ايوب کوسو خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

ايوب کوسو

خوف ڀلجي آجپي سان پيار ڪر،
ڇڏ اداسي حوصلي سان پيار ڪر.

سنڌ چاهي ٿي گلابي عاشقي،
تون بلاول روپلي سان پيار ڪر.

چنڊ ناهي ڇا ٿيو اي دل چري،
هاڻِ پنهنجي سوجهري سان پيار ڪر.

ڇڏ شرابن جي خمارن جي ثنا،
سانورائي جي نشي سان پيار ڪر.

ڇو ثقافت کي وساري ٿو ڇڏين،
گهاگري اجرڪ گهگهي سان پيار ڪر.

تنهنجي نيڻن ۾ رهي تاريخ آ،
تون وڃايل ماڻھپي سان پيار ڪر.

 
Back
Top