• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واه وڪيل صاحب واه -ذوالفقار قادري

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس انور ظھير جمالي لاڙڪاڻو بار سان خطاب ڪرڻ پهتو تہ بار جي صدر بابو سرفراز جتوئي ٖ چيف جسٽس انور ظھير جمالي کي تحفي طور گهوڙو ٖ ٻڪري ۽ بندوق پيش ڪئي ٖ چيف جسٽس انور ظھير جمالي بار جي صدر بابو سرفراز جتوئي کي اهو چئي تحفا وٺڻ کان انڪار ڪيو تہ اسان جو گهوڙا ٖ ٻڪريون پالڻ شروع ڪيون تہ پو۽ ڪيسن جون شنوايون ڪيئن ٻڌنداسين -
لاڙڪاڻو بار کي اهو اعزاز حاصل آھي تہ بيريسٽر جان محمد جوڻيجو ٖ ذوالفقار علي ڀٽو ٖ ممتاز علي ڀٽو ٖ قاضي فضل الله ٖ قاضي اختر ٖ سيد ديدار حسين شاه ٖ راڻا ڀڳوان داس ٖ ممتاز جعفري ٖ عبدالغفور ڀرڳڙي ٖ عبدالرزاق سومرو ٖ عبدالوحيد ڪٽپر ٖ سنڌ ھا۽ ڪورٽ جو موجوده سينيئر ترين جج جسٽس احمد علي شيخ جهڙا ماڻھو هن بار جي ميمبرن ۾ شمار ٿين ٿا ٖ سٺو تہ اهو ٿئي ها تہ لاڙڪاڻو بار جو صدر بابو سرفراز جتوئي وڏيرڪن تحفن ڏيڻ بجا۽ چيف جسٽس انور ظھير جمالي کي قرآن پاڪ ٖ شاه جو رسالو ۽ لاڙڪاڻي جي تاريخ ٖ مشھور شخصيتن ۽ ماڳن تي لکيل ڪتاب لاڙڪاڻو ساهہ سيباڻو کيس پيش ڪري ها تہ چيف جسٽس کي خوشي ٿئي ها ٖ هاڻي اسان جي لکيل پڙھيل ماڻھن جا اهي افعال آھن تہ اندازو هڻو سنڌين کي سڌرڻ لا۽ اڃا گهڻا ورهہ کپندا؟ ڪاش اسان جي وڪيلن کي بار روم ۽ وڏيري جي اوطاق جو فرق سمجهہ ۾ اچي وڃي ٖ مان سمجهان ٿو اسان جي وڪيل برادري وڪالت کي جنهن ڏينهن “ ڌنڌي “ ۾ ڪڍي انصاف جي حصول جو ذريعو سمجهڻ شروع ڪيو يقينن سنڌ وڏي تبديل ٿي ويندي -ذوالفــقار قــــــــــادري
13226757_276543446023790_4891148023992336633_n.jpg
 
Back
Top