آخر سنڌي قوم مان پنهنجن سان اڻ سهپ ۽ اندر جي باه ڪڏنهن اجهامندي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    توهان به ته ڪڏنهن ڀُلجي سُلجي اهڙي (ڪوڙي ئي سهي ) بهادري ۽ جُرئت ڪري ڳالهايو؟ جي سچا قومپرست آهيو ته ! هڪ ڳالهه ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مونهنجو !
    [​IMG]
    يا سياست سمجهو يا سياست ڇڏي ڏيو! عملي قوميت جي توهان کي ته (اي بي سي )خبر ئي ناهي سواءِ (لک لکاءَ ۽ نفرت جي) ڀلا ممڪن آهي ته سنڌ جي ويرين جي ولر ۾ ويهي ڪو سنڌ پيار ظاهر ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ممڪن آهي ته موالين جي محفل ۾ وڃي ڪو مولوي هڪدم اسلام جي تبليغ شروع ڪري ڏي؟، پهرئين ته انهن ۾ گهسڻو پوندو آهي دوست. محسن يار ڪڏنهن ڪڏنهن اندر جي باه پاڻ به اُجهائيندا ڪريو ! ڪو سنڌ گهريو ۽ من پسند ڪم ٿئي ٿو ته خوش ٿيڻ بجاءِ عورتن وانگر طعنه زني ؟ واه جي تعليم، تربيت ڏنل آهي وڏڙن جي ۽ واه جي فلاسافي آهي بڻايل. جس نٿا ڏيو (شاهنواز ، ذوالفقار علي ۽ بي نظير ڀُتو) کي جن جا سنڌ ۾ پنهنجا ئي (سنڌي نادرشاهي ڀوتار) اڪثر دشمن ۽ مخالف هُجن ۽ پوئين دروازن کان اقتدار تي اچڻ جا شوقين هُجن ۽ انهن جن سنڌي ماڻهن کي غلام ابن غلام ۽ موالي بڻائي پنهنجا پير چٽڻ تي مجبور ڪيو بجاءِ هو ڌارين جي صفن ۾ گهسڙي وڃن ها ۽ پوءِ سنڌ ۽ سنڌين کي اڳيان کڻي هلن ها . اهو ته شاهنواز، ذوالفقار ۽ بنظير ڪيو نه جن سنڌي ليڊر شپ ڪري ئي شهادت ڏني جي هو ائين نه ڪن ها ته ڇا اڄ توهان سنڌي ايڏا آزاد ۽ بي باڪ ۽ شهرن رهندڙ، ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هُجو ها ؟ ڇا ايترا انهن ويرين جي اڪثريت باوجود، سنڌي ادارن ۾ اڇي سگهن ها؟ يار ڪٿي دانگيءَ تان به مر لاهبي آهي توهان ته سڌا سوان ... ؟ ڀڇو نٿا اهو ياد ڪريو ته اڳيان هلي مُفاد وٺڻ لاءِ ڪڏنهن ضلح حُديبه به ٿيو هو (حالتن ڪاڻ) .ڪڏنهن حضرت عمر به ڪافرن جو ساٿي ۽ سپه سالار هو ۽ ڪڏنهن نبي سائين جن جا پچاچا سئوٽ ۽ ٻيا مٽ مائٽ به ڪافرن يا انهن جا ساٿاري هُئيا ۽ انهن نه مڃندڙن عزيزن جي ظلم ڪري ئي مڪي کان مديني هجرت ٿي هُئي . پر توهان ته عورتن وانگر طعنا ڏيڻ کان علاوه ٻيو ڪُجهه به نٿا ڪري سگهو. اهو به وساري نٿا ويهو ته ڪو (سُڀا ڪا ڀولا شام ڪو واپس گهر آئي تو اُسي ڀولا نهين ڪهتي) ڀلا ايترو ئي ته جس ڏيو ۽ پنهنجي (ڀُٽي خاندان تا) فطري حسد جي ڀاه ڪڍو ته بهتر ناهي ؟ انهن نادرشاهي ڀوتارن ، راشي ڪامورن۽ وڏيرن خلاف لاءِ قلم ڇو نٿو نڪري جيڪي هميشه دشمنان سنڌ جا ساٿاري رهندا اچن، جن سنڌين کي موالي بڻائي سُمهاري ڇڏيو آهي جيڪي سنڌي مسڪينن جي قبضا ڪيل زمينن ۽ گهرن تي ڌاڙا هڻي پاڻ وڏيرا ۽ راشي ڪامورا بڻجي چُڪا اهن. ڇو ڊپ تو ٿئي؟ باقي پنهنجي ماڻهن لاءِ ته اڻ سهپ ۽ تير اُڀا ڀلا هو بهتر ڪم ڪرڻ لڳي ۽ جيڪو سنڌ ۾ پئدا ڪرايل (هٿرادو سياسي خلا ) کي پورو پيو ڪري جو ٻين ۾ ته نادرشاهي سياسي ليڊر بڻجڻ جي به صلاحيت ڪانهين سنڌ جو هر مال پاڻ لاءِ هڙپ ۽ پنهنجو غلام ابن غلام موالي غريب به بکيو ۽ پينون؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Mujeeb Rehman

    Mujeeb Rehman
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جون 2016
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Givt.Employee
    ماڳ:
    Dadu
    سائين اصل ڳالھ اھا آھي ته ڪتابي سياست ۽ عملي سياست ۾ وڏو فرق آھي پراسان اھاشي سمجهڻ ته ٺھيو ٻڌڻ لاء به تيار نه آھيون..اسان جا اھي قومپرست جن قرادادون پاس ڪرائيون ۽ پوء اقتدار جي لالچ ۾ اچي پنهنجا رستا الڳ ڪري سنڌ جي حالت (انهن جي تعليم کسي سنڌين کي هزاران سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو) تبديل ڪري ڇڏي..اسان جي دوستن وٽ صرف هڪڙو ئي موضوع آھي..اسان پنهنجي گريبان ۾ءڏسڻ لاء تيار ئي نه آھيون ته اسان جون ڪهڙيون ڪوتاهيون آھن جن جي ڪري اسان کي عوامي موٽ نه ملي سگهي آھي..(مان آصف زرداري جي پيپلز پارٽي کان هٽي ڪريرڳالهايان پيو مان ان جي حمايت نه به ڪيان).
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان به زميني حقيقتن جي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ لکندا آهيون تصوير جي ٻئي رُخ جي ڪهاڻي جنهن تي ڪو لکڻ به پسند ناهي ڪندو ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ

هن صفحي کي مشهور ڪريو