• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عظيم باڪسر محمد علي لاڏاڻو ڪري ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
باڪسنگ رِنگ ۾ پنهنجي مخالفن کي مات ڏيندڙ باڪسنگ جو ٽي ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ عظيم رانديگر محمد علي آخرڪار موت هٿان مات کائي 74 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آمريڪي رياست ڪينٽڪي سان تعلق رکندڙ ڪيسيئس ڪلي 1964ع ۾ پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻيو ۽ ٻئي ڏينهن ئي هن اسلام قبول ڪري ورتو.
محمد علي 61 مقابلن ۾ حصو ورتو جن مان هن 56 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. 1981ع ۾ بيماريءَ سبب هن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. هن کي اسپورٽس مين آف دي سينچري، اسپورٽس پرسنلٽي آف دي سينچري سميت ڪيئي اوارڊ ۽ خطاب مليا. محمد علي هڪ شاعر ۽ شهري حقن جو علمبردار هو.

2vtcyms.jpg
 
1982 ڌاري جڏهن دنيا جو عظيم باڪسر محمد علي ڪراچي آيو هو ته ، هن کي سنڌ جي عظيم ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي سندس آجيان ڪئي وئي هُئي
تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ پنهنجي عظيم ثقافت سان دنيا جي عظيم ماڻهن جو سواگت ڪيو آهي

13315340_651814338302719_1830573727253905368_n.jpg
 
محمد علي صاحب ويٽنام ۾ جنگ وڙهڻ کان انڪار ڪيائين ۽ چيائين ته مان بي گناه ماڻهن کي نه ماريندس، ۽ جبري فوج ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيائين، ۽ ڪيس لڙيو ۽ ڪيس کٽيائين، ۽ اڄ آمريڪا هن کي هڪ هيرو جي نظر سان ڏسي رهيو آهي، جيڪا سندس مجبوري بڻجي وئي آهي،
 
Back
Top