Sindhi Media
سينيئر رڪن
هڪ ڳالهه تو ڪريان ڇو جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو! نه تنهنجو! نه مُنهنجو !
سنڌ جي تمام (سنڌي پرائيويٽ ادارن) ۾ خاص طور سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا (سنڌي ٽيليويزن) ۾ ڀوتارن ۽ ڪامورن جو، اهوئي ساڳيو حال ۽ حشر هوندو آهي، جيڪي پاڻ ته هر سال نون ماڊلن جي انتهائي مهنگين ۽ بُلٽ پروف گاڏين ۾ ڏيکاءَ لاءِ پوري پروٽوڪول سان گهمندا ۽ رُلندا ڦرندا رهندا آهن ۽ ڪنهنجو سلام وٺڻ ۽ جواب ڏيڻ به پنهنجي توهين سمجهن ۽ سلام جو جواب به انهن بدران پنجي پنجي هزارين تي رکيل اهي ڪلانشنڪوف برادار ئي ڪنڌ ڌوڻي ڏيندا وتن جيڪي ڇهه ڇه گارڊ سندن حفاظت تي مامور هوندا آهن، انهن جي به عجيب ماجرا آهي جن کي شايد ڪڏنهن هوائي بندوق به هلائڻ ايندي هجي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف هوندي اٿن، ته حالانڪه انهن شوباز ڀوتارن جو وٽي تي به نالو ناهي هوندو ته کين سيڪيورٽي ٿريٽ ڪهڙو هوندو پوءِ به هو اسٽيٽسٽڪو ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا ذاتي هاري، بورچي يا گاڏيون صاف ڪرڻ وارن کي ئي حفاظتي گارڊ بڻائي کڻي گهمندا ۽ عياشون ڪندا وتندا آهن ۽ انهن عياشن تي بيجا خرچ به ڪندا ڏٺا ويندا آهن پر پنهنجي انهن غريب ملازمن کي ڏيڻ لاءِ وٽن پگهارجا پنج هزار به ناهن هوندا ۽ ڏوه وري اطلاعت کاتي جو؟ ته رهت ملي ته ڊيليوري ڪبي.
ائيب به ناهي ته هو ڪنهن کي پگهار نٿا ڏين، ها ڪي ڇار پنج وڏا منتظم بشمول اڪائونٽنٽ پنهنجو فُل پگهار وقت کان پهرئين ضرور کڻي وٺندو آهي جيڪو پوءِ مهنن جا مهنا ٻين ملازمن کي ٽاريندو ايندو آهي.
ابا جي ادارا هلائيندڙ مزدورن جي مهني جو خرچ ناهي ته پوءِ اهي ادارا ٺاهڻ جو شوق ڇو ٿا پاليو، اها به هڪ قسم جي دهشت گردي آهي جنهنکي فنانشل دهشتگري چئجي ته چئي سگهجي ٿو جو پوءِ انهن معمولي هزار پگهر کندڙن کي ٻيا ڪوڌا ڪم ڪري پيٽ گُذرڻ ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪي ته گهر جو خرچ نه هُئڻ ڪري نفسياتي مريض ٿي آپگهاتيون به ڪندا آهن ته ڪي پنهنجن ٻارڙن ۽ زالن کي به ماري وجهندا آهن. سرمائيدار ڀوتارن جو ته هميشه اهوئي عمل رهيو آهي ۽ ڪوشش ڪندا آهن ته جي ڪنهن کي ترسائي ترسائي ۽ پيڙها پيڙهائي، پوءِ پگهر اُهو به هفتي وار قسطن ۾ ورهارائي ڏين چڻ ته رازق هُجن پوءِ به جن کي اُجور ڇهن ڇهن مهنن تائين ڪونه ڏين ۽ دفترن ۾ ئي ڪونه اچن ، اهو سڀ ڇو جو عام سنڌي ماڻهون به ڏسندي ڏسندي، غربت گهُئڻ باوجود اسٽيٽسٽڪو رکڻ لاءِ اهڙن نمائشي ادارن م وڃي ٿُڪ بُج تي به ڪم ڪندا آهن ۽ واکائيندا آهن ته فلاڻي جو ماڻهون اهيان ۽ فلاڻي هنڌ ڪم ڪريان ٿو پر کيسي ۾ ٽڪو به هوندو ۽ پوءِ پنندا وتندا.اهي ڪير؟ جي ها اوهي جيڪي پنهنجي حيثيت ۽ اهميت وساري انهن نادرشاهي ڀوتارن ۽ شاهوڪارن جا پير چٽي ، محض ونگار تي غلام ابن غلام بڻيا ويٺا آهن ۽ ٻي هنڌ وڃي هٿ پورهي کان گهٻرائيندا آهن ۽ شان سان چوندا آهن ته ادا ڪجي ڇاٿو، ويٺي به مُفت جو مليو ٿو وڃي نه ! ڀلا پوءِ اهڙن ڪم چور بيوسن تي ڇا ٿو لکي سگهجي، ڀلي مهنن جا مهنا اطلاعات کاتي جي رهتن جو انتظار ڪن. آهن ته ميڊيا ۾ نه ! فخر سان چوندا! خير نيوز وارن رپورٽرس ته ڪنهن شريف کي بليڪ ميل ڪري ڪُجهه نه ڪُجهه بتو حاصل ٿيو وڃي پر اُنهن جو ڇا جيڪي ٽيڪنيڪل اسٽاف هوندو آهي؟ هڪ هنڌ هڪ واحد ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل اسٽاف مهنن جا مهنا پگهار نه ملڻ تي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني ته نيوز وارن چيس ته ڇو ٿو فڪر ڪرين باس پگهار نٿو ڏي ته اسان توکي اهو پگهار ڏينداسون ! وڃ ! ته اداري جي ڀوتار کان ته وڌ اهي ٿيا جو ڪنهن ونڊ مان ٽيڪنيڪل اسٽاف کي ڏئي پنهنجي گاڏي هلائين پيا !