• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪير ڪنهن سان سُرُ سُرَ ۾ پيو ملائي؟زميني حقيقتون واضح آهن سنڌي سڀ سمجهن ٿا.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
هن وقت زمين تي ڏسڻو آهي ته فلحال ڪنهنجا سُرَ ڪنهن سان پيا مِلن ؟
(پليز ڊو ناٽ انڊر ايسٽيميت سنڌي نيشن) اسين ڏسندا ۽ ڏيکاريندا آهيون تصوير جو ٻيو رُخ !
هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو نه تنهنجو نه مُنهنجو
توهان هر سهولت ملڻ باوجود تبديلي آڻڻ ۾ ڪامياب نه پيا ٿيو ان جو ڪارڻ به ته پرکيو؟
13335811_10209329241008835_2071994793964237822_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اها روزمره جي تيار ٿيل جدول ٻُڌائي ٿي ته حڪومت ۾ بائيواريءَ جون شوقين ڌرين ۽ قائد اعظم کي شهيد ڪري اهڙن مسئلن کي اُجاگر ڪندڙ پنهنجو رسمي ۽ عادتن کيڏ (جيوڊيشري بشمول بيوروڪريسي، نام نهاد هارائيندڙ وڏيرا ۽ ڀوتار، چوڌري ۽ نوان سياستدان توڙي موڙي ۽ جوڙي ميدان تي لاهي، اڳ بدران اڄ به کيڏي رهي آهي حالنڪه اهڙين حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 6 جو ڪمزور ڪڙو به چاڙهيو ويو آهي پوءِ به اهڙا ڪڙا ٽپي نڪرندڙن کي ڇا ڪندا جيسين جهموريت دشمن ۽ پوءِ ڌايو ڀوتار، نادرشاهي وڏيرو ، راشي بيوروڪريسي ۽ غريبن جو اصل دشمن سرمائيدار مُلڪ ۾ موجود آهي ته هن وقت به سال 1948 واري اها کيڏ ، ۽ شطرنج سرمائيدارن ، راشي بيوروڪريسي۽ انهن جي ٽي وي چئنلن ۽ ڪن يئلو جرنزم جي اينڪرن جي مدد سان زور شور سان جاري آهي ته ڪٿي آسرن تي ۽ پُٺيان ايندڙ نون سهولتڪار کي يا ڌرنان ڏيندڙ يا جلسا ڪندڙ ن کي به سکيا ڏني پئي وڃي.، قوم کي بيوقوف سمجهندڙن (جنهجو پنهنجو ڪردار به واضح آهي) کي استعمال ڪري آرٽيڪل 6 به آرام سان ٽپڻ لاءِ ٻيو عوامي رومال ۾ ويڙهيل ثير جهموريتن جي جهموريت قائم ڪرڻ جي تياري آهي يعني ٻي ڪنگ ليگ. باقي اصل مهنگائي، رشوت، تعليم، صحت تي اهي سرمائيدار پنهنجو پئسو لڳائي شروعات ۾ پئسو لڳائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ، ته ڪنهن غريب جو ٻار اسڪول موڪليل هُجي ڪنهن غريب جو مُفت زڪوات ۽ خيرات مان سهي ڪو علاج ٿيو هجي اهو ڪم شايد رڳو گورنمينٽ تي ڇڏيل آهي ۽ اڳيان آڻيندڙ قوتون يا سرمائيدار ان ڪم ۾ ڀائيواري ڪو نه ڪندا ڀلي سند ئي قائم ادارن ، فيڪٽرين، ڪارخانن، ۾ لوٽ کسوٽ، اجورن جو نه ملڻ ثابت به حوجي پوءِ دانهن ٿي ڪجي ته جُڙو تبديلي آڻيو پر ليڊر شپ هُجي ته تبديلي به آڻجي ڪنهن لاءِ؟ انهن لاءِ جيڪي سنڌ جُدا ڪرڻ وارن سان گڏ ۽ ڪالا باغ ڊئم وارن سان اتحاد ۾ آهن ؟ بيشڪ سنڌي انگ اگهاڙا، مُفلس ۽ لاچار ٿي ڇُڪو آهي ۽ سرمائيدارن تا غربت جي چڪيءَ ۾ به پسايو ويو آهي، بيشڪ ڪي وائيٽ ڪالر به خريد ڪري سنڌ قبضا گروپ ٺاهي تيار ڪيا ويا آهن پر وساري ويٺا آهن ته مومن صرف هڪ دفعو دوکو کائيندو آهي ۽ سنڌين ته هميشه اهڙن پاٿاريدارن ۽ نادرشاهي وڏيرن ، راشي بيووڪريسي هٿان پاڻ لُٽايو اهي جنهنجو سڌو سئون حساب ڪتاب ۾ رشتو ئي اهڙين قوتن سان ملي ٿو جنهنجي لاءِ هو ميدان تي چولا بدلائي لاٿا ويا آهن ۽ وڻ وڻ ڪاٺي ڪيا ويا آهن پر شايد پوءِ به حڪومتي پارٽيءَ ۾ دراڙ نه پيا وجهي سگهن جيڪا ڇا به هُجي اڄ سنڌ جا ٻه ٽڪڙ ٿيڻ ۽ ڪالاباغ ڊئم ۽ شهرن ڪراچي حيدرآباد تي قبضي ۾ رڪاوٽ ضرور آهي. غريب سنڌي ڪُجه نه هوندي به ، بکيو ۽ انگ اگهاڙو ۽ غلام ابن غلام هوندي به سياسي طور تي يقينن هڪ باشعور قوم آهي پنهنجي ۽ سنڌ دشمنن جي دوستن کي چڱي نموني سڃاڻي ٿي جيڪي قوتن طرفان ميدان تي لاٿل آهن. تبديلي چاهين ٿا پر تبديليءَ لاءَ سنڌ پرست قيادت گهرجي جيئن ذوالفقار علي ڀُٽو يا شهيد بينظير ڀُٽو. فلحال پوئتي اها قيادت صرف ۽ صرف بلاول ڀُٽو ۾ پئي ڏسجي جيڪو اڳيان وڌي سنڌيت جي صحيح ترجماني پيو ڪري ۽ سنڌي ماڻهون به صرف ان جي ليڊر شپ قبول ڪندا جو ٻيا سوداگر به آزمائي ويٺا آهن ته کين سنڌ ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن جو ڪيترو خيال آهي اُهي ته صرف ۽ صرف ڀُٽو دشمنيءَ ۾ اڳيان ظاهر پيا ٿين نه ڪه سنڌ دوستيءَ ۾.
 
تمام سٺو عنوان اوهان هتي سامهون آندو آھي..سائين هڪ ته اسان جي سنڌ جي هڪ اڌ سياستدان کان علاوه باقي ته اھڙا آھن جيڪي ملڪي ۽ بين الاقوامي حالات کي نه ئي ڏسن ٿا ۽ نه ئي ان تي ڄاڻ حاصل ڪري پاڻ کي عملي طور ڪنهن ميدان ۾ سنڌ جي حفاظت لاء تياري ڪري بحث لاء اڳيان اچن ٿا.سو هنن مان ڪا اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي. ۽ ٻيو ته هنن سڀني سياستدانن جا ذاتي مفاد آھن جيڪي انهن کين سنڌ کان وڌيڪ عزيز آھن.
 
۽ مان اوهان سان ان ڳالھ تي 100% متفق آھيان ته سنڌ جا سياستدان رڳو ڀٽو دشمني تائين محدود آھن..جڏنهن ته انهن کي پاڻ کي اھڙي عملي سياست ۾ پاڻ مڃائڻ جي جدوجهد ڪرڻ گهرجي جيئن سنڌي انهن تي اعتماد ڪري انهن جو ساٿ ڏين..اسان جي قومپرست سياستدانن ۽ آفيسر شاھي جي ڪري سنڌ جي تعليم تباھ ٿي وئي..ائين اسان مان برداشت جو مادو به ختم ٿي ويو آھي..ڇو جو جيڪڏنهن ڪڇون ٿا ته ڪافر ٿا سڏجون پنهنجن جي ئي محفل ۾
 
سنڌ هميشه هڪ علحده حيثيت ۾ هُئي ۽ برصغير به پوءِ ئي (سنڌ ۽ هند) بڻيوهو. هند به دراصل سنڌوءَ جو ئي نالو آهي ۽ جيئن ته عربي الفابيٽ وانگر جنهن ۾ پ ڪانهين ته سنسڪرت ۾ به س ڪونهين ته سنڌ کي ئي هند يا هندو چيو ويو هو. توراخ گواه آهي ته جڏنهن ڀرڳڙي سنڌ جا بادشاه هُئا ته اهل بيت جي نالي تي ڪي صوفي درويش ايران ۽ بغداد مان سنڌ آيا ته ڀرڳڙين جي حڪومت سندن هٿن ۾ اچي وئي . سنڌ 886ع تائين باب اسلام سنڌ هُئي ۽ پوءَ بغداد ۽ عباسين جي چوٿين خليفي معتصم با الله جنهن جي لڇڻن جي تواريخ توهان کي پاڻ ٻُڌائيندي ته ڇا هو چون ٿا ته هو نشائي ۽ عياش به هو ۽ هن سنڌ ۾ ڀنگ پوکائي ۽ پوءِ باب اسلام جي غير تعليم يافته سنڌين کي ڀنگ جو نشائي بڻايو پنهنجو غلام بڻايو ويو. ياد رهي اُن سنڌ جي ڳاله پيو ڪريان جنهنجي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو ۽ جن جي ماءُ ٻولي مُلتاني يا سرائڪي هُئي. ۽ پوءِ بعداد جو صوفي ازم سنڌ ۾ (ملتان) ۾ داخل ٿي ڦهلجڻ لڳو صوفي ازم جي (سُر، سوز، سنگيت ۽ سنگت) سان ماڻهون موهجي به مڪي مديني واري باب الاسلام سنڌ جي توحيدي دين اسلام مان نڪرندا ويا جن جو راڳ اڳ مولود هو (جنهن ۾ رُڳوحمد ۽ ثنا) پڙهبي هُئي ۽ ان تي بغداد جو صوفي ازم (سُر سوز، سنگيت ۽ سنگت) سان حاوي ٿي ويو ۽ پوءِ جڏنهن ايران جي نادرشاه سنڌ تي ڪاه ڪئي ته هن سنڌ جي عوام کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ سان ان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي ۽ کين پنهنجي گهوڙن جي سُڀن سان ائين چيچاڙيو جواها اذيت محسوس ڪندي اڄ جو ڄاول سنڌي به (گهوڙا ڙي... گهوڙا ڙي) ڪري ٿو۽ پوءِ مڪي مديني مان ٺٽو، حيدرآباد ۽ اتر سنڌ طرف وڌندڙ توحيدي دين اسلام روڪي، اُتر سنڌ ۽ مرڪز ملتان کان پوئي موڙي صوفي ازم ، ديبل، ٺٽو ۽ ڪراچي پار ڪري هندستان پُهچايو ويو ۽ پوءِ اهو سنڌ سميت هندستان ۾ ڦهلجي وئي ان کان پوءِ سومرن جو ۽ ميرن جو جيڪو دئور آيوجن جي ماءُ ٻولي مُلتاني يا سرائڪي ٿي وئي هُئي. ته نادرشاه کان پوءِ ايران مان ايندڙ شاهن پيرن هتي مُريدي سسٽم شروع ڪيو ۽ باقي توهان کي خبر آهي جو ڀرڳڙين حڪومت اهل بيت سڏائڻ وارن جي حوالي ڪري ڇڏي .
ڀٽن سان به دشمنيءَ جو اهو ڪارڻ هو ته جڏنهن سائين جي ايم سيد پاڻ کي اقتدار ۾ رکڻ لاءِ پاڪستان کي ووٽ ڏنو ۽ ڏيارايو ته سر شاهنواز ڀٽو کيس جهليو ته ائين نه ڪر جو سنڌ جي پنهنجي الڳ حيثيت آهي اها نه وڃاءِ ته تواريخ ٻُڌائي ٿي ته سائين وراڻيس ته معني مان سنڌ ڀٽن ۽ ٻين وڏيرن جي حولا ڪري ڇڏيان ۽ اسان سيد؟
پوءِ ڀُٽن ۽ شاهن جي اها جنگ جاري رهي ايستائن جو ذوالفقار علي ڀُٽو پيري مُريدي ختم ڪرڻ لاءِ غريبن کي سوشلزم ڏانهن گهلي ويو اهڙيءَ طرح قوم پرست سائين جي ايم سيد جي ڪري ۽ شاه ۽ پير ڀٽن جا مخالف بڻيا جو پوءِ اڪثريت روٽي ، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي ڀُتي جي ٿي وئي هُئي ۽ اها پيرن، ساهن، قوم پرستن ۽ ڀٽن جي لڙائي اڄ تائين جاري و ساري آهي، هڪڙا جهموريت پويان ته ٻيا ڊڪٽيٽرن جا ساٿي بڻيا پر اقتدار ۾ ڪڏنهن به عوام جي ووٽ سان نه آيا.
 
تمام سٺي معلومات Sindhi media اوهان ڏني.مهرباني.
اوهان جي ڳالهائين سان متفق آھيان.مونکي هڪ ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته اسان ڪڏنهن ڀٽو دشمني مان نڪري سنڌ جي ڳالھ ڪنداسين.
 
Back
Top