باڪسنگ رِنگ ۾ پنهنجي مخالفن کي مات ڏيندڙ باڪسنگ جو ٽي ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ عظيم رانديگر محمد علي آخرڪار موت هٿان مات کائي 74 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آمريڪي رياست ڪينٽڪي سان تعلق رکندڙ ڪيسيئس ڪلي 1964ع ۾ پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻيو ۽ ٻئي ڏينهن ئي هن اسلام قبول ڪري ورتو.
محمد علي 61 مقابلن ۾ حصو ورتو جن مان هن 56 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. 1981ع ۾ بيماريءَ سبب هن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. هن کي اسپورٽس مين آف دي سينچري، اسپورٽس پرسنلٽي آف دي سينچري سميت ڪيئي اوارڊ ۽ خطاب مليا. محمد علي هڪ شاعر ۽ شهري حقن جو علمبردار هو.