هڪ ڳالهه ٿو ڪريان !ڇو جو ؟ هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
(1) باب الاسلام سنڌ جي ماڻهن جيڪو 711ع ۾ مُحمد عربي صلعم جي وفات کان 80 سال پوءِ ِ توحيدي دين اسلام اپنايو هو جنهن سنڌ کي باب الاسلام بڻايو هو ۽ جنهنجو مرڪز (مڪو ۽ مدينو) آهي ، ڇڏي پوءِ (نادرشاه جي ايراني مذهب ۽ عباسين جي چوٿين خليفي معتصم با الله جي بغدادي اسلام ) جي (صوفي ازم ) جي ، سرائڪي ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙ (سومرن ۽ ميرن) تقليد ڪئي ۽ جيڪو اُتر سنڌ مان شروع ٿي وچ سنڌ ۽ لاڙ سنڌ ۾ به ڦهلجي ويو آهي ،جنهن ۾ مولود (حمد و ثنا) واري شاعري ڇڏي (سُر، ساز، سنگيت ۽ سنگت ) جو عنصر نمايا آهي ۽ جيڪو عقيدو ۽ مذهب تڏنهن جي سنڌ جي گادي هنڌ (ملتان ) مان نڪتو ۽ پوءِ پوري برصغير کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻڻ سان گڏ توحيدي دين واري (باب الاسلام سنڌ) جيي ماڻهن کي گمراه ڪيو ۽ پوءِ جنهن سنڌي ماڻهن کي مسجدن کان پري ڪري ، زوريءَ اوتارا اسڪولن ، مقبرن ۽ خانگاهن معرفت (موالي ڪلچر) ۾ به گهسيڙي ڇڏيو آهي.
(2) تڏنهن کان سنڌي ماڻهن محنت ۽ مشقت سان روزگار ڪمائڻ بجاءِ پوءِ مُفت واپرائڻ لاءِ (نادرشاهي وڏيرن جا پيروڪار بڻجي َُسدان لاءِ( غلام ابن غلام )بنجي، هميشه لاءِ سُمهي رهيا آهن. ۽ تڏنهن کان الله جي نافرماني ۽ ڏمر ۾ ڀوڳجي اڻ سهپ ۽ هڪ ٻئي کي نه برداشت ڪرڻ، جي سزا ڪاٽي رهيا آهن.
3. جي سنڌ کي ساڳيو خوشحال سنڌ بڻائڻو آهي ۽ جي الله جي ڏمر کان آزادي وٺڻي آهي ته باب الاسلام سنڌ جي سنڌين کي پنهنجو مُنهن واپس صرف ۽ صرف (مڪي ۽ مديني) ڪرڻو پوندو ۽ اُتي ڏنل نبي سائين جي درسن (حديثن) ۽ ان موجب عملي قدمن (سُنتن) کي اپنائي (شرڪ ۽ بدعت) کان پاڻ بچائڻو پوندو ۽ واپس خانگاهن ۽ مقبرن ۽ اوتارا اسڪولن کي ڇڏي (مسجدن) ۾ وڃڻو پوندو ته الله رحم ۽ پنهنجي ٻاجهه ڪندو.
4. اهوئي حق ۽ ڪڙو سچ آهي جنهن کي مڃنو ۽ اپنائڻو پوندو جنهن لاءِ الله جل شانهُ سنڌ کي چونڊيو ۽ باب الاسلام بڻايو ۽ پوءِ سڀ اسلام دشمن طاقتن ملي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي تمنا ڪئي جيئن عرب مان سنڌ ۾ منتقل ٿيندڙ (توحيدي دين اسلام) ۽ پوئيارن (اُمت مُحمد صلعم) کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسلام ۾ وڌيڪ 72 فرقن جو نفاذ آندو ويو جيئن اسلام سان مُحبت ڪندڙن کي مُنجهائي پريشان ڪري ڇڏجي ته ڪهڙي واٽ وٺن ۽ جيئن توحيدي دين اسلام (نه شرڪ نه بدعت) وارو اسلام ، جيڪو تقريبن (هڪ لک 24 هزار نبين) بکي ه مليو ۽بل آخر اسان جي آخري ۽ پياري پيغمبر مُحمد عربيءَ صلي الله عليه وسلم جن کي 40 سالن تائين ٽريننگ ڏئي (نبوت) جي ڊگري ڏئي ، اهو دين اسلام مڪمل ڪيو ويو ۽ آخري خطبي ۾ به ظاهر ڪيو ويو. اهو دين جنهن ۾ نه ذات، نه ڏات، نه پات، نه مٽي مائٽي ، نه قوميت، نه رنگ، نه نسل جي اهميت آهي. جي آهي ته صرف ۽ صرف (پرهيزگار) جي پوءِ ڀلي هو ڪحري رنگ، نسل، ذات پات جو هُجي پوءِ اهو (توحيدي دين اسلام) جنهڱنکي صرف ۽ صرف (خُللفاءِ راشدين تابعين ۽ تبع تابئين اصحاب ) کڻي اڳتي کڻي وڌيا.
5. ته اصل ۽ نسلي سنڌيءَ کي به هاڻ سوچڻو ۽ موٽڻو پوندو ان (توحيدي دين اسلام) طرف جنهن جي بابرڪت سان ، الله جل شانهُ، سنڌ کي به عرب مُلڪن وانگر شاهوڪار وسيلن جي مُلڪ بڻايو ويو۽ الله جل شانهُ پوءِ سنڌي ماڻهن کي ئي ايڏي ساري تهذيب، تواريخ ، تمدن ، مهمان نوازي، جهموريت ۽ لاجواب دُنياوي ليڊر شپ (جهڙوڪ قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀُٽو ۽ بي نظير ڀُٽو) سان به شاهوڪار ڪيو پوءِ سڀ سنڌ دشمن (سنڌي ليڊر شپ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ٿي ويا، ته عوام کي گمراه ڪرڻ لاءِ موالي ۽ نشائي بڻياو ويو پوءِ تي عرب دُنيا وانگر ۽ ان کان وڌيڪ شاهوڪار وسيلن جو نگهبان بڻائيندو.
6، هن وقت الله جي ڏمر جي صورت ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي حالت به هڪ اهڙي شُگر جي مريض وانگر آهي جنهن سامهون الله جون ڏنل هر نعمتون پيون آهن جيڪي خليل چانڊئي صاحب ورجايون آهن پر افسوس ته الله جو نافرمان سنڌي سامهون هوندي به انهن نعمتن کي استعمال نه ٿو ڪري سگهي؟ ڇو؟ ڇا اهو الله جو ڏمر ناهي ته هڪدم واپس ورو باب اسلام سنڌ طرف موالي ڪلچر ڇڏي ته الله رحم جي نظر ڪري توهان کي توهانجي پنهنجي شاهوڪار وسيلن جو مختيار بڻائي. هڪ ٻئي سان اڻ سهپ ، گلاخوري ۽ ڪارو ڪاري عذاب ۽ ڌاڙيل گيري ۽ موالي ڪلچر کان بچائي (آمين ثم آمين)
ادا مُحترم (دليپ ڪُمار دولتاڻي) صاحب! بيشڪ ميمڻن جي به هڪ تواريخ رهي آهي جيڪا 711ع کان شروع ٿي جن جو باب اسلام سنڌ ۾ (توحيدي دين اسلام) ڦهلائڻ جو وڏو ڪردار آهي. اهو تڏنهن جڏنهن يمن جا 72 خانا بدوش مسلم واپاري خاندان جا ماڻهون پنهنجي واپار سانگي گڏ ٿي هڪ گروپ ۾ (يمن) مان نڪري پنهنجن ٻيڙن ۾ (برصعير ڏانهن پئي آيا ته جڏنهن هو سنڌ جي بندرگاه (ديبل بندر) ويجهو پُهتا ته وچ عربي سمنڊ ۾ سامونڊي قزاقن جو شڪار بڻجي ويا جن اُنهن کي نه صرف ڦُريو لُٽيو پر پوءِ پوءِ انهن جي جانين (مردن، عورتن ۽ ٻارن کي) کي تنهن وقت جي وقت جي حاڪم سنڌ راجا ڏاهر ) جنهن اڳ ئي پنهنجي ڀاءُ ۽ تڏنهن جي (سنڌ جي ان سپه سالار) کي ماري سنڌ جو حاڪم بڻجڻ لاءِ پوءِ سندس زال (ڀاڄائيءَ) سان زوريءَ شادي ڪئي ،جيڪا وقت جي سنڌي بادشاه ۽ سنڌ جي تڏنهن جي حاڪم جي ڌيءَ هُئي. جنهنجي شادي بادشاه پاڻ پنهنجي بهادر سپه سالار ) يعني راجا ڏاهر جي ڀاءُ سان) ڪرائي هُئي . پوءِ جڏنهن سامونڊي قزاقن يمني مومن مُسلمانن (واپارين) کي ڦُرڻ کان پوءِ رانا ڏاهر کي (جيڪو ماڻهن کي قيد ڪري ونگار تي پورهيو ڪرائيندو هو) وٽ وڪيو هو، ۽ اڄ به سنڌ ۾ ان مُفت پورهيءَ کي (ونگار) چئبو آهي . ۽ نادرشاهي ظلم سان معصوم سنڌين کي وڏيرن جو غلام ابن غلام بڻياو ويو جاري آهي. ونگار اڄ به سنڌ ۾ هلي ٿي ۽ علاقائي وڏيرن ۾ اهو رواج جاري و ساري آهي جيڪي مظلوم ۽ غريب عوام کي (موالي ڪلچر) ۾ وجهي، ڪارو ڪاريءَ ۽ سام جي نالي سان سندن جي عصمتن سان کيڏڻ سان کيڏيندا آهن ۽ اهي نشائي غلام ابن غلام (موالي) ، محض مُفت ۾ ديڳي ڀت مُفت پورهيو ڪندا وتندا آهن ۽ اجن جو کين اُجورو به ڪونه ڏين ۽ ڪن پورهيتن کي ته هو پاليل ڌاڙيل ۽ پاٿريدار يا لوفر گروپن جي سهڪار سان زنجير ۾ باندي بڻائي اڄ به راجا ڏاهر جي پيروي ڪندي قيد ۾ رکيو اچن ۾ اڪٿريت ڀيل ۽ باگڙين ۽ ٻين ننڍي ذات واري پورهيتن جي هوندي آهي . ته تواريخ ۾ راجا ڏاهر جو ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو چرچو به ان ڪري هو جو هندستان جي هندو ڌرم ۾ (سئوٽ، ماسات، ڀاڄائي، پُڦاٽ. ماروٽ، وغيره ڀينرون هونديون آهن ۽ هو انهن سان شادي ڪونه ڪندا آهن ، ان ڪري ڀاءُ کي ماري زوريءَ يا خوشيءَ سان ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ ڪري هندستاني تواريخدانن يا اُتان حوالا وٺي لکندڙن لکيو ته راجا ڏاهر ڀيڻ سان شادي ڪئي هُئي. جي توهان کي ياد هُجي ته هندستان مان به اهڙي ئي اثر هيٺ پروان چڙهندڙ، يعني سنڌ ۾ لڏي ايندڙ پناهگير به اڳ ڀيڻ سمجهي انهن رشتن سان شادي ڪونه ڪندا هُئا ۽ ٻئي علائقي ۾ وڃي شادي ڪندا هُئا شايد اڃان به ڪي رانگهڙ، تيلي، راجپوت وغيره به ڪندا هُجن پر هاڻ پناهگير مسلمان پاڪستان ۾ رهي انهن رشتن سان به شاديون ڪن ٿا.
ته پوءِ جڏنهن (يمني مومن (مسلمانن) جي فيمليءَ جو هڪ فرد (جُبير بن حيان) راجا ڏاهر کان ڀڄي اُتان ڀڄي وڃي بغداد جي حاڪم (حجاج يوسف وٽ) پنهنجي يمني مسلمان ڪٽنب جي قيد ۾ رکي ونگار وٺڻ تي دانهيو هو ته حجاج بن يوسف گهڻائي پيغام موڪلي راجا ڏاهر کي (يمن جي انهن مومنن (مسلمان) کي آزاد ڪرڻ جو چيو ۽ هن نه مڃيو ته پوءِ هن پنهنجي 17 سالن جي ڀائٽئي (محمد بن قاسم) کي راجا ڏاهر جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو هو. ۽ پوءِ جڏنهن انگريزن جو دئور آيو ۽ هو سنڌ تي قابض بڻيا ۽ سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ مومن لفظ انگريزن جي واتان (غلط پرونائونس) ٿي mammon يعني (ميمڻ) بڻجي ويو جيڪو اڄ به آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ ۾ موجود آهي جنهن جي معنيٰ (دولت وارا) دولت جا پُڄاري يا واپاري يا پئسي وارا آهي.
ان دوران انهن قيدي مُسلمانن اسلام جي پرچار شروع ڪئي ۽ هندو مُسلمان ٿيڻ لڳا. جيئن ته هندن ۾ ذات پات جو ڀيد آهي ته انهن جون اُتم ذاتيون جهڙوڪ ا(لوهاڻا، برهمن کتري، وغيره) جڏنهن مسلمان ٿيڻ لڳا ته اُهي به يمني مومن مسلمانن سان گڏ پاڻ به مومن سڏجڻ لڳا ۽ پوءِ انگريزن جي واتان اُچارجي mammon ۽ پوءِ MEMON ، (ميمڻ )سڏجڻ لڳا هُئا ۽ هندن جو هيٺيون ذاتيون مسلمان ٿي (شيخ )سڏجڻ لڳيون هُيون. محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ جڏنهن کيس واپس گهرايو ويو هو ته اسلام ڦهلائيندڙ يمني ميمڻن جو هڪ قبيلو پوءِ (سنڏي ميمڻ) سڏجندڙ (Sindhi Memon) سنڌ ۾ ئي رهي پيا ۽ عرب يا يمن واپس نه ويا ۽ لاڙ (لوئر سنڌ) کان (سينٽرل سنڌ )۽ پوءِ (اُتر سنڌ) جا رهواسي بڻي اسلام جي پرچار ڪيائون. ۽ سنڌ توحيدي دين اسلام جو مرڪز بڻيو رهيو. مسجدون ٺهرايون ويون، خيرات ۽ زڪوات جو بندوبست ڪيو ويو، فلاحي ۽ بهبود جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ويو. ته اهو واحد (يمني مومن ) يا انهن سان گڏ پوءِ نوان مسلمان ٿيبدڙ (لوهاڻا، کتري يا برهمڻ وغيره) جيڪ پاڻ به مسلمان بڻجي ( سنڌي ميمڻ) سڏيا ويا هُئا ، هتي ئي سنڌ جا ٿي رهيا ۽ اسلام جي تبليغ ڪندا رهيا ۽ ڪندا پيا اچن. ۽ ٻيا (ڪاروباري يمني خانه بدوش۽ مومن (ميمڻ) قبيلا جيڪي محمد بن قاسم جي واپس گهرائڻ تي ۽ عربن جي فتح سنڌ کان پوءِ سنڌ ڇڏي برصغير (هندستان جي ٻين حصن) جي ٻين علائقن جهڙوڪ (ڪاٺيا واڙ، ڪڇ، هالار، اوک وغيره ) ڏانهن رُخ ڪيو ۽ ڪي اُتي به رهي پيا ۽ جڏنهن انهن مان ڪي ٻيهر واپس سنڌ ۾ آيا ته هتي سنڌ ۽ خاص طور ڪراچي، لاڙ ۽ سينٽرل سنڌ ۾ ئي سيٽل ٿيڻ لڳا ته هتي رهندڙ (سنڌي ميمڻن ) کين جنهن علائق مان واپس وريا جي نسبت سان (ڪاٺيا واڙي ميمڻ، ڪڇي ميمڻ، اوکائي ميمڻ وغيره )۽ ڪاروباري نسبت سان (موتي والا، باٽلي والا، تيل والا) جي نالي (سب ڪاسٽ) سان سڏڻ شروع ڪيو. ته اها آهي ميمڻ قوم جي سنڌ ۾ سيٽل ۽ (اپر ڪلاس) ديوانن جي مُڪمل سچي تواريخ ۽ حقيقت جيڪي توهان ڄاڻڻ پيا چاهيو.
ياد رهي ته سنڌ ۾ اسلام پوءِ ٻن حصن ۽ دئورن ورهائجي ويو هو اسلان جو پهريون دئور (بحر عرب) مان ايندڙ، مڪي ۽ مدني مُسلمانن جو هو جن سنڌ کي 711ع کان پوءِ توحيدي دين اسلام جو مرڪز بڻايو هو جيڪو لاڙ کان شروع ٿي اُتر سنڌ طرف ويو ۽ ٻيو دئور صوفي ازم واري اسلام جو هو جيڪو اُتر سنڌ کان سروع ٿي لاڙ پوهتو ۽ توحيدي دين اسلام تي (سُر ساز، سوز ۽ سنگيت) جي ڦهلاءَ سان ماڻهن جي دلين تي ڇائنجي ويو، عبادتون مسجدن بجاءِ خانگاهن ۽ مقبرن ۾ ٿيڻ لڳيون هُيون ۽ اهو صوفي ازم جو مذهب ايران ۽ بغداد جي مرڪزيت رکندڙ هو. ۽ پوءَ اهي ٻئي مذهب گڏ وچڙ بڻجي اسلامي سوچ کي ڪنفيوز ڪري وڌيڪ 72 فرقن بڻڻ جو سبب بڻيا هُئا .
سائين تمام سٺو عنوان ..سائين ڳالھ اھا آھي ته اسان سنڌين ۾ اھا اھليت ئي ناھي جو اسان گڏھن مان به ڪم وٺون.(اھليت جو لفظ استعمال ڪرڻ سان مطلب ٻڌي جو آهي) . اسانجي سماجي اڳواڻن کي ان سلسلن ۾ اڳيان اچڻ گهرجي.
ميمڻن بابت ڪا في تاريخون مشاھدي ھيٺ آيون پر اوهان هڪ نئين تاريخ ٻڌائي آھي.(جيڪڏنهن ڪجھ ڪتابن جا حوالا ڏيندو ته پڙھي مشاهدو ڪبو سنڌ ۽ سنڌ جي ذاتين بابت)
ڀلا راجا ڏاھر کي اسان جا سنڌي مرشد کان کان به وڌيڪ اھميت ڏيندا آھن ان بابت ٿورو ٻڌائيندا ته ان ۾ ڪيتري حقيقت آھي؟
۽ سنڌين کي سنڌ جي ڪراچي.حيدرآباد کان سواء ٻين شھرن مان لڏائڻ وارا سنڌي آھن؟ جي سنڌي آھن ته اھي ائين ڇو ڪري رهيا آھن؟انهن جا ڪهڙا عزائم آھن؟ ۽ جي سنڌي ناهن ته ڪير آھن؟
اهليت آهي ۽ ڊي. اين اي ۾ آهي . آئون اصل ۽ نسلي سنڌي جي ڳالهه پيو ڪريان جنهن ۾ صرف (ديوان، ميمڻ ۽ شيخ) اچن ٿا باقي ٻيون سنڌ جو ذاتيون يا قومون جيڪي چئو بيشڪ سنڌ ۾ مرج ٿي ويون ۽ سنڌي سڏجن ٿيون ۽ ڦير به انهن ئي قوم ۽ ذاتين ۾ آهي جيڪي سنڌ ۾ ڪاهي ايندڙن سان آيون ۽ پنهنجو ڪلچر ۽ ماحول به جوڙيئون .انهن جو ڊي اين اي به مختلف ٿي سگهي ٿو. ڊي اين اي رت جي ڦڙي جو هڪ قلم آهي جنهن ۾ پاڻيءَ جو مقدار 85 سيڪڙو آهي ۽ اهو 85 سيڪڙو پاڻي ٻُڌائيندو ته اهو ڪهڙي علائقي ۽ موسم تحت جُڙيو ۽ جُڙندو اچي. آيا ايران جو آهي يا بغداد جو يا ترڪي جو يا عرب دُنيا جو يا چنگيز خان سان گڏ چائنا ، روس ۽ ٻين علائقن مان آيو آهي.
ميمڻ قوم بابت ته مان اڳ ئي ٻُڌائي چُڪو آهيان ته اهو لفظ گهڙجي ويو آهي ۽ انگريزن واتان ڳالهائجي مومن مان ميمڻ بڻيو ۽ پنهنجي معنني سوڌو آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ جو حصو به بڻايو ويو. رهي ڪتابن جي ڳالهه ته تواريخ گواه آهي ته هر ڪاه ڪندڙن يا وسندڙن پنهنجي ملازمن ليکڪن هٿان پنهنجي پنهنجي تواريخ لکي آهي ۽ سچ لڪائي پاڻ کي اڳيان ڪيو آهي پر اُهي ريسرچ اسڪالر هوندا آهن جيڪي هميشه پُراڻيون ٿيوريون سمجهي اڀياس ڪري غلطيون ڪڍي نئين منتق پيش ڪمندا آهن جيئن اهو ته قابل قبول آهي ته يمن جا مسلمان قزاقن لُٽيا، سچي مسلمان کي پاڻ مومن ئي چئون ٿا شايد. ونگار به سنڌ ۾ رائج رهي ۽ راجا ڏاهر ئي انهن يمني مسلمانن ۽ ٻين قيدين سان شروع ڪئي ، سنڌ به پوءِ ئي باب الاسلام بڻيو ۽ 711ع کان اڳ هتي ٻڌ ڌرم مذهب هو. اهي ئي تواريخي حوالا آهن توهان کي هر ليکڪ جي ڪتاب ۾ ملي ويندا. انهن مان ڪامن ڳالهه ڪڍوجيڪو اڀياس ۽ ريسرچ ۾ ڪبو آهي ته ڳالهه نڪري ايندي.
هاڻ ڳاله رهي ڪراچيءَ ۽ حيدر آباد مان نڪرڻ جي جنهن ۾ يقينن پناهگير ئي شامل هُئا جيڪي نادرشاهي ڀوتارن جو ووٽ بئنڪ هُئا جيسين متحده نه ٺهي هُئي ، پر مون ڳالهه ڪئي واڻين، ميمڻن ۽ شيخن کي ڳوٺن مان لڏائڻ جي ته ان ۾ نادرشاهي ڀوتارن سان گڏ سرحدي ڀوتارن جو به گهڻو حصو آهي پهرين سندن ٻنين، گهرن ۽ ڪاروبارن تي قبضو ٿيو پوءِ ڌاڙا هڻي يا هڻائي ۽ گهرن مان چوريون ڪري يا ڪرائي غلام ابن غلام بنائڻ لاءِ خوف ۽ ڊپ ڏنو ويو. پر جيئن ته هو اصلي ۽ نلي سنڌي هُئا ڪمزور ٿي گهر گهاٽ ڇڏي لاڏاڻو ته ڪري ويا ۽ وڃي ڪراچي حيدرآباد، انڊيا ۽ دنيا جا ٻيا شهر وسايائون پر نادرشاهي ظلم خلاف ڪُڇيا ضرور.
رهي ڳاله عزائم وارن جي ته ڏاڍو هميشه عوام کي پيڙاهي ڏاٺ ڪندو آهي.
وڌيڪ تواريخي حوالي لاءِ ميمڻ قوم موجب ڪاڄياواڙي ميمڻن جون ٽي روايتون ميمڻ ڊاٽ ڪام تي تفصيل سان آهن جن ۾ ڪاٺياواڙي، اوکائي، ونٿلي يا ڪڇي ميمڻن پاڻ کي اُتم رکي لکيو آهي ۽ چوٿين روايت سنڌي ميمڻن جي آهي جيڪا مان ٻُڌائي چُڪو آهيان جو پوءِ اهيا ميمڻ قوم ئي سنڌ ۾ رهي محمد بن قاسم وقت ۽ پوءِ اسلام جي تبليغ ڪندي رهي اڄ به اڪثريت سنڌي ميمڻ توهان کي ائين ڏسبو. جڏنهن ته ٻيا ميمڻ ته محمد بن قاسم جي واپس گهرائڻ کان پوءِ هندستان هلي ويا هُئا ۽ سنڌ جي باب الاسلام بڻجڻ ۾ سند حصو ڪون هو.