• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ٻن هفتن دوران 50هزار کان وڌيڪ پٺاڻ اچڻ جي تصديق۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ayazjani
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ayazjani

سينيئر رڪن
ڪراچي(رپورٽ:امتيازچانڊيو)سرحد صوبي مان فوجي آپريشن سبب لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ايندڙ مهاجرن مان رڳو ڪراچي ۾ ٻن هفتن دوران 50 هزار کان وڌيڪ پٺاڻن جي اچڻ جي تصديق ٿي وئي آهي ،جن جي مدد ڪرڻ لاءِ اي اين پي سنڌ حڪومت کان جدا فنڊ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي وڏي وزير کان جلد ملاقات ڪرڻ لاءِ وقت گهري ورتو آهي، ڄاڻ موجب سرحد صوبي ۾ سوات،بونير،مينگورا،شانگلا ۽ ٻين علائقن ۾ طالبان خلاف هلندڙ فوجي آپريشن کانپوءِ بي گهر ٿيل ماڻهو گادي واري شهر ڪراچي ۾رڳو 14 ڏينهن دوران 50 هزار کان وڌيڪ مرد عورتون ۽ ٻار لڏپلاڻ ڪري اچي ويا آهن،جن کي سرڪار بدران عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن رجسٽرڊ ڪيو آهي،جڏهن ته سرحد مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مهاجرن مان اڪثريت نارٿ ناظم آباد،بنارس،نصرت ڀٽو ڪالوني، سهراب ڳوٺ،ڪياماڙي،هجرت ڪالوني لانڍي،ڪٽي هوئي پهاڙي،اجمير نگري ۽ ٻين علائقن ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي ان سان گڏ جن متاثرن جا اڳواٽ ئي هتي مٽ مائٽ رهندڙ هئا،تن ته پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو آهي،تنهن ڪري صرف اي اين پي 8 کان 10 ڀاتين تي ٻڌل 5400 جي لڳ ڀڳ خاندانن لاءِکاڌي پيتي جي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي،جڏهن ته وڏي انگ ۾ متاثرن جي سنڌ اچڻ ۽ سنڌ جي قومپرستن پاران پٺاڻن جي بنا روڪ ٽوڪ جي اچڻ خلاف احتجاجن جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪري ملاقات جو وقت پڻ گهريو آهي ،امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اي اين پي جو وفد اڄ يا هڪ ٻن ڏينهن ۾ وڏي وزير سان ملاقات ڪندو،جنهن ۾ سرحد مان آيل متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ جدا فنڊ قائم ڪرڻ ۽ سنڌ سرڪار طرفان کين رهائش سميت بنيادي سهولتون ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪندا،ان سلسلي ۾ اي اين پي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بشير جان ڪاوش کي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسان جلد وڏي وزير سان ملاقات ڪنداسين،جنهن ۾ اسان متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ پرپوزل پيش ڪنداسين. هن ان سوال ته ڪيترا متاثر ڪراچي اچي چڪا آهن؟ جي جواب ۾ چيو ته ڪراچي ۾ هيستائين 50 هزار کان وڌيڪ متاثر اچي چڪا آهن،هڪ هڪ خاندان 8 کان 10 ڀاتين تي ٻڌل آهي،ان حساب سان اسان پارٽي طرفان 5400 جي لڳ ڀڳ خاندانن جي رجسٽريشن ڪئي آهي، جن کي باچا خان مرڪز تان راشن ڏنو وڃي ٿو پر هاڻي ته اسان به راشن ڏئي ٿڪجي پيا آهيون،ڇو ته تمام وڏي انگ ۾ متاثر آهن،هن اعتراف ڪيو ته ڪيترائي خاندان اهڙا آهن جن پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو آهي
 
Back
Top