• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير پرويز رشيد ته جهالت جي حد ڪري ڇڏي...!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد، سماع ٽي وي چينل موجب چيو آهي ته: ”عمران خان ٻڌائي ته هن ڪينسر جي اسپتال کانپوءِ، دل جي ڪابه اسپتال ڇو نه ٺهرائي جتي ميان صاحب پاڪستان ۾ علاج ڪرائي سگھي ها؟“ ـ پرويز رشيد جي ميڊيا سان گفتگو ـ
ميان نواز شريف، هن وقت ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم آهي، جڏهن ته عمران خان ڪڏهن به اقتدار ۾ ڪونه رهيو آهي ـ ڇا اهو چئي سگھجي ٿو ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجن ٽن دورن ۾ دل جي اسپتال انهيءَ ڪري ڪونه ٺهرائي ته جيئن هو پاڻ لنڊن جا سيرسپاٽا ۽ عياشيون ڪري سگھي؟
ياد رهي ته پرويز رشيد اڳ ۾ پ پ پ ۾ هو ۽ پوءِ ”لوٽو“ بڻجي نواز ليگ ۾ شامل ٿي ويوـ
مان، وزيراعظم نواز شريف کي گذارش ڪريان ٿو ته هو پرويز رشيد جھڙي جاهل وزير کي سگھو ئي وزارت کان ڪڍي ڇڏي جيڪو پنهنجي جهالت سبب سندس لاءِ وڌيڪ بدناميءَ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ـ
 
Back
Top