪن ٿا.سندس رستي ۾ ڇتيون رڪاوٽون به اچن ٿيون،انهن مان ڇھه عظيم رڪاوٽون آهن جن مان نه ته ڪا ٻيڙي ٿي گذري سگھي ۽ نه ڪا موٽر بوٽ!
    [​IMG]
    سوڊان ۾ مصر جي سرحد تي نيل درياء ناصر ڍنڍ ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪا قدرتي نه پر انسان طرفان هٿرادو بنايل ڍنڍن مان دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي.اتي ئي اسوان جي جڳھه تي دريا جي پاڻيء کي روڪڻ لاء هڪ وڏو بند “ اسوان” جي نالي سان ٻڌو ويو آهي.جتي رڪجندڙ پاڻيء وڏي ڍنڍ ٺاهي ڇڏي آهي جنهن مان ڪئنال يا واھ ڪڍي پاڻيء کي سرنگن مان گذاري انهيء مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي.انهيء کان سواء انهن واهن جي ذريعي زمينون آباد ڪيون وييون آهن.درياء نيل جي ٻنهي طرفن پنجاه ـ پنجاه ميلن تائين انهيء پاڻيء تي آباد ٿيندڙ ٻنيون ئي ٻنيون ۽ ساوڪ ئي ساوڪ آهي. ان ڪري ئي مصر کي درياء نيل جي سوکڙي چيو ويندو آهي جهڙيء طرح سهڻي سنڌ کي اسان سنڌو درياء جي سوکڙي چوندا آهيون.مصر جي گاديء واري شهر قاهره مان گذري ٿڪل ٽٽل نيل دريا اسڪندرياجي ويجھو پهچي آهستي آهستي آرام جون تياريون ڪندي آخر پنهن جن موجن کي خوشي خوشيء هڪ وڏي سمنڊ “ بحيره روم ” جي موجن حوالي ڪري اکين کان گم ٿي وڃي ٿو. هتي هڪ ٻي دلچسپ حقيقت به قابل بيان آهي ته جڏهن دنيا ۾ اڃا جديد سائنسي اوزار ايجاد ئي نه ٿيا هئا ان وقت به مصري ماڻهو ان دريا جي پاڻيء جي رفتار ۽ ڪيفيت پرکڻ لاء هڪ اوزار استعمال ڪندا هئا جنهن کي نيلو ميٽر چيو ويندو هو.نيلو ميٽر ڇاهو؟ نيل درياء جي ڪناري ٺهيل هڪ ڪمرو هو جنهن ۾ هڪ سرنگ مان دريا جو پاڻي داخل ٿيندو رهندو هو جنهن جي چڪاس ڪري ان جي رفتار،ڪيفيت،رنگ،ذائقو،ايستائين جو آبپاشيء جي حوالي سان ان جي فائدن ۽ نقصانن جي باري ۾ به اندازا لڳايا ويندا هئا.اهو به اڳواٽ ٻڌايو ويندو هو ته دريا ۾ ٻوڏ ايندي يانه ۽ ڪيترو نقصان ٿيندو وغيره نيل دريا جي ڪناري هزارين سالن تائين تهذيبون جنم وٺنديون ۽ مٽجنديون رهيون واديء نيل جا رهواسي هڪ ڊگھي عرصي تائين ان راز کان اڻ واقف ئي رهيا ته اهو درياء ڪٿان پنهنجو سفر شروع ڪري ڪهڙين ڪهڙين ڌرتين جي اڃ اجھائيندووٽن پهچي ٿوتان جو سترهين صديء ۾ خيال آيو ته اها هنج ته ڏسجي جنهن مان هي درياء ڦٽي ٻاهر نڪري ٿوپر اهو خواب تڏهن پورو ٿئي جڏهن دريا جي سامهون سندس ڪنارو ڏيئي سفر ڪجي.اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم هوجو دريا جتان به گذريو ٿي انهيء جا ڪنارا هلڻ لاء خطرناڪ هئا.وڏا وڏا کڏا،پاڻيء جي زور کان چير چير ٿيل جابلو رستا ۽ اڻ سڌا پيچرا.پر انسان جنهن جي کوپريء ۾ کوجنا جو کوکو ڄائي ڄمندي فٽ ٿيل آهي سو ڪٿان ٿوناڪامين کان آڻ مڃي!1857ع ۾ ٻه يورپي سياح رچرڊ برٽن ۽ جان هيننگ ٽن اسپيڪ آفريڪا جي اڀرندي سامونڊي ڪناري کان روانا ٿيا.ڏکين پيچرن، خطرناڪ جھنگن ۽ جبلن مان گذري رهيا هئا.هڪڙي همراھ برٽن جو ته رستي ۾ مڇرن ئي حشر ڪري ڇڏيو،ڏنگن سان اهڙو سڄائي ڇڏيائونس جو مليريا ۾ مبتلا ٿي مورڳو هلڻ کان ئي لاچار ٿي پيو.پر برٽن جي بيماري اسپيڪ جي اڳتي وڌندڙ پيرن کي بريڪ نه هڻي سگھي.برٽن کي اتي ئي بيواهو ڇڏي هن وڃي وڪٽوريا جا وڻ ڏٺا۽ دنيا کي ٻڌايائين ته نيل درياء جي نڪرڻ جو هنڌ اها ئي وڪٽوريا ڍنڍ آهي ۽ هو به ايئن! اها ڍنڍ يوگنڊا ۾ آهي ۽ يوگنڊا جي گاديء وارو شهر ڪمپلا انهيء ئي ڍنڍ جي ڪناري مسڪرائي رهيو آهي.درياء نيل جووڏي ۾ وڏو شهر قاهره آهي جتي دنيا جي قديم ترين يونيورسٽي “ جامعه الازهر”آهي.قاهره جي ويجھو ئي مصر جا قديم احرامآهن جيڪي پراڻن مصري بادشاهن جا مقبرا آهن جن ۾ بادشاهن جا مصالحا لڳل لاش اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن.قاهره جو عجائب گھر به دنيا ۾ مشهور آهي.نيل دريا جي ڇيڙي تي سڪندريا جو شهر آباد آهي.ان شهر تي نالو مشهور عالمي فاتح بادشاه سڪندر اعظم جي نالي جي تعلق
    سان پيو هو.اتي ئي ڪنهن زماني ۾ هڪ روشنيء جو منارو هو جيڪو دنيا جي عجوبن ۾ شمار ڪيو ويندو هو پر هاڻي اهو لائيٽ هائس سخت زلزلن سبب تباه ٿي چڪو آهي.
    [​IMG]
    نيل درياء جي ڪناري ٽيون وڏو شهر خرطوم آهي.جيڪو سوڊان جي گاديء جو هنڌ آهي.خرطوم جي لفظي معنى “ هاٿيء جي سونڍ” آهي. هي شهر انگريزن آباد ڪيو هو ۽ انهيء جي منصوبابندي سندن جھنڊي “ يونين جيڪ” جي نموني تي ٿيل آهي.جهڙيء طرح پاڪستان جو شهر لائلپوريعني هاڻوڪوفيصل آباد به انگريزن يونين جيڪ جي نموني تي منصوبابندي هيٺ ٺاهيو هو.
    مهراڻ سائنس ڪلب
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو