ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!
محمد ادريس راجپوت
ڪالاباغ ڊيم هڪ اهڙو مڙدو آهي، جيڪو دفن ٿيڻ کانپوءِ وري جيئرو ٿي وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي بجيٽ واري بحث ۾ هي پ پ حڪومت طرفان پوريل مڙدو وري جيئرو ٿي بحث جو موضوع بڻيو. ڪجهه بيان جيڪي ان جي موافقت ۽ مخالفت ۾ ڪاوش ۾ ڇپيا، سي هن ريت هئا:
(1) نيشنل اسيمبليءَ ۾ بشريٰ رحمان جنهن جو تعلق (ق) ليگ سان آهي، چيو ته ڪالاباغ ڊيم خواب آهي، جيڪو تعبير لهندو. اهو ڊيڊ اشو ناهي، اسان ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪنداسين، جيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، پنجاب جون عورتون قربانيون ڏينديون رهنديون، جيئن ماضي ۾ دريا نيل ۾ پاڻي نه ايندو هو ته عورتن جي قرباني ڏني ويندي هئي.
(2) نواز ليگ سان تعلق رکندڙ عابد شير علي چيو ته ڪالاباغ جي مخالفت ڪندڙ ڀارت جا ايجنٽ آهن.
(3) نواز ليگ جي ڪجهه ميمبرن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ننڍن صوبن جي اسيمبلين کي ختم ڪيو وڃي.
(4) سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي ٽنهي اسپيڪرن چيو ته ڪالاباغ ڊيم رد ٿيل منصوبو آهي. نواز ليگ ميمبرن ٽن صوبن جي ماڻهن جي توهين ڪئي آهي، اهي معافي وٺن.
(5) خيبر پختونخوا صوبي جي سينيئر صوبائي وزير بشير بلو چيور ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته خيبر پختونخوا صوبو ٻڏي ويندو ۽ سنڌ صوبو سڪي ويندو.
(6) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهندو.
اسيمبلي ۾ ڪيل ڳالهيون توڙي ميمبرن ۽ ٻين جا خيال اوهان مٿي پڙهيا. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اڳي به اهي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، پر نتيجو ڇا نڪتو، صوبن درميان انهيءَ مامري تي نفرت کان سواءِ ٻيو ڪو به نتيجو نه مليو. ڇا اهو قومي مفاد ۾ آهي؟ پوءِ ڇو اهي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون؟ انهن بيانن سان متفق هجڻ وارن پنهنجو ووٽ بينڪ ته مضبوط ڪيو، پر ڇا ان سان پاڪستان مضبوط ٿيو؟ وفاق ۾ سڀني کي پاڻ سان کڻي هلڻو هوندو آهي، جڏهن ٽي صوبا انهيءَ جي ٺهڻ تي راضي نه آهن ته گوڙ ڇا جو؟ ڇا هڪڙي صوبي جي چوڻ تي ڊيم ٺاهي ملڪ ٽوڙائيندئو؟
اهو ڊيم ڇا ڏيندو، بجلي ۽ پاڻي. ڇا اهي ٻئي شيون رڳو ڪالاباغ ڊيم مان ئي ملي سگهنديون، يا انهن جا ٻيا به ڪجهه متبادل آهن؟ انهن تي ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ اچو ڏسون ته پنجاب ڇو ٿو چاهي ته اهو ڊيم ٺهي ۽ ٻيا صوبا ڇو ٿا مخالفت ڪن ته اهو نه ٺهي.
پنجاب جو موقف:
هي هڪ سٺو منصوبو آهي، انهيءَ مان 3600 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، جيڪا پنجاب جي انڊسٽريز کي ملندي. انهيءَ مان 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ٿيندو، جنهن مان 37 سيڪڙو پنجاب کي ملندو، جنهن مان هو نوان واهه ڪڍندو. وري انهيءَ کان علاوه کاٻي پاسي اٽڪل 4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي رسول بيراج جي ايراضين لاءِ کڻي وڃبو. انهيءَ جو پاور هائوس پنجاب ۾ ٺهندو، جنهن ڪري ان جي رائلٽي پنجاب کي ملندي. اهو ڊيم سنڌو ۽ ڪابل درياهن جي پاڻي کي فل ڪنٽرول ڪندو، جو انهيءَ هنڌ کان هيٺ ڊيم ٺاهڻ ممڪن ناهي. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته پنجاب جو مقصد نيون زمينون آباد ڪرڻ ۽ ڪارخانن ۽ ٽيوب ويلن لاءِ پنجاب ۾ ئي بجلي پيدا ڪرڻ آهي.
خيبر پختونخوا جو موقف:
وڏي ٻوڏ جي اچڻ تي نوشهرو شهر ٻڏندو، ان سان گڏ مردان، صوابي ۽ پٻي جي پاڻي ڪڍڻ واريون اسڪيمون بيڪار ٿي وينديون ۽ انهن مان پاڻي نه نڪري سگهندو. ڊيم جي ڍنڍ ۾ زرخيز ۽ آباد زمينون ٻڏي وينديون. ڊيم جي ڍنڍ ۾ آباديون اچڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيندا. معلوم ٿيو ته خيبر پختونخوا جا اعتراض پنهنجي ٺهيل نظام کي بچائڻ لاءِ آهن.سنڌ جو موقف:
درياءَ جي ڦرندڙ گهرندڙ وهڪرن ڪري هر سال ڊيم ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، انهيءَ کي گهٽ وهڪرن وارن سالن ۾ به ڀريو ويندو، جنهن جي ڪري سنڌ کي ناڻو ڏيندڙ خريف جي فصلن کي گهربل پاڻي نه ملي سگهندو ۽ ماڻهن جو نقصان ٿيندو. ڊيم جي گنجائش 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته انهيءَ جي مٿان 8 ملين ايڪڙ فوٽ جا واهه ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪڍڻ جو پروگرام آهي، جنهن ڪري سنڌ جو پاڻي گهٽبو. ڊيم ۾ 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ سان سنڌ ۾ ايندڙ پاڻي گهٽبو، جنهن ڪري اٿل تي آباد ٿيندڙ ايراضي جيڪا اڳي ئي گهٽجي چڪي آهي ۽ وڌيڪ گهٽبي. انڊس ڊيلٽا ۾ تمر جي ٻيلن جي ايراضي گهٽبي، جنهن ڪري سامونڊي طوفان اچڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو. مڇيون، جهينگا ۽ گهانگهٽ گهٽجي ويندا. پلو، جيڪو هينئر به گهٽ اچي ٿو، سو ناپيد ٿي ويندو ۽ سنڌ وارا انهيءَ کان محروم ٿي ويندا. انڊس ڊيلٽا ۾ چوپايو مال گهٽجي ويندو ۽ مال وارن جي روزگار تي اثر پوندو. جيت، پکي ۽ ڪيترائي پاڻي وارا جانور (آبي جيوت) گهٽجي ويندا ۽ ڪيترن جو نسل ختم ٿي ويندو. ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي ڏکيائي ٿيندي. اٿل تي آباد ٿيندڙ ٻيلا جيڪي اڳي ئي گهٽجي ويا آهن، ختم ٿي ويندا. سمنڊ جو پاڻي وڌي ويندو ۽ آباد ٿيندڙ زمينون ختم ٿي وينديون. درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويندو، جنهن ڪري ٻوڏ اچڻ واري سالن ۾ پاڻي اٿلندو ۽ کنڊ پوندا، ملڪ ٻڏندو. درياهه جي ڀرواسي وارا مٺي پاڻي وارا ٽيوب ويل کارا ٿي ويندا. ماڻهن جو روزگار گهٽجڻ ڪري غربت وڌندي ۽ ڏوهن ۾ واڌارو ايندو. معلوم ٿيو ته سنڌ جا اعتراض به پنهنجي هلندڙ نظام کي بچائڻ لاءِ آهن.
هڪڙو صوبو انهيءَ ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ٿو چاهي ته ان کي فائدو ٿئي، نيون زمينون آباد ٿين، بجليءَ مان ڪارخانه ۽ ٽيوب ويل هلن ۽ ٻيا صوبا انهيءَ ڪري اعتراض ٿا ڪن ته انهن جي هلندڙ نظام کي ڪو نقصان نه ٿئي. اهو منصوبو جيڪو هڪڙي صوبي کي فائدو ڏئي ۽ ٻين صوبن جي ٺهيل نظام کي خراب ڪري، اهو ڪيئن قومي مفاد ۾ ٿي سگهي ٿو؟
پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته اسان پاڪستان ۾ ترقي نٿا چاهيون. اسان اهڙي ترقي چاهيون ٿا، جنهن مان سڀني کي فائدو ٿئي. ڊيم ٺاهڻ جو مقصد پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ آهي، انهن جي متبادلن ذريعي اهي ٻئي شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.
پاڻي گڏ ڪرڻ:ڊيمن جي لٽجڻ ڪري انهن جي گنجائش گهٽجي وئي آهي، انهيءَ جي پورائي لاءِ منگلا ڊيم جي سطح وڌائي وئي آهي، جنهن ڪري اٽڪل 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ ملي سگهندو. سال 2006ع ۾ پرويز مشرف ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو ڪم يڪدم شروع ڪرڻ جو چيو هو. جيتوڻيڪ سنڌ واران جا انهيءَ تي به اعتراض آهن، پر ڪالاباغ ڊيم جيتري مخالفت نه آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ مان واهه نٿا نڪرن ۽ اهو رڳو سنڌو درياهه جو پاڻي ذخيرو ڪندو ۽ ڪابل درياهه تي انهيءَ جو ڪو ڪنٽرول نه هوندو. چار سال ٿي ويا آهن، پر اڃا انهيءَ تي ڊيم ٺاهڻ جو ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. اهو ڊيم 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهندو ۽ انهيءَ مان 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. انهيءَ کان علاوه نين تي ننڍا ڊيم ٺاهي ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي ٿو.
بجلي پيدا ڪرڻ:
ڪالاباغ ڊيم مان 2400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، پر بجلي ماهرن جو چوڻ آهي ته اعتباري پيداوار رڳو 1467 ميگاواٽ ٿيندي، سياري جي مند ۾ وهڪرا گهٽجڻ ڪري اها گهٽجي ويندي، جنهن لاءِ بيڪ اپ ٿرمل جنريشن کپي. اسان جي بجلي جي گهرج هر سال اٽڪل هزار ميگاواٽ وڌيڪ آهي، ڪالاباغ رڳو ٻن سالن جي گهرج پوري ڪندو. خاطري واري بجلي لاءِ اسان کي پن بجلي ۽ ڪوئلي تي ڀاڙڻو پوندو. پن بجلي لاءِ اسان کي رن آف روِر منصوبن تي ڪم ڪرڻو پوندو. تازو سرڪار نيلم جهلم منصوبي کي کنيو آهي، جنهن مان هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. پن بجلي جا ٻيا منصوبا، جن مان ڪافي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، اهي آهن بنجي (5400 ميگاواٽ)، داسو (4000 ميگاواٽ) ڪوهالا (1100 ميگاواٽ)، رائي ڪوٽ (2800 ميگا واٽ)، پتڻ (2800 ميگاواٽ).
وري اچو ٿر جي ڪوئلي تي، جتي 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن ۽ اهو اسان ڌڪي تي نٿا چئون، پر پاڪستان ۽ آمريڪي جيالاجيڪل سروي وارن گڏجي ان جي جاچ ڪئي آهي. انهيءَ مان ايتري مقدار ۾ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، جيڪا اسان جي ملڪ جي وڌندڙ گهرجن جي پورائي لاءِ ڪيترن ڏهاڪن تائين ڪافي هوندي، پر انهيءَ ڏس ۾ وفاقي حڪومت جي خاص دلچسپي ناهي.
قومي اسيمبليءَ ۾ هڪڙي اهڙي منصوبي ٺاهڻ لاءِ گوڙ گهمسان ڪرڻ، جنهن مان ٽن صوبن کي نقصان ٿئي، اجايو آهي. وري انهيءَ جي زوري ٺاهڻ سان ملڪ جي سلامتي کي به خطرو آهي، پوءِ ڇو انهيءَ جي ڪڍ پيا آهن؟ چوندا آهن ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.
ڇڏيو انهيءَ جي پچر، ٿڌي دماغ سان پاڻي ۽ بجلي جي گهرجن لاءِ سوچيو ۽ انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪريو، جيڪي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ ڪري سگهجن ٿا. سياسي دڪان چمڪائڻ جي لحاظ کان انهيءَ مڙدي کي گهڙي گهڙي زنده ڪرڻ مان ڇا ٿيندو؟