ڪاڇي ڪيل پنڌ

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏18 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    ڪاڇي ڪيل پنڌ
    اياز چانڊيو
    غيبي ديري واري کٽارا بس ۾ سفر ڪرڻ جو ارادو مٽائي ميرڻ ماڇي ڏانهن ويندڙ ساڳئي ئي ڇنل ڇڪڙي جهڙي بس ۾ ويهي رهياسين، جنهن جا در دريون رڳو نالي ماتر هيا،ائين پيو لڳي ته هن بس ۾ به ڪنهن زماني ۾ در ۽ دريون هونديون هيون! ڳوٺاڻا قمبر کان نوان تازا ٿي ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاءِ بس ۾ ائين اچي سٿيا، جيئن ڪنهن ٽرڪ ۾ ڍورن کي سٿيو ويندو هجي، پر جيڪڏهن ڪو چڱو رهائي رسائي وارو ماڻهو هوندو ته ان کي ڊرائيور ڪنهن خاص سيٽ يا ان جي ڀرسان واري سيٽ تي ڪپڙو رکي ويهاريندو، نه ته عام ماڻهو ڀلي بيٺو هجي،”ادا ڪجهه سال اڳ هن ئي بس ۾ سيٽ رکڻ تان جهيڙو ٿيو هو، ڳالهه خونن تي وڃي پهتي. اهو جهيڙو 10 سالن تائين هلندو رهيو.“ هڪ دوست ٻڌايو، جنهن موجب هنن روٽن تي هلندڙ بسن ۾ جهيڙا جهٽا ٿيڻ کان نئين ڳالهه ناهن، تنهن ڪري ڪنهن سان بحث ڪرڻ معنيٰ جان جوکي ۾ وجهڻ. قمبر کان دوست علي وارو روڊ هجي يا غيبي ديري وارو روڊ چڱا ڀلا ماڻهو به ٻن شين کان ڊڄندا، هڪ پوليس ۽ ٻيو ڀوتار. جيڪڏهن ڀوتار جي گاڏي کي فل اسپيڊ ۾ رستو نه مليو ته سمجهو ڊرائيور ويو...چون ٿا ته ميرڻ ماڇي ۾ هڪ ڀوتار بس واري کي وارن کان جهلي فل اسپيڊ ۾ گهلي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهڙا ڪيئي داستان هن جاگير واري علائقي ۾ ماڻهن جي سينن ۾ اڃان ساهه کڻن پيا. قمبر کان لڳ ڀڳ 25 ڪلوميٽر پري ميرڻ ماڇي کي هاڻي ننڍڙي شهر جي حيثيت حاصل آهي، جتي ڪجهه دڪان آهن، بس جو آخري اسٽاپ به هتي ئي آهي. ان جي ڏکڻ ۾ ڌاڙيل علي گوهر چانڊيو جو ڳوٺ به آهي ته ٻيا به نامي گرامي ڌاڙيل هن جوءِ سان واسطو رکندڙ هئا ۽ آهن. علائقي جا ماڻهو جوا کيڏڻ يا انڊين فلمون ڏسڻ هتي ئي ايندا هجن ٿا. ٻه ڏهاڪا هن ڳوٺ جا منظر تمام سهڻا هئا، پر هاڻِي ته هر شيءِ کي ڇهي ماڇي جي جهنگ جيان نظر لڳي وئي. سم ڪلر ۽ جهيڙن فطرت جي هر نظاري کي نظر هڻي ڇڏي آهي.
    ڪجهه گهڙيون هن ڳوٺ ۾ ترسڻ کانپوءِ پيرين پنڌ ڪاڇي ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي واهه جو ڪنارو وٺي پيرن سان ڌوڙ اڏائيندا، سهڪندا ٻارنهن تيرنهن ڪلوميٽر پري وڏي سم ۽ شهباز، ڇهي ماڇي وارو رستو ڏيندا نيٺ سج لهڻ کان ٿورو اڳ ان اي ايف پي بند تي پهتاسين، جنهن جي ڀرسان ڇهي ماڇي نالي تمام ننڍڙو ڳوٺ آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ ٻانور (ديوي) ٻٻر، ليون، ٻيرن، ڪنڊي، پپر، ٽالهي سميت انيڪ وڻن هئا. هڪ نه کٽندڙ جهنگ هجڻ ڪري هتي به ڪيئي ديومالائي داستان ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. اونداهي راتين ۾ به اهڙا بهادر ماڻهو هئا، جيڪي هن سنسان جهنگ ۾ سفر ڪندي نه ڪيٻائيندا هئا. ان سان گڏ ئي حاجي عشق علي جي سخاوت به مشهور هئي، جنهن جي اوطاق چوويهه ڪلاڪ پئي هلندي هئي. چون ٿا ته حاجي عشق جي حياتي ۾ هتي ماني سان گنديون ڀريل هونديون هيون، جيڪي به راهي هتان ڪاڇي يا ڪنهن ٻئي علائقي ويندا هئا ته اهي حاجي عشق علي جي اوطاق تي وڃي ماني ضرور کائيندا هئا. جيڪو به گهر ۾ هوندو سڀ اهو ئي کائيندا، بنا ڪنهن فرق جي مهمانن جي خدمت ٿيندي هئي. پر سندس لاڏاڻي کانپوءِ اها اوطاق هلي ٿي يا نه؟ پر جاگير جا ماڻهو اڄ به اهي مثال ڏيندا رهن ٿا ته ”يار تون ته ڪو حاجي عشق علي آهين“...ايف پي بند جي ٽٽڻ ۽ ورهين کانپوءِ 4 سال اڳ آيل ٻوڏ سبب هاڻي سوين اهڙا ڳوٺ مٽي جو ڍير ۽ ويران بڻجي چڪا آهن، جتي ڪنهن زماني ۾ زندگي هوندي هئي. وڻ ٽڻ، ساوڪ ۽ وڏا جهنگ هوندا هئا، پر هاڻي انهن جو ڪو نالو نشان به نه ٿو لڀي. ڇو ته ايف پي بند جي ٽٽڻ سان آيل ٻوڏ سبب سوين ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿيا، پر حڪومت انهن جي واهر نه ڪئي. ٻوڏ ۾ ٿيل تباهي بابت هڪ جهوني ٻڌايو ته ”جڏهن 70 ع واري ڏهاڪي ۾ ڪاري ٻوڏ آئي هئي، تڏهن ڀٽو صاحب پاڻ ٻيڙي تي چڙهي هڪ هڪ ڳوٺ ويو هو، پر هاڻي ته حاڪم رهيا ئي ناهن، بادشاهيون ڄڻ ته ختم ٿي ويون آهن.“ فلڊ پروٽيڪشن بند انگريزن جي دور ۾ ان ڪري ٺاهيو ويو هو جو جڏهن ڪاڇي ۾ برساتون پونديون هيون ۽ نيون تار ٿي وهنديون هيون ته پوءِ اهو پاڻي بيراجي علائقن ۾ به اچي تباهي مچائيندو هو، تنهن ڪري انگريز سرڪار ايف پي بند ٺاهي ڪاڇي جي ٻوڏ واري پاڻي جو رخ زيرو پوائنٽ ۽ حمل ڍنڍ ڏانهن موڙي بيراجي علائقي کي تباهي کان بچايو هو.
    ايف پي بند کان هيٺ لڳ ڀڳ ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کانپوءِ وارياسي پٽي شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين ڀليڪار ”حسڻ جا قبا“ ڪن ٿا، جتي قديم زماني جون مسجدون ۽ مزارون ٺهيل آهن. آثارن جي حالت ڏسي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته جڏهن پڪو قلعو، رني ڪوٽ، مڪلي جا آثار ۽ موهن جو دڙو ئي بچي نٿا سگهن ته هن برپٽ جا آثار ڪٿي ٿا محفوظ رهي سگهن. هڪ ڪاڇيلي ٻڌايو پئي ته هنن قديم ماڳن جون سرون ڀوتارن يا انهن جي ماڻهن ڪڍرائي پنهنجي گهرن ۾ لڳايون آهن، تنهن ڪري جايون هنڌان اکڙيل نظر اچي رهيون هيون. اسان کي ميرڻ ماڇي کان حسن جي قبن تائين پنڌ ڪندي ڪندي ست اٺ ڪلاڪ ٿي چڪا هئا، سج لهڻ ڏانهن وڌي رهيو هو، تنهن ڪري جيئن سج جي تپش گهٽ پئي ٿي، تيئن ڪاڇي جا بيابان وڌيڪ حسين پئي لڳا، ڇو ته جڏهن مينهن پوندا آهن، تڏهن ڪاڇي جا برپٽ ساوڪ سان ڍڪجي ويندا آهن. هر طرف سنون سڌن وارياسي پٽن تي گاهه ڦٽڻ سان قدرت جا رنگ نروار ٿيندا آهن، مختلف وليون ٿينديون آهن. هتي ڪاڇيلا متيرن جو ٻوڙ جوئر جي ماني سان وڏي شوق سان کائن ٿا. ٻن ڏينهن جي مسلسل سفر کانپوءِ حسن جي لاکي کان وٺي پير قريشي جي درگاهه واري ٽڪري تائين ڪيترائي حسين نظارا نظر آيا. اڇا، ميٽا ۽ گهرا نيرا جبل سج جي روشني ۽ جهڙالي موسم ۾ وڌيڪ چٽا نظر ٿا اچن. پير قريشي جي درگاهه واري ٽڪري جي چوٽي تي مقامي ماڻهن 14 کان وڌيڪ قبرون به ڏيکاريون، جن ۾ هڪ ڊگهي قبر بابت چيو ٿو وڃي ته اها قبر هڪ گهوڙي جي آهي، جيڪو جنگ ۾ مارجي ويو ته ان کي به هن ئي ٽڪري تي دفن ڪيو ويو. هيٺ درگاهه تي به ڪاڇي جا ماڻهو ضرور سلامي ڀرين ٿا.
    برسات جي وسڪاري سان زمين کي قدرتي طور ريج مليو وڃي، بس ماڻهو رڳو ٻاجهري ۽ جوئر جا ٻج ڇٽي فصل لهڻ جو انتظار ڪندا آهن. فصل لهن ته عورتن ۽ ٻارن کي به هڪڙو نئون وڳو ملڻ جي آس هوندي آهي، نه ته ساڳيا ڦاٽل ۽ اڻ ڌوتل ڪپڙا، ميرا وار....ڪاڇي واسي اڄ به سوڪهڙي جي سالن ۾ جلال چانڊيو کي ياد ڪن ٿا، جڏهن هن ڪيئي سال اڳ سوڪهڙي ۾ ”گج گج گوڙ، ڪاڇا ٻوڙ، يار وطن ول آوي“ وارو سرائيڪي ڪلام ڳايو هو ته ان جي ٿوري وقت کانپوءِ ڪاڇي ۾ اهڙي برسات پئي جو ماڻهن سندس ڪلام کي دعا جو درجو ڏنو هو. ڪاڇي واسي ڀلي ڪيڏي به سوڪهڙي ۾ ڇو نه هجن پر انهن لاءِ ٽوپي جبل به ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي، جتي ٻارنهن ئي مهينا پيئڻ جو پاڻي موجود هجي ٿو. اسان جڏهن پير قريشي جي درگاهه واري ٽڪري کان لهي هيٺ ٽوپي جبل تي پهتاسين ته اتي ڪيترائي مرد توڙي عورتون گڏهن تي مٽ ۽ کليون (کل مان ٺهيل پاڻي لاءِ ٿيلهي) ڀرڻ لاءِ گڏ بيٺل هئا، جتي واري ۾ هٿن سان ننڍيون ننڍيون کڏون کوٽي پاڻي ڀريو پئي ويو. عورتن ته مٽن تي ڪپڙا رکي کڏ مان پاڻي پئي ڀريو ته جيئن پاڻي صاف ٿي مٽ ۾ پئي.”هي ٽوپي جبل نه هجي ته ماڻهو اڃ مري وڃن.“ ان جبل کي ان ڪري ”ٽوپي جبل“ سڏيو وڃي ٿو، جو پري کان جبل ”جي بيهڪ ”سنڌي ٽوپ“ جيان نظر اچي ٿي. ڪاڇي لاءِ ميهڙ، خير پور ناٿن شاهه ۽ وارهه کان به رستا آهن ۽ هڪ رستو قمبر کان به آهي، پر قمبر وارو ڪاڇو ڀوتارن جي ڪري عام ماڻهن لاءِ اڃان تائين اوپرو بڻيل آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاڇي ڪيل پنڌ

    يار اياز جاني، تمام سٺي معلومات آهي، قمبر واري ڪاڇي جي ۔۔۔ ڀلا اهو سفر ڪهڙي دوست ڪيو هو؟ ڀلا ان دوست کي ڀوتارن ڇڏيو آهي يا وري ڀوتارن جي هٿ وڙ چڙهيو آهي، آنءُ به لاڙڪاڻي کان ڊرگهه ڍنڍ تائين ايندو هيس جو شيخ پنهنجا دوست هئا ۔۔۔ پر مرحوم آصف شيخ جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ وڃڻ نه ٿيو ۔۔۔۔
     
  3. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    جواب: ڪاڇي ڪيل پنڌ

    ادا نثار ابڙو صاحب ۔ بلڪل دوست علي روڊ بنگلا کان هيٺ جاگير نبي بخش چانڊيي جو ڳوٺ منهنجو ڳوٺ آهي ۽
    جيڪو مون هن ڪهاڻي ۾ ذڪر ڪيو آهي سيٽ تي جهيڙو اِهو جهڙو مري ۽ چنڊين جو هو۔ بد قسمت سان اهو چانديا خاندان منهنجو هيو۔۔ ۔۔۔۔
    ان وقت کان هن خاندان جون فيمليون شهر ڏانهن شفٽ ٿي ويون ڪجهه لاڙڪاڻه ۽ ڪجهه ڪراچي ۾
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪاڇي ڪيل پنڌ

    اياز ڀاءُ۔۔۔ اوهان جي لکڻي ۽ سفرنامي لکڻ جي انداز مان لڳي ٿو ته ماشاءَ الله اوهان کي قلم ۽ ڪتاب ۽ ڊائري‌ سان گهڻو چاههُ آهي۔۔۔ سفر جو انداز ۽ موجوده حالتن جو ڏيک دلچسپ لفظن ۾ تحرير ٿيل آهي۔۔ اميد ته توهان جي قلم‌ ۽ ڊائريءَ مان اڃان گهڻو ڪجهه خزانو ملندو۔۔۔
    جيئندا رهو ڀاءَ۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاڇي ڪيل پنڌ

    جي ادا مست ، اياز جاني جي لکڻ جو انداز انتهائي سهڻو ۽ پيرائتو آهي، هي دوست لڳي ٿو ته کاهوڙي آهي ۽ پاڻ به جواني ۾ کاهوڙي هئاسون ۽ هاڻ جي پاڻ کاهوڙي نه ته کاهوڙين جا يار ته ٿي سگهونٿا ۔۔۔ سو لڳي ٿو ته اياز جاني سان پنهنجي خوب لڳندي ۽ ڳوٺ جي ڪڻڪ پڻ کائڻ جو موقعو ملندو يا وري سندس ڳوٺ جي آس پاس ٿيندڙ تترن ۽ سيهڙن جو شڪار پڻ ججهو ٿيندو هوندو ۔۔۔
    خئير، خوب گذرندي جڏهن ويهندا ديوانا ٻه ۔۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪاڇي ڪيل پنڌ

    سائين پوءِ جڏهن سنڌ اچجو ته هي ننڍو دوست به اوهان سان ٿورو کاهوڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو۔
    باقي جيڪي تتر بچي سگهيا آهن انهن کي هلي شڪار ڪنداسين۔ >:d<
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪاڇي ڪيل پنڌ

    مهرباني ادا تمام سٺو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو