ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!​


    محمد ادريس راجپوت



    ڪالاباغ ڊيم هڪ اهڙو مڙدو آهي، جيڪو دفن ٿيڻ کانپوءِ وري جيئرو ٿي وڃي ٿو. قومي اسيمبلي جي بجيٽ واري بحث ۾ هي پ پ حڪومت طرفان پوريل مڙدو وري جيئرو ٿي بحث جو موضوع بڻيو. ڪجهه بيان جيڪي ان جي موافقت ۽ مخالفت ۾ ڪاوش ۾ ڇپيا، سي هن ريت هئا:

    (1) نيشنل اسيمبليءَ ۾ بشريٰ رحمان جنهن جو تعلق (ق) ليگ سان آهي، چيو ته ڪالاباغ ڊيم خواب آهي، جيڪو تعبير لهندو. اهو ڊيڊ اشو ناهي، اسان ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪنداسين، جيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، پنجاب جون عورتون قربانيون ڏينديون رهنديون، جيئن ماضي ۾ دريا نيل ۾ پاڻي نه ايندو هو ته عورتن جي قرباني ڏني ويندي هئي.

    (2) نواز ليگ سان تعلق رکندڙ عابد شير علي چيو ته ڪالاباغ جي مخالفت ڪندڙ ڀارت جا ايجنٽ آهن.

    (3) نواز ليگ جي ڪجهه ميمبرن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ننڍن صوبن جي اسيمبلين کي ختم ڪيو وڃي.

    (4) سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي ٽنهي اسپيڪرن چيو ته ڪالاباغ ڊيم رد ٿيل منصوبو آهي. نواز ليگ ميمبرن ٽن صوبن جي ماڻهن جي توهين ڪئي آهي، اهي معافي وٺن.

    (5) خيبر پختونخوا صوبي جي سينيئر صوبائي وزير بشير بلو چيور ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته خيبر پختونخوا صوبو ٻڏي ويندو ۽ سنڌ صوبو سڪي ويندو.

    (6) سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن چيو ته ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهندو.

    اسيمبلي ۾ ڪيل ڳالهيون توڙي ميمبرن ۽ ٻين جا خيال اوهان مٿي پڙهيا. اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اڳي به اهي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، پر نتيجو ڇا نڪتو، صوبن درميان انهيءَ مامري تي نفرت کان سواءِ ٻيو ڪو به نتيجو نه مليو. ڇا اهو قومي مفاد ۾ آهي؟ پوءِ ڇو اهي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون؟ انهن بيانن سان متفق هجڻ وارن پنهنجو ووٽ بينڪ ته مضبوط ڪيو، پر ڇا ان سان پاڪستان مضبوط ٿيو؟ وفاق ۾ سڀني کي پاڻ سان کڻي هلڻو هوندو آهي، جڏهن ٽي صوبا انهيءَ جي ٺهڻ تي راضي نه آهن ته گوڙ ڇا جو؟ ڇا هڪڙي صوبي جي چوڻ تي ڊيم ٺاهي ملڪ ٽوڙائيندئو؟

    اهو ڊيم ڇا ڏيندو، بجلي ۽ پاڻي. ڇا اهي ٻئي شيون رڳو ڪالاباغ ڊيم مان ئي ملي سگهنديون، يا انهن جا ٻيا به ڪجهه متبادل آهن؟ انهن تي ڪجهه ڳالهائڻ کان اڳ اچو ڏسون ته پنجاب ڇو ٿو چاهي ته اهو ڊيم ٺهي ۽ ٻيا صوبا ڇو ٿا مخالفت ڪن ته اهو نه ٺهي.

    پنجاب جو موقف:

    هي هڪ سٺو منصوبو آهي، انهيءَ مان 3600 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، جيڪا پنجاب جي انڊسٽريز کي ملندي. انهيءَ مان 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ٿيندو، جنهن مان 37 سيڪڙو پنجاب کي ملندو، جنهن مان هو نوان واهه ڪڍندو. وري انهيءَ کان علاوه کاٻي پاسي اٽڪل 4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي رسول بيراج جي ايراضين لاءِ کڻي وڃبو. انهيءَ جو پاور هائوس پنجاب ۾ ٺهندو، جنهن ڪري ان جي رائلٽي پنجاب کي ملندي. اهو ڊيم سنڌو ۽ ڪابل درياهن جي پاڻي کي فل ڪنٽرول ڪندو، جو انهيءَ هنڌ کان هيٺ ڊيم ٺاهڻ ممڪن ناهي. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته پنجاب جو مقصد نيون زمينون آباد ڪرڻ ۽ ڪارخانن ۽ ٽيوب ويلن لاءِ پنجاب ۾ ئي بجلي پيدا ڪرڻ آهي.

    خيبر پختونخوا جو موقف:
    وڏي ٻوڏ جي اچڻ تي نوشهرو شهر ٻڏندو، ان سان گڏ مردان، صوابي ۽ پٻي جي پاڻي ڪڍڻ واريون اسڪيمون بيڪار ٿي وينديون ۽ انهن مان پاڻي نه نڪري سگهندو. ڊيم جي ڍنڍ ۾ زرخيز ۽ آباد زمينون ٻڏي وينديون. ڊيم جي ڍنڍ ۾ آباديون اچڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيندا. معلوم ٿيو ته خيبر پختونخوا جا اعتراض پنهنجي ٺهيل نظام کي بچائڻ لاءِ آهن.سنڌ جو موقف:

    درياءَ جي ڦرندڙ گهرندڙ وهڪرن ڪري هر سال ڊيم ڀرڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، انهيءَ کي گهٽ وهڪرن وارن سالن ۾ به ڀريو ويندو، جنهن جي ڪري سنڌ کي ناڻو ڏيندڙ خريف جي فصلن کي گهربل پاڻي نه ملي سگهندو ۽ ماڻهن جو نقصان ٿيندو. ڊيم جي گنجائش 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته انهيءَ جي مٿان 8 ملين ايڪڙ فوٽ جا واهه ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪڍڻ جو پروگرام آهي، جنهن ڪري سنڌ جو پاڻي گهٽبو. ڊيم ۾ 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ سان سنڌ ۾ ايندڙ پاڻي گهٽبو، جنهن ڪري اٿل تي آباد ٿيندڙ ايراضي جيڪا اڳي ئي گهٽجي چڪي آهي ۽ وڌيڪ گهٽبي. انڊس ڊيلٽا ۾ تمر جي ٻيلن جي ايراضي گهٽبي، جنهن ڪري سامونڊي طوفان اچڻ جي نتيجي ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو. مڇيون، جهينگا ۽ گهانگهٽ گهٽجي ويندا. پلو، جيڪو هينئر به گهٽ اچي ٿو، سو ناپيد ٿي ويندو ۽ سنڌ وارا انهيءَ کان محروم ٿي ويندا. انڊس ڊيلٽا ۾ چوپايو مال گهٽجي ويندو ۽ مال وارن جي روزگار تي اثر پوندو. جيت، پکي ۽ ڪيترائي پاڻي وارا جانور (آبي جيوت) گهٽجي ويندا ۽ ڪيترن جو نسل ختم ٿي ويندو. ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي ڏکيائي ٿيندي. اٿل تي آباد ٿيندڙ ٻيلا جيڪي اڳي ئي گهٽجي ويا آهن، ختم ٿي ويندا. سمنڊ جو پاڻي وڌي ويندو ۽ آباد ٿيندڙ زمينون ختم ٿي وينديون. درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويندو، جنهن ڪري ٻوڏ اچڻ واري سالن ۾ پاڻي اٿلندو ۽ کنڊ پوندا، ملڪ ٻڏندو. درياهه جي ڀرواسي وارا مٺي پاڻي وارا ٽيوب ويل کارا ٿي ويندا. ماڻهن جو روزگار گهٽجڻ ڪري غربت وڌندي ۽ ڏوهن ۾ واڌارو ايندو. معلوم ٿيو ته سنڌ جا اعتراض به پنهنجي هلندڙ نظام کي بچائڻ لاءِ آهن.

    هڪڙو صوبو انهيءَ ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ٿو چاهي ته ان کي فائدو ٿئي، نيون زمينون آباد ٿين، بجليءَ مان ڪارخانه ۽ ٽيوب ويل هلن ۽ ٻيا صوبا انهيءَ ڪري اعتراض ٿا ڪن ته انهن جي هلندڙ نظام کي ڪو نقصان نه ٿئي. اهو منصوبو جيڪو هڪڙي صوبي کي فائدو ڏئي ۽ ٻين صوبن جي ٺهيل نظام کي خراب ڪري، اهو ڪيئن قومي مفاد ۾ ٿي سگهي ٿو؟

    پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته اسان پاڪستان ۾ ترقي نٿا چاهيون. اسان اهڙي ترقي چاهيون ٿا، جنهن مان سڀني کي فائدو ٿئي. ڊيم ٺاهڻ جو مقصد پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ آهي، انهن جي متبادلن ذريعي اهي ٻئي شيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

    پاڻي گڏ ڪرڻ:
    ڊيمن جي لٽجڻ ڪري انهن جي گنجائش گهٽجي وئي آهي، انهيءَ جي پورائي لاءِ منگلا ڊيم جي سطح وڌائي وئي آهي، جنهن ڪري اٽڪل 2.9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڌيڪ ملي سگهندو. سال 2006ع ۾ پرويز مشرف ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو ڪم يڪدم شروع ڪرڻ جو چيو هو. جيتوڻيڪ سنڌ واران جا انهيءَ تي به اعتراض آهن، پر ڪالاباغ ڊيم جيتري مخالفت نه آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ مان واهه نٿا نڪرن ۽ اهو رڳو سنڌو درياهه جو پاڻي ذخيرو ڪندو ۽ ڪابل درياهه تي انهيءَ جو ڪو ڪنٽرول نه هوندو. چار سال ٿي ويا آهن، پر اڃا انهيءَ تي ڊيم ٺاهڻ جو ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. اهو ڊيم 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهندو ۽ انهيءَ مان 4500 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. انهيءَ کان علاوه نين تي ننڍا ڊيم ٺاهي ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي ٿو.

    بجلي پيدا ڪرڻ:

    ڪالاباغ ڊيم مان 2400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، پر بجلي ماهرن جو چوڻ آهي ته اعتباري پيداوار رڳو 1467 ميگاواٽ ٿيندي، سياري جي مند ۾ وهڪرا گهٽجڻ ڪري اها گهٽجي ويندي، جنهن لاءِ بيڪ اپ ٿرمل جنريشن کپي. اسان جي بجلي جي گهرج هر سال اٽڪل هزار ميگاواٽ وڌيڪ آهي، ڪالاباغ رڳو ٻن سالن جي گهرج پوري ڪندو. خاطري واري بجلي لاءِ اسان کي پن بجلي ۽ ڪوئلي تي ڀاڙڻو پوندو. پن بجلي لاءِ اسان کي رن آف روِر منصوبن تي ڪم ڪرڻو پوندو. تازو سرڪار نيلم جهلم منصوبي کي کنيو آهي، جنهن مان هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. پن بجلي جا ٻيا منصوبا، جن مان ڪافي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، اهي آهن بنجي (5400 ميگاواٽ)، داسو (4000 ميگاواٽ) ڪوهالا (1100 ميگاواٽ)، رائي ڪوٽ (2800 ميگا واٽ)، پتڻ (2800 ميگاواٽ).

    وري اچو ٿر جي ڪوئلي تي، جتي 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن ۽ اهو اسان ڌڪي تي نٿا چئون، پر پاڪستان ۽ آمريڪي جيالاجيڪل سروي وارن گڏجي ان جي جاچ ڪئي آهي. انهيءَ مان ايتري مقدار ۾ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، جيڪا اسان جي ملڪ جي وڌندڙ گهرجن جي پورائي لاءِ ڪيترن ڏهاڪن تائين ڪافي هوندي، پر انهيءَ ڏس ۾ وفاقي حڪومت جي خاص دلچسپي ناهي.

    قومي اسيمبليءَ ۾ هڪڙي اهڙي منصوبي ٺاهڻ لاءِ گوڙ گهمسان ڪرڻ، جنهن مان ٽن صوبن کي نقصان ٿئي، اجايو آهي. وري انهيءَ جي زوري ٺاهڻ سان ملڪ جي سلامتي کي به خطرو آهي، پوءِ ڇو انهيءَ جي ڪڍ پيا آهن؟ چوندا آهن ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.

    ڇڏيو انهيءَ جي پچر، ٿڌي دماغ سان پاڻي ۽ بجلي جي گهرجن لاءِ سوچيو ۽ انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪريو، جيڪي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ ڪري سگهجن ٿا. سياسي دڪان چمڪائڻ جي لحاظ کان انهيءَ مڙدي کي گهڙي گهڙي زنده ڪرڻ مان ڇا ٿيندو؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!

    سائين اهو رينگٽ بند ٿيڻو ئي ناهي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!


    ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارن ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ وارن تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ باقي اهي سڀ اسانجي اندر کي جلائين ٿا پيا ۽ نيٺ اسان پڄري پڄري انهن کي جلائي ويهنداسين۔۔۔ بس دعا ڪريو ته اسان سڀ سنڌي ڀائر هِڪ ٿي وڃون ۽ سنڌ دشمنن شڪست ڏيون۔۔۔۔۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!

    انشاءالله ڪالا باغ ڊيم جو نالو نشان ئي ختم ٿئي ويندو، ۽ هنن کي اهيو نالو ئي ياد نه رهندو، ڪالا باغ ڊيم ڪڏهن به ڪو نه ٺهندو، ۽ نه ئي اسان ٺاهڻ ڏينداسين، انهن جو اهيو پليت ارادو ڪڏهن به پورو ڪو نه ٿيندو،
    هي ڇا آهن، جڏهن ته وقت جا مڃيل آمر جنرل ضياء ۽ جنرل مشرف به ڏنڊي جي زور تي به ڪالا باغ ڊيم ٺاهي نه سگهيا، ته پوء هنن جي ڪهڙي مجال جو هي ڪالا باغ ڊيم ٺاهي سگهن۔
    ڪالا باغ ڊيم جا حامي هميشه اهيو چوندا آهن ته ملڪ ۾ بيروزگاري آهي ۽ بجلي جي کوٽ آهي۔ وغير وغيره ، سو انهن عقل جي انڌنن لاء اهيو چوندس ته ڪالا باغ ڊيم ته عتراض وارو مسئلو آهي، باقي صوبن جي راء مطابق، سواء لٺ سردار پنجاب جي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٿر ڪوئلي تي ڪم ڪري بجلي جو بهران ختم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته (( ٿر جو ڪوئلو ايترو ته ججهي مقدار ۾ آهي جو سعودي عرب ۽ ايران جي گڏيل تيل جي ذخيرن کان به ڪئين گنا وڌيڪ آهي.
    ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ کي پورو ڪرڻ لاء سالانه صرف 25هزار ميگا واٽ جي ضرورت پوندي، جڏهن ته هن ٿر جي ڪوئلي مان هڪ لک ميگا واٽ سالانه بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ۽ ماهرن جو اهيو پڻ چوڻ آهي ته اهو به 200 سو سالن تائين.
    افسوس جو اسان وٽ سڀ ڪجهه هوندي اسان روزانه 10. کان 12 ڪلاڪ بجلي جي صحولت کان محروم ٿا رهون. هت هميشه بجلي جو بهانو بنائي ڪالا باغ ڊيم جي همايت ڪئي ويندي آهي، ۽ اهي ڌريون ڪڏهن به سنڌ جي ٿر ڪوئلي بابت ناهن ڳالهائينديون، صرف ان لاء ته جيئن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو جواز ختم نه ٿئي وڃي. هي ڪوئلو اگر سنڌ جي بجاء پنجاب ۾ هجي هان ته هن پروجيڪٽ تي ڪم ٿي چڪو هجي هان. مگر افسوس، افسوس، ۽ افسوس،
    هن ڪوئلي جي پهرين معلومات 1988ع ۾ جناب انجنيئر ولي محمد رحيمو، کي ملي جنهن جي ريسرچ واريون ڳالهيون ۽ ملڪ جي ٻين ماهرن جون ڳالهيون پڻ توهان هن وڊيوز ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهو ٿا، سنڌ سلامت جا ساٿيو هي سڀ وڊيوز غور سان ڏسڻ کان پوء انهن ماڻهن لاء جواب تيار رکو جيڪي هميشه ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪندا آهن. ۽ پوء ڪچهري ۾ گفتگو ۾ بلڪه هر محفل ۾ ٿر ڪوئلي جي ڳالهه ۽ ٿر جي ڪوئلي تي ڪم نه ٿيڻ جي ڳالهه ۽ ذڪر ڪريو.
    ))



    http://www.youtube.com/watch?v=OXYtUzQcG5I&feature=channel

    http://www.youtube.com/watch?v=Laai8pM1Rkw&feature=fvw

    http://www.youtube.com/watch?v=ct6GwZRIvi4&feature=channel

    http://www.youtube.com/watch?v=D4WZJIUzMZQ&feature=fvw

    http://www.youtube.com/watch?v=kS8QqPGbibE&feature=fvw
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!

    سنڌ دوست ساٿي ممتاز صاحب ۽ سنڌ سلامت جا دوستو!
    ادا سائين ڪو هڪ ڏاڍ هجي، ڪو هڪ ظلم هجي، ڪنهن هڪ پاسي کان ڦرلٽ هجي ته چئجي ته هائو ٻيلي ڪالاباغ ڊيم ئي هڪ مسئلو آهي، حل ٿي ويو ته پاڪستان ۾ رهندڙ قومون، کير کنڊ ٿي وينديون يا وري هر هڪ قوم کي پنهنجا پنهنجا حق ملي ويندا ۔۔۔۔!!!
    اڙي ادا هاٿي جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ڏيکارڻ جا ٻيا ۔۔۔ پياري پاڪستان ۾ اهڙي قسم جا ڏاڍ نه ختم ٿيا آهن نه ختم ٿيندا، جيستائين يا ته اهو نڀاڳو ٽٽندو نه يا وري ڪو نئين معاهدي تحت وري جوڙ جڪ نه ٿيندي، باقي ته پياري ملڪ پاڪستان جي فوج، انجا پاليندڙ آقا ۽ انجا ساٿياري پنجابي، پٺاڻ، مهاجر ۽ سنڌي سياسي/نوابشاهي طبقو ۔۔۔۔ جيستائين گڏ آهن ته اها ڦرلٽ جي بازار گرم رهندي ۔۔۔ ۽ اسين سنڌي سٻاجهڙا ويچارڙا، پر امن ماڻهون، ڪچهرين جا ڪوڏيا ۔۔۔ ان آسري ۾ آهيون ته “ دلي دور است”
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪالاباغ ڊيم وارو رينگٽ!

    ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين“:سينيٽ ۾ٽن صوبن جي ميمبرن جو سخت احتجاج،هنگامو،ڊيم جي حمايت ۾تقريرون ٻڌڻ کان انڪار


    اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ جي ايوان ۾ به (ق) ليگ جو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي حق ۾ رينگٽ، ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ تقريرن خلاف سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي سينيٽرن جو گڏيل احتجاج، هنگامو شروع ٿي ويو، جهڙپون، جملي بازي، سينيٽ چيئرمين ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ تقرير ڪرڻ خلاف ٽن صوبن جي ميمبرن جي احتجاج کي غيرجمهوري قرار ڏيندي ڪالاباغ ڊيم جي حامي سينيٽرن کي تقرير ڪرڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي، ٽنهي صوبن جي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي رولنگ کي نظرانداز ڪندي ڪالاباغ جي حمايت واري تقرير بند ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو موقف اختيار ڪيو آهي، هنگامي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي 15 منٽ ملتوي، ايوان ۾ڪالاباغ ڊيم نامنظور ۽ ڪالاباغ ڊيم جا حامي ملڪ جا غدار آهن جا نعرا، (ق) ليگ طرفان ڪالاباغ ڊيم جا مخالف غدار جا نعرا، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت ۾ شروع ٿيو، اجلاس دوران بجيٽ تي تقرير ڪندي (ق) ليگ جي سينيٽر طارق عظيم هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ جي ايوان ۾ ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ شروع ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم نيچرل ڊيم آهي، اهو ٻين ڊيمن کان گهٽ مدي ۾ٺهي سگهي ٿو، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي، ان لاءِ عالمي ڪميشن ٺاهي وڃي، جيڪا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ايوانن کي گڏيل طور ڪالاباغ ڊيم بابت بريفنگ ڏئي، اهڙي ڳالهه ڪرڻ تي اي اين پي جي سينيٽر زاهد خان، حاجي عديل، جي يو آءِ جي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو، مولانا غفور حيدري، پ پ جي مولابخش چانڊيو، کٽومل، گل محمد لاٽ، فنڪشنل ليگ جي عبدالرزاق ٿهيم، پ پ جي لشڪري رئيساڻي ۽ قومپرست اڳواڻ شاهدبگٽي پنهنجي پنهنجي سيٽن تي اٿي بيهي سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم کي ٽن صوبن رد ڪيو آهي، ٽن صوبن جي اسيمبلين ان تڪراري رٿا خلاف قراردادون منظور ڪيون آهن، ان باوجود ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه ڪرڻ شرم جوڳي آهي، اسان ايوان ۾ ڪالاباغ ڊيم جون تقريرون نه ٻڌنداسين ۽ نه ان کي برداشت ڪيو ويندو، جنهن تي ايوان ۾ هنگامو ٿي ويو، ننڍن صوبن جي سينيٽرن ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ بند ٿيڻ تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مسلسل ڪالاباغ ڊيم جي ذڪر خلاف ايوان ۾ احتجاج ڪندا رهيا، جنهن تي طارق عظيم جي تقرير گوڙ جي ور چڙهي وئي، ان دوران ميمبرن هڪٻئي تي الرون به ڪيون، (ق) ليگ جو سنڌ مان چونڊيل سينيٽر غفار قريشي ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي ڳالهه ڪرڻ خلاف ٽن صوبن جي سينيٽرن سان گڏ احتجاج ۾ شامل ٿي ويو، اهڙي ريت ايوان ڪيتري ئي دير تائين هنگامي جي ور چڙهيل رهيو، جنهن دوران ڪالاباغ ڊيم جي حامي پنجاب سان تعلق رکندڙ سينيٽرن ۽ ڪالاباغ ڊيم جي مخالف ٽن صوبن جي سينيٽرن ۾ جملي بازي ۽ جهڙپون ٿيون، ان دوران سينيٽ جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ رولنگ ڏيندي چيو ته طارق عظيم کي تقرير ڪرڻ ڏني وڃي، موقف پيش ڪرڻ انهي جو حق آهي، ان جي تقرير کي روڪيندڙ سينيٽر جمهوري روايت جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن، هن طارق عظيم جي تقرير خلاف احتجاج ڪندڙ سينيٽرن کي هدايت ڪئي ته اوهان گوڙ بند ڪري ويهي رهو پر طارق عظيم جي تقرير خلاف احتجاج ڪندڙ سينيٽرن سينيٽ جي چيئرمين جي رولنگ کي نظرانداز ڪندي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ تقرير بند ڪرڻ تائين احتجاج ختم نه ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو، ائين ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ايوان اندر گوڙ ختم ڪرائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين 15 منٽن لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي ته جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري ڪالاباغ ڊيم نامنظور ۽ کٽومل ڪالاباغ ڊيم جا حامي ملڪ جا غدار آهن جا ايوان ۾ نعرا هڻايا جنهن بعد (ق) ليگ جي سيد جاويد شاهه ڪالاباغ ڊيم جا مخالف ملڪ جا غدار آهن جا نعرا هڻايا، ان بعد (ق) ليگ جي گلشن سعيد چيو ته اسان ڪالاباغ ڊيم ٺاهينداسين، هنن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪن، جنهن تي بي اين پي عوامي جي سينيٽر مسڪرائيندي نعرو هنيو ته ڪالاباغ ڊيم نامنظور، اهڙي ريت اجلاس ملتوي ٿيڻ باوجود ڪالاباغ ڊيم جي حق ۽ مخالفت ۾ نعريبازي ۽ ڳالهيون جاري رهيون،(ق) ليگ جي طارق عظيم، جاويد شاهه ۽ ٻين هنگامي دوران پهتل پنهنجي پارٽي سربراهه چوڌري شجاعت کي هنگامي بابت آگاهي ڏني، جڏهن ته مولابخش چانڊيو ۽ نير بخاري ڳالهائڻ لاءِ (ق) ليگ وٽ پهچي ويا، 15 منٽن بعد اجلاس شروع ٿيو ته طارق عظيم تقرير شروع ڪئي پر ان ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر نه ڪيو، ان بعد سنڌ مان چونڊيل (ق) ليگ جي سيمي صديقي ۽ پ پ سينيٽر صفدر عباسي تقريرون ڪيون پر انهن به ڪالاباغ ڊيم بابت ڪجهه نه ڳالهايو، اجلاس 15 منٽن لاءِ ملتوي ٿيڻ وقت ڪاوش سان ڳالهائيندي اي اين پي جي ترجمان زاهد خان چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ رڳو پنجاب جا ميمبر اٿن ٿا، اهي ائين ڪري ٽن ننڍن صوبن کي ڪهڙو نياپو ڏئي رهيا آهن، 18هين ترميم تحت صوبن جا مطالبا مڃڻ واري ڳالهه اڃا تائين گهڻن کي هضم نه ٿي رهي آهي، ان ڪري اهڙو اشو اٿاريو پيو وڃي، جنهن سان ننڍن صوبن جا اختلاف وڌن، هن چيو ته 18هين ترميم ذريعي حڪومت ننڍن صوبن جي محرومي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪالاباغ ڊيم اشو تحت ويڙهه ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ڪالاباغ ڊيم سان سنڌ سڪي ويندي، اسان کي نقصان ٿيندو پر ان جا حامي پئسا ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن سنڌ ۽ اسان نه رهنداسين ته پئسن کي ڇا ڪنداسين، ڪالاباغ ڊيم نالي سياسي دڪانداري چمڪائي پئي وڃي، ڪالاباغ ڊيم جو سامهون آيل مامرو 18هين ترميم بعد اسٽيبلشمينٽ جي نئين راند آهي، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم پويان قوم کي ويڙهائڻ سٺو عمل نه آهي، پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته ڪالاباغ ڊيم رد ٿيل مامرو آهي، ان باوجود اجايو ان تي ڳالهائڻ برداشت نه ڪنداسين، ان ڪري ئي اجلاس ۾ احتجاج ڪيو، جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو ته ٽن صوبن پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم مامري کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪنهن جي اشاري تي اٿاريو پيو وڃي، نواز ليگ ۽ (ق) ليگ وارا هڪٻئي جي صورت ڏسڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، اهي ان اشو تي گڏ ٿي ويا آهن ۽ صوبن جي اسيمبلين کي ٽوڙڻ ۽ ٺهرائن کي ردي ۾ اڇلائڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري ملڪ خلاف سازش ڪئي پئي وڃي، ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو آهي، اهو ملڪ دشمن منصوبو آهي، ڪالاباغ ڊيم جي حامين کي ڌارين جو ايجنٽ سمجهون ٿا، هن چيو ته پرويز مشرف وردي، فوج ۽ طاقت جي زور تي به ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهي سگهيو. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ختم ٿيل منصوبو آهي، ان تي ڳالهائڻ ئي فضول آهي.قومي اسيمبلي ۾ (ن) ليگ ۽ (ق) ليگ جي پنجاب سان تعلق رکندڙ ميمبرن پاران ڪالاباغ ڊيم تعمير جا مطالبا جاري، پ پ جي سنڌ سان واسطو رکندڙ ميمبرن پاران ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو قرار، شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير جي شهادت بعد مستقبل ۾ اهڙو عمل ورجائڻ جي صورت ۾ پاڪستان نه رهڻ جي ڌمڪي، ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ڪندي پ پ جي نواب علي وساڻ چيو ته اسان ۽ سنڌ پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ائين نه ٿئي جيئن شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير کي شهيد ڪيو ويو، هاڻي اهڙي ڪنهن عمل کي ورجايو ويو ته نه پاڪستان هوندو ۽ نه اسان هونداسين، هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر ياد رکيو وڃي ته سنڌ ۾ ڊيم جي حمايت ڪندڙ وڏي وزير کي جوتا هنيا ويا، هن چيو ته هتي شهيد بي بي جي ڪري ويٺا آهيون، تنهن ڪري هينئر ضروري آهي ته سياستدان جمهوريت ۽ پاڪستان کي مضبوط ڪريون نه ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا، اسان کي تنقيد ڪندڙ ٻڌائين ته انهن پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪهڙا تير هنيا آهن، (ق) ليگ جي سردار شاهجهان چيو ته اسان 18 هين ترميم ۾ ان پارٽي جي موقف جي حمايت ڪئي، جنهن پاڪستان ۽ آئين جي مخالفت ڪئي هئي، سرحد جو نالو تبديل ڪرڻ تي اسان جو موقف نه ٻڌو ويو، جيتوڻيڪ مامري تي ريفرنڊم ڪرايو وڃي، ان دوران اسپيڪر پاران سندس وقت ختم ڪرڻ تي مائيڪ بند ڪرڻ تي چوڌري پرويز الاهي جي اڳواڻي ۾ (ق) ليگ ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، (ن) ليگ جي ميان جاويد چيو ته حڪمران چون پيا ته ملڪ ۾ جمهوريت کي خطرو آهي، موجوده حالتن ۾ جڏهن شهيد بينظير جي جماعت جي حڪومت آهي، اها شهيد جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ نه ٿي آڻي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جي نشاندهي ڪري، موجوده حڪومت ائين نه ڪيو ته اسان اعلان ٿا ڪريون ته جڏهن موقعو مليو، شهيد مرتضيٰ کان وٺي شهيد بينظير جي قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تسنيم صديقي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ماڻهو صوبائي سياست مان ٻاهر نڪري اچن. ملڪ اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي، ڀارت 62 ڊيم ٺاهي چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 10 ڊيم تعمير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مامري تي فني ماهرن جي ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا انهي ڊيم جي فائدن ۽ نقصانن بابت سفارشون تيار ڪري. پيپلزپارٽي جي ميمبر نذير احمد ٻگهيو چيو ته جڏهن به اليڪشن ويجهو ايندي آهي ته ڪالاباغ ڊيم جا حامي ٻرن مان ٻاهر نڪري ايندا آهن. جنرل ضياءَ کي ڊيم ٺاهڻ جي جرئت نه ٿي، نواز شريف 2 ڀيرا اقتدار ۾ اچي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويو. 3 صوبا ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪا آهن. ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي صوبن وچ ۾ بداعتمادي پيدا ٿئي ٿي، اهو مئل گهوڙو آهي، ان کي جيئارڻ کان پاسو ڪيو وڃي. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر بيگم عشرت اشرف چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ملڪ مان بجلي جي کوٽ ختم ڪري سگهجي ٿي. ڊيم واري معاملي تي سياست ڪئي پئي وڃي. پيپلزپارٽي جي اقليتي ميمبر ڊاڪٽر لال چند چيو ته ڪالاباغ ڊيم چئن ڄنگهن وارو مئل گهوڙو آهي، ان جي هڪ ڄنگهه خيبر پختونخواهه، ٻي ڄنگهه بلوچستان ۽ ٽين ڄنگهه سنڌ وڍي ڇڏي آهي، باقي ان جي هڪ ڄنگهه بچي آهي. پنجاب وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي مئل گهوڙي جي چوٿين ڄنگهه گولي هڻي ختم ڪن ۽ وڏي ڀاءُ هئڻ جو ثبوت ڏين. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ هن ايوان کي مينا بازار ڪوٺي ٿو. پاڻ به هن ايوان ۾ اهم عهدي تي ويٺل آهي. هن چيو ته جيڪڏهن چوڌري نثار علي خان هن ايوان کي اهڙي قسم جا لقب ڏيندو رهندو ته هو مستقبل ۾ ڪڏهن به اهم عهدي تي نه پهچي سگهندو ۽ نه وري سندس وزيراعظم ٿيڻ وارو خواب پورو ٿي سگهندو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر شاهد خاقان عباسي چيو ته 18 هين ترميم تي اتفاق پيدا ڪري سگهجي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم تي اتفاق راءِ پيدا ڇو نه ٿو ٿي سگهي. ڪالاباغ ڊيم مسلم ليگ (ن) يا پنجاب جو ڊيم نه آهي، اهو ڊيم پاڪستان جو ڊيم آهي، جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو ويو ته ايندڙ نسل اسان سڀني کي معاف نه ڪندو. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته اڄ توانائي جي حوالي سان حالتون اهي نه هجن ها
     
  8. چنچل راج

    چنچل راج
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    موبائل اپليڪيشن ڊولپر
    ماڳ:
    لاهور، پاڪستان
    سائين هيٺين ڳالهين کي ٿورو سمجهڻ ۾ مدد ڪجو:
    1. سمنڊ جو پاڻي وڌي ويندو ۽ آباد ٿيندڙ زمينون ختم ٿي وينديون. درياهه جو پيٽ سوڙهو ٿي ويندو.
    2. پن بجلي لاءِ اسان کي رن آف روِر منصوبن تي ڪم ڪرڻو پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو